رزاق مهر: هڪ سج جيڪو الهي ويو! مير نادر علي ابڙو سال ۱۹۸۷ع ڌاري، مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. خبر پئي ته؛ پاڪستان ٽيلي ويزن تي مشهور ڊرامه لکندڙ رزاق مهر هتي ليڪچرار آهي. وڏي شوق سان وڃي ساڻس مليس. طبيعتًا ماٺيڻو ماڻهو، صبر تحمل وارو، ٿڌي زبان استعمال ڪندڙ، ڪچهريءَ ۾ رڳو ادب تي پئي ڳالهايائين. ويٺس ته اٿڻ تي دل ئي ڪو نه پئي چيو. سندس مٺڙي ڪچهريءَ پيرن ۾ ڄڻ زنجير وجهي ڇڏيا. اهڙيون ڪچهريون ساڻس ڪاليج ۾ تعليم دوران ٿينديون رهيون. آخرڪار مون به تعليم مڪمل ڪري، لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويس. هڪ دفعي مون وٽ رات جو رزاق مهر اچي پهتو ۽ چيائين ته؛ ادا اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جيئن ته سرڪل آفيسر آهيو ۽ اوهان جا لاڙڪاڻي ۾ ذاتي واسطا تمام گهڻا وسيع آهن. تنهنڪري مهرباني ڪري پنهنجن دوستن يارن کي چوندا ته؛ مون کي پاليسيون ڏين. انهيءَ سلسلي ۾ مون کيس ڪجهه دوستن ڏانهن موڪليو، جن سندس مدد ڪئي. مطلب ته رزاق مهر ڏينهن رات پنهنجي حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ رڌل رهيو. رزاق مهر، سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي مراد واهڻ محلي ۾ ڄائو. رزاق مهر ڪنهن جاگيردار سرمائيدار گهراڻي جو ڪو نه هو، پر غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس والد فوت ٿيو، جنهن بعد سندس چاچا سندس مٿان شفقت جو هٿ رکندا آيا. پنهنجي محنت ۽ شوق ڪري ئي، هو ليڪچرار ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا، انهي ڪري هن هڪ دفعي ننڍپڻ ۾ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر وڏڙن جي سمجهائڻ تي هن زندگي سان وري پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۾ محنت ڪيائين ۽ پنهنجي محنت جي زور تي ئي هن شخص ننڍي عمر ۾ ئي وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي. سندس ادب سان بيحد پيار هو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ع ڌاري لکي. رزاق مهر کي پنهنجي ڌرتي جي غريب پيڙهيل طبقي سان وڏي محبت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين کي پيش ڪري هڪ تاريخي ڪم ڪيو. رزاق مهر پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿي جي اڳيان“ لکي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو. هن کي ننڍپڻ ۾ ئي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهن شوق ئي هن کان اسٽيج لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکرايا. ٽي وي لاءِ هن ۱۹۸۴ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ”جياپو“ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. سندس ٻي ڊراما سيريل ”وڇوٽيون“ بادل جمالي پيش ڪئي. ٽين ڊراما سيريل ”پاتال“ هئي ۽ چوٿين ڊراما سيريل ”نبيرو“ جيڪا پڻ مشهور ٿي. هن ۵۰ جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون ۽ ۳۵ جي لڳ ڀڳ آرٽ پلي لکيا. ”ڏسي ڏکوئين کي“ جي عنوان تحت ڪالم پڻ لکيا. سندس هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪرندڙ دانهن“ اڻ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪهاڻي ”آڙاهه“ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران ڊرامي ”جياپي“ تي کيس ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن جا ٽي وي ڊراما؛ ۱. زندگي ڏانهن ڦيرو، ۲. ڇوٽڪارو ۽ ۳. راهه جو پٿر، به تمام گهڻا مقبول ٿيا. هن ئي سنڌ ۾ پهريون وڏيرن طرفان قائم ڪيل نجي جيلن کي وائکو ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي ڪيترن وڏيرن جا نجي جيل ظاهر ٿيا. سندس ڊرامو ”فاصلو“، ڪراچي سينٽر تان رڪارڊ ٿيو آهي. اردو ڊرامو سيريل ”تاريڪ راهون ڪي مسافر“ به رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو پڻ جلد پيش ٿيندو. رزاق مهر جي سنگت تمام گهڻن ماڻهن سان هئي. جڏهن رزاق مهر ايندو هو ته محمد علي پٺاڻ ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. محمد علي پٺاڻ، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي هڪ مضمون لکيو هو ۽ رزاق مهر کي به شوق هو ۽ چوندو ھيو ته؛ ”اوهان جي والد تي مان به هڪ تفصيلي مضمون لکندس.“ مگر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ هيءُ سنڌ جو نوجوان اديب، شاعر، ڊراما نويس ۽ يارن جو يار، ايترو جلد اسان کان جدا ٿي ويو جو اهو وهم گمان ۾ به ڪو نه ٿو اچي. اڄ رزاق مهر اسان جي وچ ۾ ڪو نه رهيو آهي پر، هن جي ادب ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خدمت، هميشه هن کي زنده رکندي ۽ هن جو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه نالو سنهري لفظن ۾ زنده رهندو. ”موت شل موت پوئي اهڙا پيارا ماڻهو سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.“ (سچ، تعمير سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، عوامي آواز، سنڌ) سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود رزاق مھر جي ڪھاڻين جا مجموعا: 1. ڊھندڙ ليڪا 2. سڪون ڪٿي آھي
رزاق مهر پورو نالو رزاق مھر ولد رانجهو خان مھر، ادبي نالو رزاق مھر. تاريخ پيدائش 20 جولاءِ 1954ع ڏينھن اڱارو، 18 شوال 1373 هجري، 5 ساوڻ 2011 بڪرمي تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. بي.اي ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ايم.اي سنڌي ادب ۾ 1979ع سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. ملازمت جي شروعات ڊرافٽس مين جي حيثيت سان بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪئي. 1989ع ۾ ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، مختلف شھرن جي ڪاليجن جھڙوڪ جوهي، قمبر ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪيائين. پھرين ڪھاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکيائين. سندس ڪھاڻين جا مجموعا ”سڪون ڪٿي آهي“، ”ڊهندڙ ليڪا“ 1982ع ۾ ڇپيا. رزاق مھر فقط ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه هيو پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هو. هن جي ڪھاڻي ”آڙاهه“ کي 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بھترين ڪھاڻيءَ جو ايوارڊ مليو. سندس وفت 15-آگسٽ 2002ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري ٿي. لاڙڪاڻي جا صاحبِ ڪتاب ڪهاڻيڪار : جيئل اوڏ تان ورتل
