ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعري مجموعي، لفظ لفظ خوشبوءِ جو جائزو.!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعري مجموعي، لفظ لفظ خوشبوءِ جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    صحن بستان ذوق بخش وصحبت ياران خوش است
    وقت گل خوش باد ڪزوئ وقت ميخوار خوش است
    ( حافظ شيرازي )
    حافظ شيرازي جي مٿيئن شعر جو ترجمو مناسب ٿو سمجھان. ترجمو :باغ جو صحن مزو ڏيندڙ آهي ۽ دوستن جي صحبت خوش ڪندڙ آهي، گل جو وقت سٺو پيو گذري ته مخوار به خوش آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به سنڌي ادب ۾ خداداد صلاحیت جو مالڪ آهي. سنڌي نثر توڙي نظم هن جي دل جي آڳر تي هر وقت مي رقصم جي حالت پسي سگھجي ٿي. ڪتاب لفظ لفظ خوشبوءِ ۾ 3حمد هڪ نعت 101 غزل۽ 49 گيت شامل آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي غزل جي ٻوليءَ ۾ جرئت، پيار، درد ، طبيعتي صلاحيت آساني سان پرکي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار جي غزل جا هي بيت زندگيءَ جون سچايون پيش ڪري رهيو آهن.

    در در رلايو آهي، دل کي وڇوڙي ڏاڍو،
    پرچي پوي شل ڪنهن دل جي ساز سان.
    ***
    تو سان زماني جو هر شخص ٺهي ٿو،
    مون ساڻ ته گڏ منهنجو پاڇو نه رهي ٿو.
    ***
    ڪوڪو پل ٿئي ٿو ڀاري،
    صدين تي به ڄڻ سوڀارو.

    مان سوچان ٿو يادون به واپس کڻي وڃ،
    جڏهن کان نشاني وتي تو موٽائي.

    علامه شبلي نعماني جي چوڻ مطابق"تصوف جي ابتدا جيتوڻيڪ ٽين صديءَ جي آغاز ۾ ٿي پر پنجين صدي، ان جي شباب جو زمانو هو. اهو ئي غزل جي ترقيءَ جو سمجهيو وڃي".
    ايرانين جي سرزمين کان جڏهن غزل سنڌ ۽ هند پھتو ته سنڌي ٻولي جي شاعرن غزل تي خوب طبع آزمائي ڪئي. جنھن ۾ سچل سرمست، شيخ اياز، عبدالحڪيم ارشد، مير عبدالحسين سانگي ،اياز گل ۽ سنڌ ۽ هند جي گهڻن نالن سان گڏ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به غزل جي پيرائي پاڻ موکيو آهي.
    ڪتاب لفظ لفظ خوشبوءِ جو مھاڳ سنڌي ٻوليءَ جي سينيئر شاعر امداد حسيني لکيو آهي. امداد حسيني مھاڳ لکي ٿو ته : ذوالفقار سيال ٿلهي ليکي رومانوي شاعر آهي ۽ غزل رومانوي شاعريءَ لاءِ هڪ نهايت موزون صنف آهي.
    سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي اداري جي نوٽ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار لاءِ لکي ٿو ته :ڊاڪٽر علمي ۽ عملي حوالي سان پاڻ پتوڙڻ واري جذبي سان هميشه سرشار رهيو آهي، پنهنجي ٻوليءَ سان عشق جا اولڙا ۽ عڪس سندس سرير ۾ جذب ٿيل انھن احساسن جي اپٽار آهن.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي شاعريءَ ۾ ستل فرد کي جنجهوڙي ۽ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ حوصلي جو دڳ به ڏئي ٿو .

    همت ڪر، حاڪم مست اٿئي،
    هو ڀاڙي آ ۽ پست اٿئي.

    سر نيزي تي هت ٽنگجن ٿا،
    هو وحشي خون پرست اٿئي.

    اهڙو وقت اچي ويو آهي،
    ايجنٽ ليڊر ٿي پيو آهي.

