تنوير عباسي جو فن ۽ شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    تنوير عباسي جو فن ۽ شخصيت

    حصو پهريون

    ليڪچر: نرگس ملڪ

    تنويرعباسي سنڌي ادب جي هڪ گهڻ - پاسائين شخصيت هو، جنهن کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو ۽ سنڌي ٻولي جو وليم ورڊس ورٿ به چيو ويندو آھي۔ ان پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ ويھارو کن ڪارائتا ڪتاب ارپيا۔ جن ۾ شعري مجموعن ۾ 1958ع ۾ پهريون ”رڳون ٿيون رباب“ ،ان کان پوءِ 1970ع ”شعر“ ، 1977ع ۾ ”سج تري هيٺان“ ، 1950ع ۾ ”هيءَ ڌرتي“ شامل آھن۔ جن جو ڪُليات يعني گڏيل ڪتاب ”تنوير چئي“ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ رڳون ٿيون رباب کان اڳ واري شاعري ڏنل آھي۔ جڏهن ۾ 1997ع ۾ پويون شعري مجموعو ”ساجن سونهن سُرت“ شايع ٿيو۔
    هو بنيادي طور تي شاعر هو پر هن جي ادبي تحقيق به ايتري ئي سگهاري آهي۔ خاص طورتي سندس سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر ”شاه لطيف جي شاعري جو اڀياس“ هڪ بي مثال ڪارنامو آھي۔ شاه لطيفجي شاعري جلدپهريون 1976ع ۽ ٻيوجلد 1985ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ 1989ع ۾ اهي ٻئي ڪتاب هڪ مضمون جي واڌاري سان گڏائي هڪ ڪتاب جي صورت ڇپايو ويو ۔
    تنوير عباسي ادبي تحقيق جي کيتر ۾ پڻ پاڻ ملهايو۔ سنڌ جي اساسي ۽ صوفي شاعرن سچل سرمست ، خوش خير محمد ، نانڪ يوسف ۽ ٻين جي ڪلام جو اڀياس ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو۔ جن ۾ ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ 1981ع ، ”نانڪ يودف جو ڪلام“ 1982ع ، ”خير محمد هيسباڻي جو ڪلام“ 1983ع ۾ شايع ٿيا ۔ جڏهن ته 1989ع ”سچل سرمست“ انگريزي ۾ ترتيب ڏنو۔ اهڙي طرح هن سفر ناما پڻ لکيا جيڪي تفريح کانسواءِ بيحد معلوماتي آھن۔ جن ۾ ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ يورپ جو سفرنامو ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آھي“ سندس وفات کان پوءِ 2001ع ۾ شايع ٿيو،جنهن ۾ يورپ ، آمريڪا ۽ دبئي جا احوال ڏنل آھن۔ تنوير عباسي علمي ادبي موضوعن تي ڪيترا ليڪچر يا تقريرون وڏي اهميت جوڳيون آھن،جيڪي پڻ ”سپني کان سهڻي ساڀيا“ جي نالي سان 2002ع شايع ٿيل آھي۔ هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ ۽ تبصرا پڻ لکيا ۽ ان کان سواءِ سندس ڪيترائي انٽرويوز ادبي اهميت رکن ۔ جن ترتيب ڏئي شايع ڪرڻ گهرجي۔ ادبي تحقيق ۾ 1981ع ۾ ”جديد سنڌي شاعري“ پڻ مڃتا ماڻي۔
    تنوير عباسي ڪيترن ڪتابن جي ترتيب ۽ سهيڙ جو ڪم پڻ ذڪر لائق آھي۔ جن ۾ ريسرچ جرنل ”سرمست“ جا 9 شمارا 1980ع کان 1989ع تائين شايع ٿيا ۔ ان کان سواءِ 1975ع ۾ ”ٻاراڻا ٻول“ به ڇپيو ويو۔ تنوير عباسي جي ادبي مضمونن ۽ خاڪن جا ڪتاب به شايع ٿيل آھن ۔ جن ۾ ”تروا“ 1988ع ۽ ”منهن تنين مشعل“ 1990ع شامل آھن۔
    تنوير عباسي گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هيو۔ سندس ذاتي لائبريري ۾ سنڌي،انگريزي،اردو، فرينچ ۽ فارسي ٻولين جا اهم ۽ بنيادي ڪتاب دس مطالعي هيٺ رهيا ۔ جنهن سبب کيس هڪ گهڻ- پڙهيو ليکڪ چيو ويندو آھي۔ اها لائبريري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سندس نالي قائم ڪيل ”تنوير عباسي چيئر “ ۾ موجود آھي، ۔جيڪا سندس وفات کان پوءِ وارثن پاران کين ڏني وئي هئي۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تنوير عباسي جو فن ۽ شخصيت

