انسان ذات جي قدر ڪريو سردار ظھير حسين ملوڪاڻي ڪجھه سال به نه ڪجھه مھينا به نه ، نه ڪو ڪجھه ھفتا نه وري ھڪ ڏينھن . فقط چند منٽن لاءِ تصور ڪيو ته ھڪ ڏينھن توھان گھري ننڊ مان صبح سوير سجاڳ ٿيو ٿا . ۽ پنھنجي اوسي پاسي ، اڳيان پويان ڪنھن به ساھ واري شيء کي موجود نٿا ڏسو ، نه ئي وري پري پري تائين ڪا ساھ واري شيء ڏسڻ ۾ اچي ٿي . سڀ ساھ واريون شيون ھن دنيا مان ختم ۽ فنا ٿي ويون ھجن . ان وقت توهان ڇا سوچيندو؟ توھان ڪھڙو پھراڻ پائيندو؟ پنھنجي سفر لاءِ ڪھڙي گاڏي جي چونڊ ڪندو؟ رھڻ لاءِ ڪھڙو بنگلو پسند ڪندو؟ ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ ڪھڙين شيئن کي پسند ڪندو؟ حالانڪه ان وقت توهان وٽ ھر اھا شيءِ موجود ھوندي جنھن جي توھان خواھش ڪئي ھئي . جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ توھان انسانيت کي ڌوڪو ڏنو ھو . مثلن ان وقت توهان وٽ ھڪ وڏو بنگلو ، ھڪ وڏي گاڏي ، ۽ کوڙ سارو پيسو موجود ھوندو ، معني ته توهان وٽ خوشي جا سڀ سبب موجود ھوندا . پر ان جي باوجود به توهان خوش نه ھوندو ! ڇو؟ اھو ان ڪري جو توھان سان گڏ ڪو خوشي ملھائڻ وارو نه ھوندو . ۽ يقين ڪريو ته اھيو ئي موقعو آهي ، جتي ھڪ انسان کي ٻئي انسان جي قيمت ۽ قدر جي خبر پئجي ٿي . ھڪ انسان ھميشه ٻئي انسان کان بغير اڪيلو ۽ ناقص آھي. ۽ ٿي سگھي ٿو ته توهان ان وقت اھيان دعا گھرون ته ، اي منھنجا پالڻھار ھيء سڄو ڌن دولت واپس وٺ ، ۽ بشر ذات کي ھن ڌرتيءَ تي واپس موٽائي . تاڪ انھن سان گڏ مان خوشي ۽ ڏک ملھائي سگھان. انھن تمام انسانن کي واپس موٽائي جن کي مان ڌوڪو ڏئي انھن جو مال ھڙپ ڪيو . منھنجن مٽن مائٽن کي واپس موٽائي جن جو مون قدر نه ڪيو . ۽ پيسو ۽ شھريت حاصل ڪرڻ لاءِ مان انھن کي وساري ڇڏيو ھو . مٽ ۽ مائٽيءَ وري اھو رشتو آهي جنھن کان بغير انسان جي زندگيءَ ۾ چاھ نٿو رهي. اسان جي بدقسمتي اھيان آهي جو اسان ھن دور ۾ بيڪار خواھشات کي حاصل ڪرڻ ۾ بلڪل مگن ٿي ويا آهيون . ۽ اسان کي بلڪل احساس ڪونه ٿو ٿئي ته اسان زندگي جھڙي ھڪ وڏي نعمت کي بي فڪري ، ۽ نا شڪري ۾ پنھنجن ئي ھٿن سان پاڻ ضايع ڪيون پيا . سياست جو ميدان ھجي يا رت جو رشتو ھجي ، جنھن طرف به نظر ڪيون ٿا ته نفرتون ، عداوتون ۽ عدم برداشت کان علاوه ٻيو ڪجھه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي . ھڪ ٻئي جي نا قدري جو جذبو ھر پاسي شدت اختيار ڪندو پيو وڃي . احساس ، محبت ، چاھت ۽ خلوص کان خالي اسان جا رويا، اسان کي ٻين کان ته ڏور ڪن پيا ، پر اھيي اسان جا رويا اسانکي اسان کان به ڏور پيا ڪن . جيئن ھڪ اردو شعر آھي . دھجیاں اڑنے لگیں انسانیت کی چار سو ، دل درندہ ہوگیا انسان پتھریلے ھوئے اڄ ڪلھ اسان جي تمام ڀڄ ڊڪ ۽ ڪوششون فقط پيسو حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ٿين ۽ اتي ئي ختم ٿين ٿيون . ھن دور ۾ ھر ڪو انسان پنھنجا رشتا ۽ دوست پنھنجي مفاد ڪارڻ بڻائي ٿو.ھر ڪو انسان ھن وقت ڌن دولت ۽ آسائشن جي ھوس ۾ مبتلا رھي ٿو. بس آخر ۾ ايترو ضرور چوندس ته ، پنھنجن جو قدر ڪريو ، انھن کان بغير خوشي جي ڪا اھميت ڪونھي . اسان کي گھرجي ته سٺن ۽ با شعور ماڻھن وانگر زندگي گذاريون . اسان کي گھرجي ته پنھنجي زندگيءَ کي با مقصد بڻايون . پنھنجي ذات کي انسانيت لاءِ رحمت بڻايون ، نڪي زحمت . ٻين جو احترام ڪريون . بين جي گس پنڌ تان ڪنڊا ميڙيون ، يعني ٻين لاءِ سولائيءَ پيدا ڪيون نڪي ڏکيائيون . ٻين جو قدر ڪريون ، برداش ڪرڻ سکون . ھن جو احترام ڪريو ، ھن جو قدر ڪريو ، ڇو جو ھون توهان وٽ ھميشہ رھڻ وارو نه آھي . hzaheer145@gmail.com