غزل ڪنهن کي پنهنجي گَھر جون سوچون ڪنهن کي دولت زَر جون سوچون ڪيئن غريبي جان ڇڏيندي؟ پنهنجي ساري تَر جون سوچون وڇڙي ڪونج ڪري ٿي دانهون هن کي هاءِ وَلر جون سوچون ڇا لئه ايڏي دير ڪيائين گھر واريء کي وَر جون سوچون سانوڻ آيو خوش ٿيا مارو هاريء کي ڀي هر جون سوچون جيئن جھڙالي موسم آئي ڪنهن کي تيئن ڇَپر جون سوچون چور ڪري چوري آ ڦاٿو هن کي هاڻي چَر جون سوچون منزل ماڻي شال وٺان مان شوڪت کي ته ثَمر جون سوچون