    حصو ٻيو

    ليڪچر: نرگس ملڪ

    تنويرعباسي سنڌي ادب جي ناليواري شخصيتن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو ۔ خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ جديد سنڌي شاعري جي بنياد رکندڙن ۾ سندس اهم ڪردار آھي۔

    تنويرعباسي جو جنم ۾ 7 سيپٽمبر 1934ع تي اڳوڻي خيرپور ۾ هاڻوڪي تعلقي ۽ شهر سوڀو ديرو ۾ ٿيو۔ سندس ڇٺي جو نالو نور النبي هو ۔ ادب ۾ اچڻ کان پوءِ هن پنهنجو تخلص ”مغموم“ رکيو پر اڳتي هلي اهو مٽائي” تنوير“ جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين۔ سندس والد گل حسن عباسي پڙهيل ڳڙهيل هو ۔ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ان کان پوءِ رياست پاران کيس جهونا ڳڙه مان وڌيڪ تعليم لاءِ ماڻڻ لاءِ موڪليو۔ سندس والد جون ٻه شاديون ٿيل هيون۔ جن مان کيس ست پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون۔ سندس ننڍو ڀاءُ الطاف عباسي ۽ارشاد عباسي پڻ سنڌ جو ناليوارو شاعر هو۔

    تنوير عباسي کي ابتدا ۾ سوڀو ديري جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۔ ان کان پوءِ سندس والد جي ملازمت دوران بدلين سبب پهريون درجو نوشهرو فيروز ۽ ميرپور خاص مان ۽ ٻيو درجو حيدرآباد جي ساڌو هيرانند ايڪيڊمي مان پڙهيو۔ سيڪنڊري ڊبليو بي هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ چوٿون درجو اين جَي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان مڪمل ڪيو۔ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو۔ جڏهن ته فرسٽ ايئر ڊي جَي ڪاليج ڪراچي ۽ انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ڪئي ۔ جڏهن ته ايم بي بي ايس جي سند لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪئي۔ جنهن کان پوءِ حيدرآباد جي ڦليلي ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ تي پريڪٽس ڪئي ۽ پوءِ خيرپور ۾ پهريا ڦول باغ ڀرسان ۽ پوءِ خاڪي شاه پل ميرواه ڀرسان سرمد گهر سان گڏ سنڌ ڪلينڪ قائم ڪئي۔

    تنوير عباسي جي پهرين شادي پنهنجي مٽن ۾ سندس ننڍي عمر ۾ ئي ڪرائي وئي۔ جنهن مان کيس هڪ نياڻي روبي هئي۔ جڏهن ته ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعيلم دوران سندس سڃاڻپ قمرقاضي سان ٿي ۽ پوءِ ساڻس شادي ٿي جنهن مان کيس ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ پيدا ٿيا۔ سرمد هڪ اعليٰ تعليم يافته ۽ ميٿميٽيشن آھي ۔ سندس وڏي نياڻي پارس Nespak ۾ آرڪيٽيڪ انجنيئر آھي ۽ ٻي نياڻي مارئي ڊاڪٽر آھي۔

    ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ خوش اخلاق ۽ خوش مزاج شخصيت هو۔ هو هڪ ايماندار ۽ بااصول انسان هو۔ انسانيت جي خدمت ۽ سنڌ جي سياسي سجاڳي ۾ متحرڪ رهيو۔ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۔ ان کان سواءِ سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڳتي رهيو۔ جديد سنڌ جي فڪري تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجون آدرشي ڪاوشون ورتيون۔ نون تخيلقڪارن جي حوصلي افزائي ڪرڻ ۽ نون علمي ادارن جي قيام ۾ رهنما ڪردار ادا ڪيو۔ هو پاڻ ڪيترن ادارن جو ميمبر ۽ سربراھ رهيو ۔ هوشخصيت ساز ۽ ادارا ساز شخصيت سمجهيو ويندو آھي۔

    سندس علمي ادبي ڪاوشن جي مڃتا ۾ کيس ڪيترن ئي اعزازن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ تمغه اتياز ، ڀارت ۾ ساهتيه ايڪيڊمي جو نارايڻ شيام ايوارڊ ذڪر جوڳا آھن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو