• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو ھڪ وڏو کاھوڙي جهموري فڪري علمي ۽ انقلابي ڪردار ڪامريڊ غلام حسين شر

نديم حيدر شر

سينيئر رڪن
سنڌ جو ھڪ وڏو کاھوڙي جهموري فڪري علمي ۽ انقلابي ڪردار ڪامريڊ غلام حسين شر

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ارپي جاکوڙيندا آهن سي خود تاريخ بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ڪڏهن به ناهي مرندي. ڪامريڊ غلام حسين پڻ اهڙن فردن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.
ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ پنهنجائپ وارو هو، جنهن ۾ سندس مشاهدي جي روشنيءَ مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ۽ حقيقتون رونما ٿينديون هيون. ڪامريڊ غلام حسين جي ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون صداقتون هيون جن کي اڄ تائين ڪنهن به لکت ۾ ناهي آندو. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس بي انتها عشق هيو. هو چوندو هو منهنجو وس هجي ته جيڪر سموري دنيا سنڌ بڻائي ڇڏيان. ڪامريڊ غلام حسين جي ڳالهين جي ڳنڍ جڏهن به کوليون ٿا ت، هر طرف خوشبو ڦهلجي وڃي ٿي، اهو ڪو عجيب اتفاق نه پر ماڻهوءَ جي شعوري ڪوشش هجي ٿي ته اهڙن ماڻهن جون ڳالھيون ڪجن اھڙن لافاني ڪردارن تي لکجي جن جي حياتي هميشه درياھ جي سير سامهون هجي، جيڪي لهوارو لهڻ جهڙا نه هجن، ڪامريڊ غلام حسين جي حياتيءَ تي هڪ نظر وجهڻ سان ائين ئي لڳندو ته هو سنڌ جو اهڙو بيچين روح هو، جنهن کي پٿر پير ڊگها ڪري سنجهي ئي سمهڻ ڪڏهن نصيب نه ٿيو هو. هڪ سچي تخليقار جيان هميشه ان جستجو ۽ ان اُڻ تڻ ۾ رهيو ته هن ديس جي دکي انسانن ۽ پورهيت طبقي مٿان ڏکن جا بار ڪڏهن جهڪا ٿيندا؟ ڪامريڊ غلام حسين جهڙا ماڻهو، جيڪي شيخ اياز جي انهن سٽن جا پتنگن جيان ديوانا رهيا ته سماج کي ڌوڏ هن سماج کي، هي نظام آ خراب سي هميشه سسٽم سان وڙهندا رهيا ۽ ڪامريڊ غلام حسين ته ان ٽهيءَ جي اهڙن چند نالن منجهان هڪ هو، جيڪي آخر تائين سسٽم سان سرچاءُ نه سکي سگهيا. ھن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياء سان مھاڏو اٽڪايو جيلن جو سختيون سٺيون اسان هن وٽ هٿرادو وڏائي، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي اجايو فخر يا پنهنجي ڏات کي ذاتي پبلڪ رليشنز ۾ ٻارڻ طور ڪتب آڻيندي، ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. ڪامريڊ غلام حسين سنڌ سان عشق ڪندڙ اهڙو ته الستي ماڻهو هو، سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ ڪامريڊ غلام حسين اهڙن اڙانگن گسن تي هليو، جنهن لاءِ ڀٽائي سرڪار چيو ته ”دودڪ دهليا جت، گوڏا هلن نه گس ۾“ يا جيئن سر ’سهڻيءَ‘ ۾ چيو اٿس، ’جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي،“ سو ڪامريڊ غلام حسين جو سنڌ سان محبتن جو سفر، هر طرف هلندو رهيو، عجيب انسان ھيو ڪامريڊ غلام حسين ۾ هڪ ڳالهه تمام اعليٰ معيار جي موجود هئي، اها هئي ٻئي کي متاثر ڪرڻ ۽ جلدي پنهنجي راءِ سان سهمت ڪرڻ، هن وٽ لفظن جو اهڙو ته جادو هو، جو اڳلي کي ترت قائل ڪري وٺندو هو، نفسياتي طور تي هي هر ماڻهو جي چڱائين کي اهڙو ته اڀاريندو هو جو اڳلو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءَ مجبور ٿي پوندو هو، پوليس ۽ ،وڏيرن جي ناجائزين جي خلاف رھيو ڪامريڊ ڳوٺ جي ڪيترن بيڪار ۽ اوباش نوجوانن کي هن ڪارائتو ۽ لاڀائتو ڪري ڇڏيو. جيڪي اڄ سياسي سماجي اڳواڻن طور ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. بس پارس هيو، جنهن سان پاسو لڳندو هوس، ان کي سون ڪري ڇڏيندو هو. ڪامريڊ غلام حسين ۾ ، محنت ۽ اورچائي جا گڻ اعليٰ پئماني تي موجود هئا. هميشه پنهنجي ذهن کي مثب انداز سان استعمال ڪندو هو، ڪڏهن به خرابات يا تخريب کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنائين. هر معاملي ۾ محتاط ۽ هر ڳالهه تي ڏهه دفعا سوچي پوءِ ڪو فيصلو ڪبو. فيصلو به اهڙو ڪبو، جنهن سان پاڻ متفق هجي، جنهن سان دلي سڪون ملي، ڪنهن به اڻ تڻ ۾ الجهڻ وارو نه هيو هن جي شخصيت ۾ ڇڪ محسوس ٿيندي هئي ۽ ڏسڻ واري کي متاثر ڪندو هو. هن ۾ لٻاڙ ۽ پاڻ پڏائڻ واري عادت بنهه ڪانه هئي، هو سدائين ٻين کي پڏائيندو هو، انهن کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پنهنجي تشريح ۽ نيڪيءَ کان ونءُ ويندو هو. هن کي هميشه اهو الڪو دامن گير رهندو هو ته ڪٿي ڪير اهو طعنو نه ڏئي ته ڪامريڊ پاڻ کي ڪئش ڪرائي رهيو آهي ڪامريڊ غلام حسين چوندو ھيو ت خود پرستي ۽ رجعت پرستيءَ جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو تعلق آهي، جيڪو شخص پنهنجي ذات ۾ قيد آهي، اهو ڪڏهن به ڪنهن کي فيض ڏئي نه سگهندو. ڇو ته هو پاڻ مان ئي واندو ناهي ٿيندو جو ٻئي لاءِ سوچي.
ڪامريڊ غلام حسين شر اسان جي تر جو غير معمولي ڪردار رهيو آھي. ڪامريڊ جيڪڏھن بي وقتائتو ھي جهان نه ڇڏي ھا ته خيرپور/ٺري ميرواھ جي سياست جا رخ ئي تبديل ٿيل هجن ھا ڪامريڊ غلام حسين شر سنڌ جو يگانو ۽ کاھوڙي ڪردار ھيو علم، فڪر، ۽ جهموري مزاج رکندڙ وطن پرست ۽ انقلابي شخص هيو
 
Back
Top