هڪ جينيس ڪھاڻيڪار رزاق مھر جي جُدائيءَ جو ڏينھن جاويد شيخ سائين مرحوم رزاق مھر هڪ بھترين ڪھاڻيڪار، ان کان به بھترين ڊرامي نگار ۽ وري خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه ته ٻنهي مٿين خوبين کان به گهڻي ڀلي ۽ سوٻر سندس شخصيت هُئي. آءٌ خوش نصيب آهيان جو جڏهن مان 30هين مئي 2005ع تي بحيثيت ليڪچرار سنڌي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جوائن ڪرڻ لاءِ پھتس ۽ جوائننگ ڏيڻ کان پوءِ سڀ کان پھرين منھنجي ڀليڪار مرحوم رزاق مھر جي هڪڙي سنگتيءَ نامور شاعر ۽ اديب سائين محمد علي پٺاڻ ڪئي جنھن پھرينءَ مُلاقات ۾ ئي پنھنجائپ جو احساس ڏياريو. اها سائين محمد علي پٺاڻ جي مھرباني چئبي جو هُن مون کي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ اها ئي ميز ۽ ڪُرسي آڇي جنھن تي سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو ڪھاڻيڪار، معتبر ماڻهو مرحوم رزاق مھر ويھندو هو. منھنجا ڪيڏا نه ڀاڳ ڀلا چئبا جو مون هڪ جينيس اديب جي مُستعمل شين کي پڻ پيار سان پنجن سالن تائين ڪتب آندو. بعد ۾ مون ميڊيڪل مجبوريءَ سبب لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ بدلي ڪرائي ۽ ائين ڪاليج جي سموري سنگت ۽ رزاق مھر صاحب جون يادون پُٺتي ڇڏي آيس. منھنجون سائين رزاق مھر سان ٻه چار ملاقاتون ٿيل هيون. هُو Lookwise Genius لڳندو هو. جھڙي سندس طبيعت يا سُڀاءُ هو اهڙا ئي سندس ڊراما ۽ ڪھاڻيون هيون. هُو خوبصورت زندگيءَ جي تلاش ۾ رهندڙ ڪنھن عالَمي قد جي صوفي سنت کان گهٽ نه لڳندو هو جنھن جون ڪھاڻيون پڙهي ۽ ڊراما ڏِسي مون کي گوتم ٻُڌ جا زندگيءَ يا ڪائنات متعلق فلسفاڻا وِيچار (جن کي زندگيءَ بابت گوتم ٻُڌ جو نظريو پڻ چئي سگهجي ٿو) ”سروم دُکم دُکم“ يعني زندگي ڏُک ئي ڏُک آهي ذهن تي تري ايندا آهن. واقعي زندگي انتھا جي ڏُکي آهي جيڪا هوبھو رزاق مھر جي ڪھاڻين ۾ اسان کي نظر اچي ٿي پر سائين رزاق مھر جي ڪھاڻين، ڊرامن ۾ وري سنڌ جي زندگي ته گوتم ٻُڌ جي تصور کان به گهڻي دُکدائڪ نظر اچي ٿي جيڪا سنڌ جي ننڌڻڪين اسپتالن ۾ اڪثر علاج جي آسري ۾ ذليل و خوار ٿيندي رهي ٿي. بعضين ته زندگي چالاڪ ۽ شاطر سياستدانن جي سازشن جو شڪار ٿيندي رهي ٿي جنھن جي تصوير ڪشي رزاق مرحوم پنھنجيءَ ڪھاڻيءَ ”پروٽوڪول“ ۾ ڪئي آهي..... ”سنڌ فطرتن سُھڻي ۽ قدرتن مالا مال آهي پر صدين کان ڌارين جي ڪاهن کان ويندي پنھنجن وڏيرن، ميرن، پيرن، ڀوتارن، امير شاهيءَ جي ڏنل گهائن تائين منھنجيءَ ڌرتيءَ وڏو ڏُکوئيل سفر طئه ڪيو آهي جنھن جي ڪُجهه دور کي رزاق پنھنجي ڪھاڻين يا ڊرامن ۾ ڏيکاريو آهي ته جيئن اسان سنڌ جي سُڌاري لاءِ تدبيرون ڪري سگهون ڇا ڪاڻ ته سندس فڪري ڪھاڻيون سنڌ ڌرتيءَ جي ڏُکويل، ڏُتڙيل، پيڙهيل ۽ پريشان حال ماڻهن جي حالتن جي ڀرپور وَڪالت ڪن ٿيون جڏهن ته سندس ڊراما هڪ قابل ۽ ايماندار مُصنف جيئان مجبور ۽ محڪوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. سندس ڪھاڻيون ۽ ڊراما بدنصيب سنڌ جي سينڌ (نصيب) سنوارڻ لاءِ سِندُور جو ڪم ڏئي رهيا آهن. رزاق مھر جي ڊرامن جي وري خاص اهميت آهي. پي ٽي ويءَ تي سندس ڪيترا ئي ڊراما هليا ۽ مشھور به ٿيا پر سندس هڪڙو ڊرامو جياپو دُنيا جي ڊرامن ۾ پنھنجو مثال پاڻ آهي جنھن ۾ رزاق صاحب شيخ ايازي فڪر ”ڏات وڏي شئي ناهي......“ کي ڀرپور موٽ ڏيندي ڊرامي (سچ) ذريعي جيڪو مچ تيار ڪيو تنھن تي مچ (سچ) جي باهه اُن وقت ايترو ته ڀڙڪو کاڌو جو اُن باهه جو سيڪُ سنڌ جي هر ظالم جاگيردار، زميندار، وڏيري پنھنجي هنيانءَ تائين محسوس ڪيو ۽ جنھن کان پوءِ ئي نجي جيلن وارين ڀيانڪ ۽ ڌرتي ڌوڏيندڙ حقيقتن تان پردو کڄيو هو. مرحوم رزاق مھر جي افسانوي ٻولي سنڌ جي غريب ۽ ڏُکويل لوڪ جي معصوم روئندڙ اکين ۾ ڏٺل سُھڻن ۽ تعميري خوابن جھڙي پُرڪشش ۽ پياري لڳي ٿي. هو پنھنجي نثر ۾ تجنيس حرفيءَ جي استعمال جو هُنر بخوبي ڄاڻي ٿو. هيٺ سندس سُھڻي نثر جا ڪُجهه ننڍڙا ٽُڪرا پيش ڪجن ٿا جن ۾ ذهني ڪاريگريءَ جا وڻندڙ نمونا پڙهي سگهجن ٿا. هُن جي هڪ ڄنگهه اَڌ کُليل چاقوءَ جيان وريل هُئي ۽ ٻي ڄنگهه فرش جي وِچ ڏانھن سِڌي ڪيل هُئي جنھن مٿان سندس بيمار ٻار اُڀا اُڀا ساهه کڻي پنھنجي ننڍڙيءَ هستيءَ جي فنا ٿيڻ تي ڄڻ احتجاج ڪري رهيو هو. هُن کي لڳي رهيو هو هُن جي زندگيءَ جي ماٺي تلاءَ ۾ بيماريءَ جي ڳوري ڇِپ ڪرڻ سان جيڪا هلچل پيدا ٿي هُئي اُها هِت پھچڻ سان هاڻي ڄڻ ته خاتمي جي آخري حدُن ۾ داخل ٿيڻ واري هُجي. اسٽول تي هڪ نوجوان عورت ويٺي هُئي. هوءَ نَڪ جي چوٽيءَ تائين بُرقعي جو نقاب ڏئي هُن سان ڳالهائي رهي هُئي. ڳالهائي ڇا رهي هُئي؟ هُن کي پنھنجي اکين سان گهائل ڪرڻ جا سمورا هٿيار هُن ڏانھن اُڇلائي هُن جي دل کي ڦَٽي چُڪي هُئي. RMO هڪ زخمي مُرڪ چپن تي آڻي پني تي ڪُجهه لکيو ۽ اسٽول تي ويٺل اُن خوبصورت عورت جي اکين ڏانھن ڪنھن شڪست کاڌل فوج جي سپاهيءَ جيان ڏٺائين ۽ هوءَ اکين جي عالَمي ٻوليءَ سان هُن جو ٿورو مڃي هُن جي هٿ مان لکيل ڪاغذ وٺي جيئن اُن اسٽول تان اُٿي تيئن هُو وڃي ويٺو. ويٺو نه ڄڻ ڪِريو هُجي! هلندي هلندي اوٻاسي ڏنائين. اوٻاسي ڏيندي آڱرين جي هلڪي ٿڦڪي وات تي هنيائين ته لاشعوري طور هٿ هفتي جي وڌيل ڏاڙهيءَ ڏانھن کڄي ويس. کيسي ۾ هٿ هنيائين. چار آنا به ڪونه هُئس جو بليڊ وٺي. زندگيءَ کي اُگهاڙي گار ڏئي ڪڍيائين. رزاق مھر جي ڪھاڻين ۽ ڊرامن کي پڙهي ڏِسي ائين لڳي ٿو ته سندس ڪردار زندگيءَ جي هر در تان ڌِڪارجي، مايوس، نااُميد ٿي مطلب هٿين خالي ٿي موٽندي نظر اچن ٿا. هُنن جي جائز حاجتن دوائن، علاج، نوڪريءَ، ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ هنيل صدا کي ڪو ليکي ۾ ئي نه ٿو آڻي. تنھن ڪري هُو هر وقت سُڪون جيءَ تلاش ۾ ئي رهن ٿا پر سُڪون کين ڪٿي به ميسر ناهي. رُڳو بدحالي، غُربت ۽ بي سُڪوني ئي سندن پلئه پئي ٿي.