مٽيريل (خام مال) سٺو ته پروڊڪٽ به سٺي ٿيندي، مون ڪڏهن به وزيرن ۽ سياستدانن کي گاريون نه ڏنيون آهن. اِن ڪري ته اڄ تائين ڪوبه سياستدان پنهنجي طرفان پنڌ ڪري اسيمبلين ۾ نه وڃي ويٺو آهي، مون هُن کي ووٽ ڏنو آهي، تڏهن اُتي وڃي ويٺو آهي. مان پاڻ کي ڇو نٿو گار ڏيان، پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهايان نه؟ ته منهنجي ووٽ جي ڪري اُتي ويٺو آهي. ۽ اُتي ويٺو آهي ته حڪومت ڪندو، پوءِ اُتي تهڙي قسم جا ماڻهو هوندا، جهڙي قسم جو مان آهيان، اُهي اوهڙو ئي اُتي ڪم ڪن ٿا. انهن مان سٺي ڪم جون اميدون ڇو رکجن. جڏهن مان پاڻ ردي آهيان، ردي ماڻهو چونڊيان ٿو، ردي ماڻهو موڪليان ٿو ته اهو واضح آهي ته توهان جون ردي حڪومتون ٺهنديون. اِن ۾ ڪا فلاسافي يا ڪيمسٽري ۽ فزڪس جو فارمولو ناهي. را مٽيريل سٺو معنيٰ عام ماڻهو سُٺا ٿين، عام ماڻهو تڏهن سٺو ٿيندو، جڏهن اُن جي تعليم هجي، تربيت هجي، سوچ هجي، ويچار هجي، توهان جيڪا نظرئي جي ڳالهه ڪريو ٿا نه ته اهو منهنجو نظريو آهي ته سنڌ جي دل ڪراچي جي تباهيءَ جو ڪارڻ نه پٺاڻ، نه پنجابي، نه مهاجر، پر توهان جا پير، مير چونڊيل نمائندا ۽ سردار آهن