عبدالغفار تبسم : ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو نثار منصور هن جو پهريون تعارف اهي گيت هئا جيڪي منظور سخيراڻي ڳائيندو هو.اسان ان زماني ۾ گهڻو ڪري ريڊيو تي “صبح مهراڻ” ۾ ٻڌندا هئاسي.انهن گيتن ۾ هن جو هي گيت“ ڪالهه رات ڪو سپني ۾ آيو هو، يادن ڪو ورق اٿلايو هو”.جي ٻڌڻ سان ماضيءَ جي پرپيچ رستن تي خيال جي ترنگ پيدا ٿي پوندي هئي.بعد ۾ هر مهيني هن جي ڪيسٽ جو انتظار رهندو هو.پوءِ جڏهن سندس ڪيسٽون اينديون هيون ته هفتو ڏهه انهن کي ٻڌندي گذرندا هئا.اهي عشق بازيءَ جي آويءَ ۾ پچندڙ ڏينهن هوندا هئا.محبوب جي هڪ جهلڪ طبيعت ۾ عجيب رنگيني پيدا ڪري ڇڏيندي هئي.جيڪا ويهن پنجويهن واري وهيءَ ۾ هر نوجوان مٿان عشق جي البيلي موسم نروار ٿيندي آهي.محبوب جي ياد جي تپش ۾ تپندڙ ڏينهن ڪنهن جي ٻولن مان نڪري دل جي آنڌ مانڌ کي ڍرو ته نه ڪري سگهندا آهن ويتر اها آنڌ مانڌ وڌي ويندي آهي.جوانيءَ جا اهي ڏينهن ڪچي انبڙيءَ جيان کٽا مٺا هوندا آهن.انهن کٽن مٺن ڏينهن ۾ هن جي ٻولن سرير جي انگ انگ ۾ باه ڀڙڪائي ڇڏي هوندي آهي. اهي گرمين جي تپش وارا ڏينهن هوندا هئا گهٽين ۾ اچ وڃ ڪنهن سرور کان گهٽ نه هوندي هئي.در جي ڏيوڍي منجهان محبوب جي هڪ جهلڪ سڄي ڏينهن جو ٿڪ لاهي ڇڏيندي هئي.چانڊوڪيءَ رات ۾ سو سينگار ڪري سياڻو ٿي منهنجي سامهون تون ايندو نه ڪر.اهي ٻول ڄڻ منڊي وجهندا هئا لفظن جي ادائيگي سر ۽ ساز جي سنگم دل کي ريزه ريزه ڪري ڇڏيندا هئا.بهر صورت هو هر نوجوان جو شاعر آهي جن عشق جي بارگاه ۾سجده ريز آهن. اهڙي ئي هڪ شام جو ساڻس ملڻ لاءِ سندس ڳوٺ “نئين ديري”وڃي نڪتو هوس. اها منهنجي خوشقسمتي هئي جو هو ڪيڏانهن ويو پئي پر اسان ٿوري هڪ ٻئي کي ڏٺو . مون پنهنجي اچڻ جو مقصد سندس آڏو رکيو .هو منهنجي ملڻ تي ڏاڍو خوش هو پر اڳ ۾ طئي ٿيل پروگرام تحت ڪيڏانهن ويو پئي.هن جي ڪڇ ۾ هن جو ننڍڙو پٽ خليل جبران هو ۽ ٻئي هٿ ۾ گولڊ ليف جو پڪيٽ ۽ لائيٽر اهڙي سهڻي پوشاڪ پهريل ڪيلن شيو پنهنجي ڏيک مان هو شاعر ئي لڳو پئي.مون جڏهن کيس ٻڌايو ته هاڻي ڪافي دير ٿي وئي آهي.اڄ هن شهر ۾ رهندس. پنهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪنهن دوست سان منهنجو تعارف ڪرايو هو.اهو دوست مون کي سندس اوطاق ڏانهن وٺي آيو هو.ٿوري کانپوءِ هڪ ٻيو دوست به آيو شام به پنهنجا پر پکيڙيا اها نما شام ٿيڻ لڳي.