    منافقيءَ جو چارٽر ٺاهي،
    ھر ڪو ان کي ٿو ڦهلائي.
    اهڙا ڪيترائي غزل آهن جن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار عوام جو آواز بڻجي ڪوڙ کان پاڻ به نفرت ڪري سماج کي به هوشيار رهڻ جي سڌ ڏئي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو غزل عوامي، رومانوي ۽ انقلابي آهي.
    مريم مجيدي لکي ٿي ته :هي ڪلاڪار لفظن ۾ انساني احساسن ۽ جذبن جي خوشبو کي سوچن ۾ اپٽاري سڄي سنسار کي سرهاڻ سان هٻڪاري ٿو.
    گيت رسيلي ۽ مٺي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ رچاءُ ڪري ٿو. سنڌي اها ٻولي آهي جنهن ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن جنهن جي ڪري سنڌي گيت جو رچاءُ به اوترو حسين آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گيت ۾ علامت نگاري، سريلزم ۽ حقيقت پسندي کي اظهار جو آواز بڻايو آهي. اها حسناڪي سنڌي ٻوليءَ جي ٻين گيتڪارن ۾ به موجود آهي. جنهن ۾ ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، تاجل بيوس، استاد بخاري، سرمد چانڊيو ۽ مير محمد پيرزادو سرفهرست آهن.
    او ساٿي _اومانجهي
    لهر لهر ٿي نغما ڳائي.
    مانجهي ونجهه هلايون
    ماجهي ونجهه هلايون.

    جُڳُ جُڳُ جيئي ڌرتي منهنجي،
    رهي سدائين صدين تائين
    هردم هر پل رهي شاد
    ديس هي منهنجو شل آباد.
    ڪاڇو ڪيٽي بندر جيئي
    مسجد گرجا مندر جيئي
    ماڻهوءَ جو من اندر جيئي
    سنڌڙي منهنجي زنده باد.
    نسرين الطاف لکي ٿي ته :ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سچ ته محبتن جو اهو مجسمو آهي، جنھن ۾ برداشت، درگذر، محبت، پيار ،سڪ ۽ نه ڄاڻ الائي ڪيتريون خوبيون سمايل آهن.
    مان تير _ترار تي به رقصم
    ۽ تنهنجي پيار تي به رقصم
    ھر دل جي ڌڙڪن تي رقصم
    مان رقصم، رقصم ۽ رقصم.
    تون پرچين ٿو، سڀ پرچن ٿا
    جي تون رسين، سڀ رسن ٿا
    تنهنجي ياد ۾ نيڻ هي برسن ٿا
    آ توسان دنيا جو ئي دم
    مان رقصم، رقصم رقصم ۽ رقصم.
    ڪتاب لفظ لفظ خوشبوءِ جي ارپنا شاعر، پنهنجي والد سرائي سردار محمد خان سيال ۽ وڏي ڀاءُ سردار انور خان سيال جي نالي ٿيل آهي.
    ڪتاب لفظ لفظ خوشبوءِ جو بيڪ ٽائٽل هند جي سينيئر سرجڻھار واسديو موهي لکيو آهي. ڊاڪٽر لاءِ لکي ٿو ته : هُن جي اندر ۾ پهاڙ آهن، اُنهن مان ڪنهن به چوٽيء تان پُڪار جي، پڙاڏو گونجي ٿو. اهي پڙاڏا ڪڏهن غزل ته ڪڏهن نظم بڻجي ٿا پون ته ڪڏهن معصوم ٻارن جا جذبا ٿي پون ٿا ۽ اسان تائين پهچن ٿا، ٿانوَ جدا جدا آهن پر پاڻي ساڳيو آهي، پهاڙن ۾ جهرڻو هڪ آهي. انهن پڙاڏن جي هڪ ٻي به خوبي آهي، اُهي موسيقيت سان ڀرپور آهن.
    آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ غزل جو هي بيت ته '
    اسان جي پيار جو ماپو نه ڪنهن کان ٿي سگھيو،
    زمانو پيار کي پوءِ به ته ماپي ٿو ڪڏهن ڪڏهن.
     
    آخري ترميم: ‏28 آگسٽ 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو