(عيدالاضحى جي مناسبت سان) اچو ته! قرباني جي اهميت کي سمجهون! تحرير: حبيب مرکنڊ اسلامي ڪئلينڊر جو آخري ذوالحج وارو مهينو ڪيترن ئي واقعن سان ڀريل آهي ۽حرمت وارن مهينن مان پڻ هڪ آهي، اسلامي سال جي شروعات به حرمت جي مهيني (محرم الحرام) سان ته انتها به حرمت واري مهيني (ذوالحج) سان ٿئي ٿي. هن ڀلاري بابرڪت مهيني ۾ اسلام جو پنجون بنيادي ۽ اهم رڪن حج پڻ ادا ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڪري هن مهيني کي ذوالحج وارو مهينو به ڪوٺيو وڃي ٿو. هي مهينو صرف سفر حج ۽ عمره تي وڃڻ وارن جي لاءِ نه بلڪي پوري زمين تي رهندڙ انسانن لاءِ وڏي فضلت، برڪت ۽ رحمت وارو مهينو آهي. هن مهيني جي ڏهين تاريخ کي يوم نحر، قرباني ۽ عيد الاضحى جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هر سال عيدالاضحى جي موقعي تي مسلمان سنت ابراهيمي جي پيروي ۾ خدا پاڪ ۽ ان جي رسول حضرت محمد صعلم جي حڪم کي تسليم ڪندي جانورن جي قرباني پنهنجي طاقت مطابق ڪندا آهن جيڪا زمانه قديم کان هلندڙ آهي، هي هڪ جان جو نذرانو آهي جيڪا خدا پاڪ جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي. عيد الاضحى دين اسلام جي پيروڪارن جي لاءِ ٻيو عظيم ڏينهن آهي جيڪو پنهنجي اهميت، فضيلت، معنى ۽ روحانيت جو خاص مقام رکي ٿو. خدا پاڪ مسلمانن کي سال ۾ ٻه وڏيون عيدون عطا ڪيون آهن جن مان هڪ عيدالطر ۽ ٻئي عيد الاضحى آهي، عيدالفطر ته رمضان المبارڪ جي انعام جي طور تي ۽ ٻئي عيدالاضحى، جيڪا حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ ان جي فرزند ارجمند جي قرباني، ايثار، اخلاص ۽ وفا کي ياد ڪري سنت ابراهيمي تي عمل، خدا پاڪ جي رضا جي لاءِ جانور ذبح ڪري بارگاهه خداوندي مان بي پناهه ثواب ۽ نيڪيون حاصل ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جنهن کي وڏي جوش ۽ جذبي سان هر سال پوري دنيا ۾ مسلمان ذوالحج جي ڏهين تاريخ تي ملهائين ٿا. قرباني جي عيد جو اهو ڏينهن آهي جيڪو پنهنجي اندر خاص اهميت رکي ٿو، ڇو ته قرباني هڪ سنت، هڪ واقعو ۽ خدا پاڪ جي پياري ٻانهي جي عمل جي ياد جو ڏينهن آهي جيئن ته اڄ عيد الاضحى جو ڀلارو ڏينهن آهي جنهن جي لاءِ اسان سڄو سال انتظار ڪندا رهندا آهيون، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته دين اسلام ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو جديد، انسان دوستي وارو ماحول پيدا ڪندڙ ۽ رواداري وارو مذهب آهي جنهن ۾ ٻين مذهبن جي ماڻهن، انهن جي عبادتگاهن ۽ انهن جي جذبن جو احترام رکڻ جو درس ملي ٿو، ان ڪري اسان سڀني تي اها ذميواري بڻجي ٿي ته اسان پنهنجي آسپاس جي رهندڙ ماڻهن جو خيال رکون ۽ انهن کي عيد جي خوشين ۾ شريڪ بڻايون. عيد جو ڏينهن اسان کي اهو سبق سکاريندي پنهنجون ذميواريون ياد ڏياري ٿو ته غريبن، بيواهن، يتيمن ۽ بيمار ماڻهن جي هر طرح سان مدد ڪيو. