• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسجد ۾ گانو ، توبه توبه

zaheer hussain

سينيئر رڪن
مسجد ۾ گانو ، توبه توبه

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

جيئن جو تيئن دنيا نئينءَ ٿيندي پئي وڃي ، ته انسان به پنھنجيون مقررہ حدون ڪراس ڪندو پيو وڃي .
بھرحال منھنجو اڄوڪو موضوع رياست پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪجھه اھڙن واقعن جي باري ۾ آهي . جن واقعن اسلام جي حقيقي پوئلڳن کي وڏو ڏک رسايو آهي ، انھن ڪارنامن کي سرانجام ڏيڻ وقت اسلامي قانونن جي ڪا به رعايت نه ڪئي وئي آھي . رعايت ته پري جي ڳالهه آهي ، پر رهيو سھيو اسلامي قانونن جي ابتڙ (برعڪس) انھن ڪارنامن کي سرانجام ڏنو ويو آهي .
اسلام ۾ مرد ذات فقط عورت ذات سان شادي ڪري سگهي ٿو ، حتاڪہ ٽئي جنس سان به شادي نٿو ڪري سگهي . پر ھڪ اھڙي ملڪ ۾ جيڪو اسلام جي نالي سان ٺھيو آهي ، ۽ ان ملڪ ۾ ڪجھ ڪارنامن کي اسلام جي قوانين جي خلاف سرانجام ڏنو ويو آهي .
جيئن ڪجھ وقت پھريان ھڪ عورت ، ٻئي عورت سان شادي ڪئي . اھڙي بيڪار ڪارنامي کي سرانجام ڏيڻ وقت اسانکي اسانجي رياست گھري ننڊ ۾ ستل نظر ايندي.
شادي ڪرڻ واري ھڪ عورت کي دارالامان موڪليو ويو ، ٻئي کي وري عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جي ڪري ان کي گرفتار ڪرڻ جا وارنٽ جاري ڪيو ويو آهي .
اھيو ڪارنامو ان ڪري سرانجام ڏنو ويو ته ، انقريب اھڙن ڪافي سارن ڪارنامن کي جلد از جلد مشرق ۾ متعارف ڪرايو ويندو .
اسان سڀنين کي سوچڻ گهرجي ته عورت جي عورت سان شادي ، مرد جي مرد سان شادي . اسلامي تعليم مطابق اھيو ڪيڏو نه وڏو گناه آهي . اگر ان ڳالهه جو رياست پاڪستان کي احساس
ھجي ھا ته ، انھن ٻنھن عورتن جي خلاف ٺوس قدم کڻي ھان .
۽ انھن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري ھان . ۽ ھن وقت تائين انھن ٻنھن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو وڃي ھان . ۽ انھن کي ڪا ڪڙي سزا ڏني وڃي ھان ، تاڪ ھون ھڪ اھڙي مثال بڻجي وڃن ھان . ۽ ٻيو ڪو اھڙي حرڪت ڪرڻ جو خيال به پنھنجي ذھن ۾ پيدا ڪرڻ جي جرئت نه ڪري ھان.

يا وري ھن وقت جنھن ڪارنامي کي تازو سرانجام ڏنو ويو آهي . مسجد جنھن کي ڪرونا وائرس جي ڪري بند ڪيو ويو ھو ، ان ۾ نماز جماعت جي ادائيگي کي به موخر ڪيو ويو . پر اسان سڀني ڏٺو ته مسجد جي تقدس کي پائمال ڪندي ، ھن مسجد کي ڳائڻ ، ۽ نچڻ وارن لاءِ کوليو ويو .
۽ اھيو ڪارنامو به ھڪ اسلامي رياست پاڪستان ۾ سرانجام ڏنو ويو .

مسجد ، رب پاڪ جو گھر آھي ، جتي اسان سڀ مسلمان فقط الله سائين جي عبادت ڪرڻ لاءِ وڃون ٿا. مسجد جو ھڪ پنھنجو تقدس آهي ، جنھن جو خيال رکڻ ھر مسلمان سان گڏوگڏ ھر ان ملڪ جو فرض آهي جيڪو اسلام جي نالي سان ٺھيو ۽ جڙيو آهي . پر اسان وٽ بلڪل ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي .
اگرچہ ڪو به مسلمان مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃي سگھي ٿو . پوء چاھي اھو ھڪ گانو ڳائڻ وارو ھجي ، يا ھڪ نچڻ وارو ھجي . يعني ان ڳالهه جو مطلب هيءُ ته ، مسجد ۾ گانو ڳائڻ وارو گانو نٿو ڳائي سگھي ، نڪو نچڻ وارو نچي سگھي ٿو .
۽ گاني جي عڪس بندي لاءِ مسجد کي کولڻ فقط ھڪ گناه نه آهي . بلڪه اسلامي قانونن ۽ رياست پاڪستان جي قانون جي خلاف ورزي پڻ آھي.
ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته انھي ڪارنامي کي سرانجام ڏيڻ ، تي رياست پاڪستان کي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي ھا . نچڻ ، ڳائڻ وارن پروڊڪشن ھائوس جي ذميوارن ۽ انھن سڀني کي اجازت ڏيڻ وارن کي گرفتار ڪيو وڃي ھا ، ۽ انھن کي جيل ۾ وڌو وڃي ھا . پر اسان وٽ اھڙو ڪجھ به نه ٿيو ، اھيان ته ميڊيا کي شاباس هجي جو هن ھن ڪارنامي تي شور مچايو . جنھن جي ڪارڻ حڪومت پنجاب فقط انھيءَ واقعي جو نوٽيس ورتو ، ۽ ٻئي طرف وري اداڪارن طرفان سوشل ميڊيا جي ذريعي ماڻھن جي دل آزاري تي معافي ورتي.
نه رياست پاڪستان جي طرفان ڪو مقدمو درج ٿيو ،
نه وري ڪنهن جي گرفتاري ٿي ،
ھان شاھد انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آھي . جنھن جو مطلب ته ڪجھ به نه ٿيندو . حقيقت ته اھيان آهي اگر سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو نه وڃي ها ، ته حڪومت نوٽيس وٺڻ واري به تڪليف نه ڪري ھا .
اگر ڪنھن جج ، جنرل يا ڪنھن اھم حڪومتي عھديدار جي خلاف اگر ڪجھ گٿا لفظ ڳالهايا وڃن ھا ته ، اھي سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پهرين ئي عدالت ان تي نوٽيس وٺي ھان. ۽ رياست جا سڀ ادارا حرڪت ۾ اچي وڃن ھا. ۽ حڪومت بغير ڪنهن دير جي انھن ماڻھن کي ايف آئي اي يا ٻين ايجنسين ذريعي گرفتار ڪرائي ڇڏي ھا. ۽ انھن کي جيل ۾ وڌو وڃي ھا.
يعني ايڪشن اھڙي انداز ۾ کنيو وڃي ھا ته ، آئينده ڪنهن کي ايئن ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ھا. پر اگر ڪو شعائر اسلامي يا شرعي احڪامن کي مذاق بڻائي ٿو . انھن جي خلاف رياست پاڪستان جي طرفان ڪجھ به نٿو ڪيو وڃي . بس توبه ئي ڪري سگهجي ٿي
.
 
Back
Top