• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪلا پرڪاش: ساهتي پرڳڻي جي سڃاڻپ بڻيل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
m6RahYF.jpg



ڪلا پرڪاش: ساهتي پرڳڻي جي سڃاڻپ بڻيل

ساهتي پرڳڻي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هُن زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. ايئن سنڌي ادب ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي جو اهم حصو رهيو آهي. هڪ اهڙو حصو، جنهن کي الڳ ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ڪمي رهجي ويندي.
ائين سنڌي ادب جو ذڪر ڪرڻ وقت ساهتي پرڳڻي جي نهايت علمي ادبي شهرنما ڳوٺ خانواهڻ ۾ 2 جنوري 1934ع تي جنم وٺندڙ، سنڌ توڻي هنڌ ۾ هڪ جيتري ادبي مڃتا رکندڙ، ڪلا پرڪاش کي ذڪر هيٺ نه آڻبو ته اهو تذڪرو پڻ اڻ پورو رهجي ويندو. سنڌي ادب کي درجن کان وڌيڪ ناول ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ هڪ روح ۾ گهاءُ ڪندڙ سفرنامو ڏيندڙ ڪلا پرڪاش، اڄ ڪلهه سنڌين جي اڏيل شهر آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ليکڪ ۽ بيحد خوبصورت شخص ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان زندگي گذاري رهي آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين بابت، هنڌ توڻي سنڌ جي، نقادن وٽ اهو قبول ڪيل آهي ته؛ سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ نفي/ نگيٽوِ ڪردار نه آهن ۽ اهڙي مثال مان سندس اندر جي اجرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
ڪلاپرڪاش ان ٽه-مورتيءَ مان هڪ مورتي آهي، جنهن جون باقي مورتون؛ پوپٽي هيراننداڻي ۽ سندري اتمچنداڻي جي نالي سان سنڌي ادب ۾ ياد ڪيون وڃن ٿيون.
ڪلاپرڪاش سنڌ کي ڇڏڻ کانپوءِ، ممبئي وڃي وسائي ۽ زندگيءَ جو چڱو عرصو دبئي ۾ گذارڻ کانپوءِ، هاڻ آديپور ۾ گذاري رهي آهي. هُن سنڌي ادب کي نه رڳو حسين، پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙا ڪتاب ڏنا آهن، پر اڄ هند ۾ سنڌي غزل جي ضمانت بڻيل شاعر شريڪانت صدف به ڏنو آهي. ايئن ڪلا پرڪاش جو سمورو گهر، سنڌي ادب لاءِ هڪ احترام لائق گهر آهي.
سندس ناول پکن جي پريت ۽ پيار پڙهندي خانواهڻ ۽ ڪنڊياري جي يادن وارا احساس پڙهندي اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿي وڃن ٿيون.
ڪلا پرڪاش 5 آگسٽ 2018ع تي دل بيھڻ سبب اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي وئي.


ڪلا پرڪاش جو ناول ”آرسيءَ آڏو“ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ھن لنڪ تان پڙھي سگهو ٿا.

ڪلا پرڪاش بابت وڪيپيڊيا جي ھن لنڪ تي پروفائل پڙھي سگهو ٿا.
 
Back
Top