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان پوري طرح انسان دوست بڻجي ڪري انهن جي سار سنڀال ڪري سگهون ٿا. عيد جي ڏينهن تي اسان ڪيترا به خوبصورت وڳا پهريون ۽ پنهنجي گھرن ۾ ڪيترا به قيمتي طعام ڇو نه تيار ڪيون پر جيڪڏهن اسان جو ڪو پاڙي وارو ۽ ان جا معصوم ٻار ڪپڙن توڙي عيد جي خوشين کان محروم آهن ته پوءِ اسان کي گھرجي ته پنهنجي حيثيت مطابق انهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان جي معاشري ۾ قرباني جھڙي عظيم عبادت به نفس پرست ماڻهن کي قرباني جو حقيقي مقصد ۽ مفهوم سمجهائي نه سگھي آهي. جتي انسان جو اخلاق ۽ انساني قدرن جو زوال جي طرف اشارو ملي رهيو آهي ته اتي وري رياڪاري، ڏيکاءُ، نالي وارو قرباني جو جذبو، خدمتِ خلق، ايثار رواداري، تسليم ۽ رضا جي جذبي ۽ احساس کان محروم بڻيل نظر اچي ٿو. هي به هڪ حقيقت آهي ته ڪثرت سان ٿيندڙ عيد جي موقعي تي جانورن جي قرباني جو ته وڏو اهتمام ڪيو ويندو آهي پر پنهنجي انا، منافقت، خودغرضي، حرص لالچ، تڪبر ۽ غرور جي بتن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. جانورن جي قرباني جي جذبي کان سرشار هوندي به ايثار قرباني جي حقيقي انساني جذبي کان پري پيل آهيون. قرباني ۽ ايثار جي جذبي کي جيڪڏهن اسان پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ اپنايون ته اسان جو معاشرو جنت بڻجي ويندو، اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ ڏيکاءُ ۽ نمائش وارو ڪم زياده ٿي رهيو آهي، پر اسان جو معاشرو عملي طور تي بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ نظر نٿو اچي، جنهن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ بک بدحالي، جهالت، منافقت ۽ دشمني وارو ماحول ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جهڙي طرح سان قرباني جو ظاهري طور تي اهتمام ڪيو وڃي ٿو اهڙي طرح سان ايثار ۽ قرباني جو جذبو اسان جي عملي زندگي جو حصو بڻجي وڃي ته اسان جا سمورا ڏک درد ۽ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. قرباني جي عيد حقيقت ۾ بندگي جي اظهار جو ڏينهن آهي، انسان پنهنجي نفس ۽ نفساني خواهشن کان پاسو ڪري خدا پاڪ جي بندگي ۾ اچي ٿو. قربان واري عيد جو سج اڀرڻ پوري دنيا لاءِ هڪ نئي زندگي، هڪ نئي خدائي رنگ سان رنگجڻ ۽ خدا پاڪ جو تقرب حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته “هر اهو ڏينهن جنهن ۾ انسان خدا پاڪ جي نافرماني نه ڪري عيد جو ڏينهن آهي”. ڇو ته خدا پاڪ جي نافرماني ڪرڻ سان انسانن ۾ اختلاف پيدا ٿين ٿا جنهن جي ڪري ٻين انسانن جو سڪون ختم ٿئي ٿو ۽ سڪون جو ختم ٿيڻ، خوشي ۽ عيد جي مخالف آهي. بهرحال! دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن، هر مذهب ۽ هر سماج ۾ قرباني ڏنيون ويون آهن ۽ ڏنيون وينديون، پر حضرت ابراهيم عليه السلام جي قرباني کي جيڪو خاص مقام بارگاهه خداوندي ۾ آهي ان جو مثال ڪڏهن به پيش نه ٿو ڪري