• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوثر علي شر کي جنم ڏينھن جون واڌايون

نديم حيدر شر

سينيئر رڪن
گلابن جي خوشبوء جهڙي ماڻھون ڪوثر علي شر کي جنم ڏينھن جون مبارڪون

مفادن خاطر ڪنهن جي پرگهور لهڻ وارا ته اسان کي هن ديس ۾ جام ماڻھون ملندا جيڪي ننڍي مان ننڍو احسان به لالچ رکي ڪن ٿا ۽ بنا لالچ جي ڪنهن کي هٿ ڏيڻ به پسند ناهن ڪندا پر بنا ڪنهن مفاد ۽ لالچ جي ڪنهن پير اگهاڙي مسڪين ۽ غريب جي خدمت ڪرڻ وارن جو انگ تمام ٿورو آهي، ڪير آهي، جيڪو هن جرڪندڙ ستاري جي نالي کان آگاهه ناهي ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽي مان ڳوهيل املهه وجود جنهن مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان محبتن جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي خوشبو کي محبتن جي سڳي ۾ پوئي نوان باب لکيا آھن
جھڙي طرح ھڪ بھترين ڪاريگر ڪنھن پٿر کي تراشي ان مان ھڪ خوبصورت مورتي ٺاھيندو آھي، جھڙي طرح ھڪ مصور مختلف رنگن کي ملائي پنھنجي فنپاري ذريعي ھڪ اعلآ ۽ بيمثال تصوير ٺاھيندو آھي، ٺيڪ اھڙي اسان جي سينئر وڪيل ڪوثر علي شر پنھنجي خداداد صلاحيتن ذريعي پنھنجن جونيئر وڪيلن جي زندگيء کي سنواري انھن جي وجود ۾ علم جي جوت جلائي انھن کي ڪاميابين جي بلندين تائين پھچايو آھي٠ جن مان ڪيترائي انصاف جي اعلي ڪرسين تي ويٺل ججز ۽ بھترين وڪيل آھن سائين ڪوثر علي شر ھڪ معروف ۽ مشھور وڪيل آھي جنھن پنھنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي پنھنجي جونيئر نوجوان وڪيلن جي زندگيء کي علم جي نور سان منور ڪندي انھن کي ھڪ ڪامياب انسان بڻائڻ ۾ ڪافي اھم ڪردار ادا ڪيو آھي٠ محترم جناب ڪوثر علي شر صاحب کي به اهڙن انمول محبوب ماڻھن ۾ شامل ڪجي ته حق ادا ٿيندو محترم جناب ڪوثر علي شر صاحب کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پون ۽ الله تعالي کان دعا آهي ته الله تبارڪ و تعالي سندن مال رزق عزت عظمت وقار توقير اعزاز شان، وسيع عريض گهر ماڳ مڪان، سهڻين سوارين سنهجائي وارين ۾، پڻ برڪتون عطا ڪري ، سلامت هجي شال پنهنجي ڪڙم ڪهول آڪهه ساڻ هميشه. آمين
 
Back
Top