ادب زندگي جو ھڪ آھينو آھي، تنھن ڪري ادب جي مسئلن کي زندگي جي مسئلن کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. ان جو مطلب ھي آھي ته زمان ۽ مڪان جي حدن کان مٿاھون ٿي پنھنجي خوبين ۽ خامين کان آگاھ ٿي ڪري انسانيت کي ترقي جي راھ ڏيکاري سگهي. ھڪ سٺي اديب جو فرض آھي ته ھو گذريل وقت جي حالتن کان حال کي باخبر ڪري. ادب جو معيار ھي آھي، ته انسانن جي مقصدن جي ترجماني ھن طريقي سان ڪري جو وڌ کان وڌ ماڻھو ان کان اثر انداز ٿين. ايئن کڻي چئجي ته ادب زندگي جو ٻيو نالو آھي يا وري ٻين لفظن ۾ ھي به چئي سگهجي ٿو ته ادب زنگي جو ترجمو آھي. ادب انساني خيالن احساسن ۽ جذبات کي مختلف تريقن سان ظاھر ڪندو آھي. جيسيتائين زندگي عروج ۽ ارتقاٰء حاصل ڪري ٿي، اھڙي طرح ادب کي به اعليٰ مقام حاصل آھي. زندگي ۽ ادب جي لاءِ چيو ويندو آھي ته “ادب انسانيت جو نقطو آھي”. ۽ اھڙيءَ طرح ھي ادب اسان جي خامين ۽ ڪوتاھين کي ظاھر ڪري ٿو. ادبي مسئلن کي زندگي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي، صرف ھي نه پر ادب زندگي جي قافلي جو اڳواڻ پڻ آھي. زندگي ۽ ادب جو ھڪ ٻئي سان تمام گهرو تعلق آھي، ادب جي تخليق اسان جي معاشي زندگي جو ھڪ حصو آھي ۽ ادب زندگي جو پردو آھي. زندگي ۽ ادب جو مقصد به ھڪ ئي آھي ادب اسان جي جذبن کي ظاھر ڪري ٿو ۽ جذبا بھتر نموني سان سٺي ماحول کي ضرور اثر انداز ڪن ٿا. مختصر لفظن ۾ ھي چئي سگهجي ٿو ته ادب کان سواءِ زندگي اڻ پوري ۽ نا مڪمل آھي ۽ زندگي ادب جي اصولن جو نالو آھي. مسعود احمد