سگھجي. جاهليت واري زماني ۾ قرباني بُتن جي سامهون ڪئي ويندي هئي. حضرت ابراهيم عليه السلام قرباني کي خدا پاڪ جي راضپي ۽ قرب سان مخصوص ڪيو. جاهليت واري زماني جي غلط رسمن کي حضرت ابراهيم عليه السلام ختم ڪيو، جيئن قرباني جي گوشت کي حرام سمجهڻ جڏهن ته اسلام قرباني جي گوشت کي کائڻ نه صرف جائز بلڪ مستحب قرار ڏنو آهي يا جيئن بني اسرائيل آسمان مان باھه جي اچڻ کي قرباني جي قبوليت ڪوٺيندا هئا. الغرض ته! قرباني جو حڪم سڀني امتن لاءِ هو قرباني جو مقصد خدا پاڪ جي حڪم جي اطاعت آهي. قرباني سان خدا پاڪ جو ذڪر ٿئي ٿو، خدا پاڪ جي ياد اچي ٿي. قرباني تي خدا پاڪ جو نالو کڻڻ ۽ خدا پاڪ جي رضا جي خالص نيت جو دل ۾ هجڻ ضروري آهي. جڏهن ته گمراھه ماڻهو بُتن جي سامهون قرباني ڪرڻ کي خدا پاڪ جو قرب سمجهندا هئا. حضور اڪرم صه جن فرمايو ته“ جيڪو صاحب نصاب ۽ صاحب حيثيت هجي ۽ قرباني نه ڪري ان کي گھرجي ته اسان جي عبادتگاهن ڏي نه اچي”. هجرت کان پوءِ حضور اڪرم صه جن هر سال قرباني ڪندا هئا ۽ سوال ڪرڻ وارن کي جواب به ڏيندا هئا ته “هي قرباني توهان جي پيء حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت آهي. ڏٺو وڃي ته انسان جي زندگي قرباني جي عبارت آهي، وڏو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ آرام، خواهشن ۽ مال جي قرباني ڏيڻ، تعلقات کي صحيح ۽ خوش رکڻ جي لاءِ پنهنجي انا جي قرباني ڏيڻ ضروري آهي، رشتن جي پائيداري، خاندان ۽ گھريلو زندگي جي حسن کي برقرار رکڻ جي لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن ۽ هي قربانيون خالص خدا پاڪ جي لاءِ هجن ته خدا پاڪ بي بها نعمتن سان نوازيندو آهي. عيدالاضحى جي موقعي تي ٽي ڏينهن قرباني ڪرڻ انهن تي فرض آهي جيڪي صاحب حيثيت ۽ صاحب نصاب آهن. قرباني جي قبوليت جو معيار خدا پاڪ جي درٻار ۾ سهڻي نيت، سچائي ۽ اخلاص تي دارومدار رکي ٿو، عمل جيڪڏهن سچائي ۽ اخلاص جي بنا تي آهي ته اهو ڀلي ٿوري ئي ڇو نه هجي انسان جو درجو بلند ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو عمل (قرباني) اخلاص ۽ سچائي کان خالي آهي پوءِ چاهي اهو ڪيترو به وڏو ڇو نه هجي خدا پاڪ جي درٻار ۾ ڪا به اهميت نه ٿو رکي. قرباني خدا پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندي آهي. قرباني ڪرڻ، خدا پاڪ سان محبت جي نشاني آهي ڇو جو انسان جيتري قدر خدا پاڪ سان محبت ڪندو ايتري قدر پياري شي ان جي راھه ۾ قربان ڪندو آهي. انسان حقيقت ۾ قرباني جي جانور ذبح ڪرڻ ذريعي پنهنجي برين عادتن کي ختم ڪندي شهوت پسند نفس کي ذبح ڪري ٿو. خدا پاڪ جو فرمان آهي ته “خدا پاڪ وٽ توهان جي جانور جو خون ۽ گوشت نٿو پهچي، بلڪي توهان جي تقوى ۽ پرهيز گاري پهچي ٿي”. ڪاش! جيڪڏهن اسان هن ننڍڙي آيت ۽ سنت ابراهيمي جي حقيقي روح کي سمجھون ۽ صحيح معنى ۾ عمل پيرا ٿيون. دعا آهي ته خدا پاڪ اسان سڀن جون قربانيون قبول فرمائي. آمين