بيروت ڌماڪي بابت ، سيد حسن نصرالله جو خطاب ترجمو ؛ سردار ظھير حسين ملوڪاڻي سيد حسن نصرالله جو چوڻ آھي ، ته بيروت بندرگاهه تي ٿيل ڌماڪن کان بعد ۾ ڪجھ سياسي جماعتن ۽ ميڊيا جي طرفان مختلف بيانن جو ھڪ سلسلو شروع ڪيو ويو . حالانڪه ان وقت بندرگاهه سڙي رھي ھئي ، ۽ متاثر ماڻهون ان وقت مدد جي انتظار ۾ ھئا . ماڻهن کي خبر نه هئي ته اتي آخر ڇا ٿيو آهي؟ ميڊيا جي ذريعي سان ڏنل بيانن ۾ ھڪڙو بيان ھيء به ڏنو ويو آهي ، ته بندرگاهه تي موجود حزب الله جي اسلحي تي ڌماڪو ٿيو آهي ، عجيب ڳالهه آهي ائين ڇو چيو ويو؟ لبنان جي عوام کان پچيو وڃي ته ، انھن کي تڪليف ۽ پريشانين سميت قتل ڪرڻ ۾ ڪير ملوث آھن؟ ڇا اھيان حزب الله آھي؟ افسوس جي ڳالهه اھيان آهي ته انھن انتظار نه ڪيو ته آخر ھيء حادثو ڇا آهي؟ سيد حسن نصرالله چيو آهي ته ، آئون ھن بيان ۽ موقف جي ترديد ڪندي چوان ٿو ته ، بندرگاهه تي حزب الله جي ميزائل ۽ اسلحي جو ذخيرو ته ڇا ، پر اتي حزب الله جي ھڪ گولي به موجود نه هئي. حزب الله جي سربراهه سيد حسن نصرالله پنهنجي ھن اھم خطاب ۾ چيو آھي ، ته بيروت ڌماڪي کان پوءِ حزب الله جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ وارن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. ان چيو آھي تہ حزب الله ھن مشڪل وقت ۾ لبناني عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندو ، متاثرن جي بھرپور مدد ڪئي ويندي ، بيروت سڀنيءَ جو شهر آهي. لبنان ۾ اسلامي مزاحمتي تحريڪ حزب الله جي سپهه سالار سيد حسن نصرالله جمعه 7 آگسٽ جو بيروت جي بندرگاهه تي ٿيل خطرناڪ ڌماڪن کان بعد ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي متعلق خطاب ڪندي چيو آھي ، ته حزب الله پھريان به لبناني عوام جي مدد ڪئي ھئي . ۽ ھاڻ به لبنان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏبو. سيد حسن نصرالله جو چوڻ هو ته ، مونکي گذريل اربع واري ڏينهن تي پنهنجي خطاب ۾ فلسطين ، ۽ لبنان جي سرحدن تي پيش اچڻ واري صورتحالن سميت ڪرونا وائرس ۽ ٻين اھم ڳالھين تي ڳالھائڻ ٿي چاهيو ، پر ان ڏينهن بيروت بندرگاهه تي ٿيڻ وارن واقعن جي ڪارڻ خطاب ملتوي ڪيو ويو . جڏهن ته اڄ واري خطاب ۾ انھن موضوعن تي نٿو ڳالھائڻ چاھيان. توھان کي ياد ڏياريندو هلان ته گذريل اربع چار آگسٽ واري ڏينهن سيد حسن نصرالله جو خطاب 8.30 وڳي براه راست نشر ٿيڻون ھو. سيد حسن نصرالله پنهنجي گفتگوءَ جي شروعات ۾ بيروت بندرگاهه تي ٿيل ڌماڪن کي ھڪ وڏو سانحو قرار ڏنو. ۽ شھيدن جي وارثن کي تعزيت پيش ڪئي. ۽ ڌماڪي جي ڪارڻ زخمي ٿيڻ وارن جي صحت يابي لاء نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. سيد حسن نصرالله مختلف ملڪن طرفان لبنان ۾ موڪليل امداد تي انھن ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان وڌيڪ چيو ته ھن مشڪل ۾ اسان تمام ملڪن جي طرفان ڏنل