اسين اوطاق تي سندس ٻنهي دوستن سان اوڀاريون لهنواريون ڪندي رهياسي.ٿوري دير کانپوءِ انهن ٻنهي دوستن چرس جا سگريٽ ڀرڻ شروع ڪيا دکائي دونهين جا ڪڪر ٺاهن لڳا ته هڪ عجيب سمو بڻجي پيو.هڪ همراه پنهنجي ڳلي کي صاف ڪيو ۽ استاد محمد يوسف جو ڪلام ڳايو سندس ڳلي تي ڪجهه چرس جو اثر ۽ ڪلام جي درد ڌوڏي وڌو هو.هن هڪ چرس جو سگريٽ ۽ هڪ ڪلام استاد يوسف جو ٻڌائيندو رهيو. اها دنڌلي پيلي شام اسان ايئن گذاري ۽ عبدالغفار تبسم کي ياد ڪندي هن شاعري تي ڳالهائيندي عجيب سرور حاصل ڪيو.گهڻي دير کانپوءِ اسان ٽنهي رات جي ماني کاڌي اهي نوجوان چرس جي سگريٽن پيئڻ سبب ڏاڍا خماريل هئا ۽ پوءِ ترت هنن مون کان اجازت گهري ۽ پنهنجي گهر هليا ويا. مان سندس اوطاق جي ان بيڊ تي سمهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس خبر ناهي ته ننڊ ڪڏهن آئي پر بيڊ جي سائيڊ ٽيل کي ڪنهن ڪتاب جي ڳولها لاءِ کوليو ته ان مان هڪ ڊائري نڪتي جنهن ۾ سندس فلم “برسات جي رات” جي مختلف ماڻهن پاران ان ساهتا جو وچور ڏنل هو جن ان فلم ٺاهڻ وقت ساڻس سهڪار ڪيو هو.اها سياري جي يک ٿڌي رات هئي آئون تبسم جي شاعري ۽ هن بابت سوچيندو رهيس. گهڻو پوءِ جڏهن سال اڻويهه سو ٻيانوي ۾ منهنجي دوست ۽ برک صحافي قاضي آصف هڪ ڏينهن مون کي سندس آفيس ساڻس ملائڻ لاءِ وٺي آيو هو. اسان شايد پريس ڪلب کان گڏجي نڪتا هياسي.ڳالهائيندا ڳالهائيندا سندس آفيس اچي پهتا هياسي جيڪا ميٽروپول جي ڀرسان هئي. اها شايد پي آئي جي مارڪيٽنگ جي آفيس هئي جتي هدايت بلوچ صاحب آفيسر هو. قاضي آصف هن سان دعا سلام ڪيو ۽ پوءِ اسان غفار تبسم سان ملڻ لاءِ سندس آفيس ۾ اچي وياسي.هو قاضي آصف سان ڏاڍي اڪير سان مليو .قاضي صاحب جڏهن منهنجو به ساڻس تعارف ڪرايو تڏهن مون سان به پيار ۽ پاٻوه وچان مليو. انهن ڏينهن ۾ مان عبرت ميگزين ۾ ڪم ڪندو هيس.هاڻي تبسم منهنجي سامهون هيو ڪيلن شيو سفاري سوٽ ۾ هڪ نئون ماڻهو لڳي رهيو هو.قاضي آصف ان زماني ۾ جنگ اخبار جي مڊويڪ ۾ ڪم ڪندو هو تنهنڪري سڀ اديب شاعر سندس ڏاڍي عزت ڪندا هيا.بنيادي طور قاضي آصف پنهنجي ڏيک ويک منجهان بهترين صحافي ئي لڳندو آهي.دوستن جو دوست ملڪي معاملن جو ڄاڻو پر سنجيده. ان منجهد جو غفار تبسم صاحب پنهنجي آفيس جي ڪم ڪارين ۾ به مصروف رهيو ۽ اسان سان به ڪچهري ڪندو رهيو.مان کيس پنهنجي “نئين ديري” واري ياترا بابت نه ٻڌايو ۽ نه ئي اها کيس ياد هئي. ان زماني ۾ سندس هڪ ڪتاب “شفق وارا ڇانوارا” آيل هو.