جيڪڏهن توھان جو فون ڪٿي گم ٿي پيو آهي جنهن جي ڪري پريشان ٿي پيا آهيو پر هاڻي اُداس نه رهو ڇو جو samsung پاران پنهنجي موبائل فونن جي فيچر find my mobile ۾ هڪ بهترين اضافو ڪيو آهي جنهن سان هاڻي offline يعني گم ٿيل سامسونگ گلکسي موبائل بنا wifi يا ڊيٽا ڪنيڪشن جي به با آسانيءَ سان ڳولهي سگھو ٿا ،بس هڪ ٻئي گلکسي فون جي ضرورت پوندي پر شرط اهو آهي ته جيڪو گم ٿيل فون آهي اُهو سامسونگ موبائل جي اڪائونٽ سان ڳنڍيل ھجي. بس ٻئي گلکسي فون تان هي فيچر کي آن ڪري ان جي فون جي اسڪرين تي گم ٿيل فون جي لوڪيشن ايندي هن جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪي توهان جي ويجهو گم ٿيل ڊوائيسز آھن اُھي ئي نظر اينديون.