امداد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهيون. حزب الله جي سربراهه سيد حسن نصرالله چيو آهي ته بندرگاهه جي حادثي ۾ ، ھر مذھب ۽ ھر منسلڪ سان تعلق رکندڙ لبناني شھري شھيد ، ۽ زخمي ٿيا آهن . ۽ بيروت سڀنيءَ جو شهر آهي. ھزارن جي تعداد ۾ لبناني شھري ھن حادثي جي ڪارڻ ، بري طرح سان متاثر ٿيا آهن. ۽ اسان کي انھن ۾ ڪو به فرق نه رکڻ گھرجي . سيد حسن نصرالله حادثي کان بعد ۾ لبناني عوام جي طرفان ڦوري طور تي رت جو عطيو ڏيڻ ، ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ڪردار کي ساراهيو آهي. ۽ چيو آهي ته اھيو اتحاد ۽ يڪتھجي ئي آهي ، جنهن لبنان کي مظبوط ۽ طاقتور بڻائي رکيو آهي. ان چيو آھي ته اسان جا دشمن ، اسان جي ھن اتحاد کان خوفزده آهن. يقينن انساني ھمدردي ۽ قوميت جي مدد ڪرڻ ھڪ تمام بھترين شيء آهي ، جيڪا لبناني عوام ۾ پاتي وڃي ٿي. سيد حسن نصرالله چيو آهي ته ، تحقيقات ۾ سڀ ڪجھ واضح ۽ صاف ٿي ويندو . ۽ مان لبنان جي عوام کي گذارش ڪيان ٿو ، ته ھون ھر ان چينل جو احتساب ڪري ، جيڪي منفي ، ۽ من گهڙت خبرون ھلائي رھيا آھن. اھيي چينل من گهڙت ۽ ڪوڙ تي مبني خبرون ھلائي ڪري ملڪ کي ڏکائي واري دور جي طرف ڌڪڻ چاهين ٿا . انھن سڀنن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سيد حسن نصرالله سياسي جماعتن جي اختلافن جي باري ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو آهي ته ، ھر جماعت جي صدر جو اسان سان يا اھڙي طرح سان ڪنهن نه ڪنهن جماعت سان اختلاف آھن. ۽ ڪجھ سياسي جماعتن حادثي کان بعد ۾ پنھنجي اختلافن جو بھرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . مان اھيو سڀ ڪجھ ان ڪري چئي رھيو آھيان ته ، ھيء وقت زخمين جي فٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جو نه آهي . بلڪي انھن جي فٽن تي مرھم ڪرڻ جو آھي. ھن حادثي جي جاچ پڙتال شفاف ٿيڻ گھرجي . ۽ سچائي سڀنيءَ جي سامهون آندي وڃي. رياست جي تمام ادارن کي ھن تحقيقات ۾ برد باري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي . پوء چاھي اھا فوج ھجي يا سرڪاري ادارن ھجن . عدليا ھجي يا پارليامينٽ ھجي. سيد حسن نصرالله جو چوڻ آهي ته ، بيروت ڌماڪن کان بعد ۾ محور مقاومت ۽ حزب الله جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ وارا ماڻهون ڪجهه به حاصل نه ڪري سگھيا آهن ۽ آئينده به ڪجهه نه حاصل ڪري سگھندا آخر ۾ سيد حسن نصر اللہ ڌماڪن جي وجوھات ۽ نوعيت تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته ، اگر ھيء ميزائل يا ڊورن يا ھيء ڪو بيو حملو ھو . وري به ھي ھڪ حقيقت آھي ته آمونيوم نائٽريٽ جو ھڪ وڏو ذخيرو گذريل 6 سالن کان بندرگاهه ۾ موجود ھو. ان نقصان جو ازالو سياسي جماعتن ۽ موجوده حڪومت کي ڪرڻ گهرجي . ھيء تباھي ڪڏھن به وساري نٿي سگھجي . اسان وڏين قيمتي زندگين تان ھٿ کنيو آھي.