بهر صورت اها منجهند ڏاڍي سٺي گذري تبسم سان ڏاڍي سهڻي ڪچهري به ٿي. وڏي ڳالهه ته اتي سائين هدايت بلوچ جو به ديدار ٿيو پوءِ ٻنهي سان محبت ۽ عقيدت رستو جڙيو. ڪراچيءَ جا اهي سال منهنجي لاءِ نهايت ئي ڪارگر هئا. اديبن شاعرن سان ملاقاتون هفتي ۾ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ باقاعده شرڪت سنگت جي اختتام تي رمپا پلازه ۾ چانهن جون چسڪيون ڊگها بحث ڪتابن جون ڳالهيون همعصرن سان چرچا گهٻا ڄڻ هاڻي ماضيءَ جي ورقن وانگر اها ڪالهه جي ڳالهه آهي. ڪراچي ادبي سنگت ان زماني ۾ سڄي سنڌ کي ليڊ ڪندي هئي.اتي اچي سکڻ جو گهڻو موقع ملندو هيو.اتي ٿيندڙ تنقيد تخليق لاءِ ڏاڍو مواد مهيا ڪندي هئي.ان زماني ۾ جيڪي اديب ۽ نقاد سنگت جي انهن ڪلاسن ۾ شامل ٿيندا هئا انهن ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري،رئون نظاماڻي، جان خاصخيلي، عطيه دائود ۽ چندر ڪيسواڻي وغيره وغيره. هڪ ڀيري مون ڊڄندي ڊڄندي هڪ غزل پڙهيو جنهن تي عطيه دائود اهڙي تنقيد ڪئي جو منهنجي ڪنن ماڻ ٺڪاو نڪرڻ شروع ٿيا شايد جان خاصخيلي منهنجي غزل تي ڪي ٻه ٽي لفظ ڳالهائي سامت ۾ آندو. اهڙين باقاعده گڏجاڻين کي ڏسندي علي احمد بروهي مرحوم، انعام شيخ کي اها اسائيمينٽ ڏني ته سنگت جي ان کڙتالين مان جند آجي ڪرائي. پوءِ انعام شيخ صاحب جي پنهنجي قائدانه صلاحيتن کي بروڪار لائيندي ادبي سنگت سان اهو ڪيو جو ڪراچي ادبي سنگت ڪڏهن به نه اسري سگهي.هاڻي هر هفتي ڪي چار پنج دوست آرٽس ڪائونسل ۾ گڏجاڻيون ڪندا آهن ۽ چانهيون پئي شاعري ۽ ڪهاڻين جا شوڪارا ڀريندا آهن. بنيادي طور عبدالغفار تبسم پيار جو شاعر آهي،سندس شاعري ان البيلين دلين تي حڪمراني ڪندي رهي ٿي.درد ۽ وڇوڙو هر شاعر جي ميراث هوندو آهي. تنهنڪري هن جي شاعري ۾ ان جو انگ سرس آهي.چانڊوڪيءَ رات ۾ سينگار ڪري ملڻ انتظار جي ڪيفيت ڪيتري نه دلفريب آهي. هن ٻي به شاعري ڪئي آهي جيڪا پنهنجي خيال جي لحاظ کان ٻين کان مختلف آهي.پر هو بنيادي طور غنائي شاعر آهي.هن جي شاعري جيڪا ڳائي وڃي ٿي ان ۾ جيڪي لفظن ۽ خيالن جو سنگم آهي اهو انتظار جي شدت کي اڃا وڌيڪ وسيع ٿو ڪري.هن جو گهڻو ڪلام منظور سخيراڻي ڳايو آهي. منظور سخيراڻي بحيثيت انسان جي ايڏو وڏو ماڻهو آهي جو اها وصف فنڪارن ۾ مڙئي گهٽ هوندي آهي.مون کيس پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو هو. هو منصور قادر جوڻيجي سان ڪچهري ڪري رهيو هو. منصور ۽ آئون ڪنهن ڪم سان لاڙڪاڻي آيل هئاسي.منطور تيار ٿيو ڪنهن فنڪشن ۾ ويو پئي.هڪ ته سندس چهري تي جيڪا سنجيدگي هئي ان ۾ وڏي بردباري نمايان هئي.ٻيو ته ڪنهن سان به جلد فري نه ٿيندو آهي.پنهنجي فن تي تعريف کيس پسند نه آهي.ٻين فنڪارن وانگر ٺلهي شهرت کيس نه وڻندي آهي.هو فقط پنهنجو پاڻ سان ذميوار هوندو آهي.هن جو مقابلو فقط پنهنجو پاڻ سان هوندو آهي.اهو سبب آهي جو اڄ به لکين ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. هڪ ڀيري جڏهن مون تبسم کي چيو ادا اڄڪلهه منطور سخيراڻي جي آواز ۾ اهو چس نه رهيو آهي،سندس آواز ٻاڙو ٿيندو ٿو وڃي تنهن تي پاڻ چڙي پيو هو. سندس چوڻ هو لتا جي آواز بابت اوهان جو ڇا خيال آهي ڇا هن جو آواز اهو جواني وارو آهي. ڇا لتا جهڙي ڳائڻ واري جنهن کي ڪوئل سڏيو ويو آهي ڇا سندس آواز ٻاڙو نه ٿيو آهي.مان سندس اهڙي جملي تي خاموش ٿي ويو هيس ساڻس وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيس مون کي لڳو پئي ته سندس تعلق انتهائي جذباتي آهي.جو انهن ٻنهي جواني جو وڏو حصو ڳائڻ وڃائڻ ۾ گذاريو آهي.هن جا گهڻا گيت منطور ئي ڳايا آهن ۽ اڄ به ڳائي رهيو آهي. ڪي ٽي اين جي اچڻ کانپوءِ جڏهن اسٽيج تي ڳائيندو هو ته هزاري ماڻهو سندس گيتن تي جهومڻ لڳندا هئا. هاڻي اسان جهڙا سندس گيت يوٽيوب تي ٻڌي سرها ٿيندا آهيون.اهو محفلن جو دور توڻين جي موڪلائي ويو آهي پر راڳدار جا شوقين اهڙن محفلن جو اڄ به اهتمام ڪن ٿا جنهن ۾ اسان جهڙا دل سڙيا سندن ٻولين تي جهومي اٿن ٿا. هاڻي غفار تبسم شايد ٻاهر ر هي ٿو. اهو شاعر اهو عاشق هجومن ۾ گذارڻ وارو آمريڪا جي صنعتي زندگيءَ ۾ ڪيئن گذاريندو هوندو؟ ! پنهنجي وطن جي وڻن کي ياد ڪرڻ وقت ڪهڙا لفظ ڪم آڻيندو هو. سندس اڪيلايون آمريڪا ۾ کيس ڪيئن ويهڻ ڏينديون هونديون ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.اسان جڏهن هجومن کان ڌار ٿيندا آهيون تنهائن ۾ پنهنجي وجود جي حصن کي ڳولهيندا آهيون.پنهنجي ماضيءَ جي وڻن وٿاڻن ۾ اسان کي ماضي دنڌلو دنڌلو نظر ايندو آهي.واٽ تي ڪيترا پتا رستن مٿان ڪري انهن کي ڀري ڇڏيندا آهن اها پن ڇڻ واري دنڌلي دنڌلي شام شايد اسان ڪڏهن به وساري نه سگهون.انهن محبوبائن کي به جن جي فراق ۾ جيئرا به آهيون پر انهن جي ياد ماري ڇڏيو آهي.