• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايمانداري جو اعلى مثال۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
100712221525_essa_khan_serena_gilgit.jpg

گلگت جي هڪ نجي هوٽل سرينا هوٽل ۾ هڪ ملازم عيسى خان ڪمري جي صفائي ڪرڻ جي دوران هٿ ڪيل 50 هزار نو سو ڊالر (چاليهه لک پاڪستاني رپين جي برابر) جي رقم باحفاظت ان رقم جي مالڪ تائين پهچائي ايمانداريءَ‌جو نئون مثال قائم ڪيو آهي۔
پاڪستان جتي هينئر ڪرپشن، بدعنواني ۽ جعلسازيءَ جا نوان رڪارڊ ٺهي رهيا آهن اتي هي پنهنجي طور جو هڪ انوکو مثال آهي۔۔ عيسى خان جي پنهنجي پگهار 21 هزار پاڪستاني رپيا آهي۔ انهيءَ‌هوٽل ۾ گذريل 20 سالن کان ملازم آهي۔ سندس چوڻ آهي ته کيس ان کان پهرين ننڍيون ننڍيون شيون ملنديون هيون اهي به هوٽل جي انتظاميه وٽ جمع ڪرائيندو هو۔ هنزه واديءَ سان تعلق رکندڙ عيسى خان پنهنجي فيمليءَ جو واحد ڪفيل آهي، سندس پنج ٻار ڪاليج ۽ اسڪولن‌ ۾ زير تعليم آهن۔
عيسى خان جو چوڻ آهي ته مشڪلات ته هر انسان کي پيش اچن ٿيون پر ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته جيڪا شي ملي ماڻهو کڻي وٺي، اهو ڪو حل ته ناهي بلڪه اها حق تلفي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ صحيح نه آهي۔ هوٽل انتظاميه کيس 10 هزار رپيا انعام ۾ ڏنا آهن جڏهن ته پنجاب جي گورنر کيس فون تي تعريف ڪري مبارڪ ڏني آهي ۽ کيس گورنر هائوس ۾ سڏرائي انعام ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي۔
 
جواب: ايمانداري جو اعلى مثال۔۔

رقم هڪ جاپاني ڪمپني جي همراهه جي هئي، جيڪو هڪ ٿيلهي ۾ رکي ڪمري جي سيف ڊپازٽ لاڪر ۾ رکي ڪري وساري پنهنجي وطن واپس ويو هليو، رقم جي اطلاع عيسى خان پنهنجي هوٽل جي مالڪ ۽‌ مئنيجر کي ڏني، جنهن هوٽل ۾ ترسيل ساڳي ڪمپني جي ٻئي ملازم جي مدد سان رقم جي مالڪ سان رابطو ڪيو ۽ 2 ڏينهن کان بعد رقم جو مالڪ جاپاني همراهه واپس اچي پنهنجي رقم وٺي ويو ۽‌ اهو سندس تمام گهڻي تعريف ڪري رهيو هو۔۔ هوٽل جي مينيجر جو چوڻ آهي ته اهو اسان جي هوٽل جو اصول آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ملازم کي ڪا شئي ملي ٿي ته اهو هوٽل انتظاميه وٽ جمي ڪرائي ٿو، ان کان پهرين به ڪيترا ئي ڀيرا اهڙا ننڍا واقعا ٿيندا رهندا آهن، جيئن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي گهرواريءَ جي سوني منڊي گم ٿي وئي ۽‌ ٻئي ڏينهن هوٽل جي هڪ مالهيءَ‌کي ملي، جنهن اها سوني منڊي مالڪه کي واپس ڏني۔۔۔
 
جواب: ايمانداري جو اعلى مثال۔۔

اهڙن انسانن جي ايمان جي مّضبوطي سان انسان هجڻ تي فخر ٿئي ٿو ۔۔۔ جڏهن انسان جو ايمان مّضبوط هوندو آهي ته شيطان سندس وجود کان پري هليو ويندو آهي ۽ انسان جا عمل رحماني ٿي پوندا آهن ۔۔۔ ان ساڳئي حالت کي بيان ڪرڻ لا ۾ هڪ ڪهاڻي لکي هئي “ شيطان ٿيو مسلمان”
پڙهي ڏسندا ۔۔۔

http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1292
 
جواب: ايمانداري جو اعلى مثال۔۔

ادا اڃ اهيا خبر اخبار ۾ به .پڙڻ لاءِ ملي هئي تمام گهڻي خوشي ٿي
 
جواب: ايمانداري جو اعلى مثال۔۔

ادا اڃ اهيا خبر اخبار ۾ به .پڙڻ لاءِ ملي هئي تمام گهڻي خوشي ٿي

ادا ڪوشش هوندي آهي ته اخبار کان پهرين اهڙي خبر سنڌ سلامت تي اچي وڃي۔۔ خدا جو‌شڪر آهي ته اخبار توهان دوستن تائين ڏينهن جو پهچي ٿي ۽‌مان هي خبرون توهان تائين رات جو پڄائي ڇڏيان ٿو۔۔
 
جواب: ايمانداري جو اعلى مثال۔۔

ادا ڪوشش هوندي آهي ته اخبار کان پهرين اهڙي خبر سنڌ سلامت تي اچي وڃي۔۔ خدا جو‌شڪر آهي ته اخبار توهان دوستن تائين ڏينهن جو پهچي ٿي ۽‌مان هي خبرون توهان تائين رات جو پڄائي ڇڏيان ٿو۔۔
مست اها جادوگري ڪٿان سکي ويو آهين، ير ساري عمر اهو ڪشف وارو ڪم اسانکي ڪونه آيو، لڳي ٿو تون به هاڻي جادوگر رشيد سمي وانگر چلا پچائين پيو جو اخبار کان اڳ تون اهي ڳالهيون منڪشف ڪريو ڇڏين۔ اڃان شڪر لهي اڀري پيو۔ايماندار ۽ ايمانداري اڃان به آهي اسان جي مُلڪ ۾‌ شڪر الحمد الله۔
 
Back
Top