سنڌ سھڻو سرجڻھار، اياز کهاوڙ...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌ جو سھڻو سرجڻھار، اياز کهاوڙ....!
    فقير محمد سنڌي.
    ھر ھر تنهنجي هُر کُر من ۾،
    ور ور تنهنجي وائي وات.( حسن درس )
    شاعر پنهنجي خوردبین سان ڪائنات جي حسناڪين کي عشق ۽ مجاز وارين نظرن سان ڏسي ٿو. اياز کهاوڙ به اهڙو ئي ڏات ڌڻي آهي جنھن ڪائنات جي سونهن کي شاعريءَ جي مالها ۾ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. سنڌ جي ڪلاسيڪل صنفون وائي ۽ بيت کي اياز کهاوڙ پنهنجو آئيڊيل بڻايو آهي، هيٺين بيت کي اياز کهاوڙ وڇوڙي نروار ڪري پيش ڪيو آهي.
    ويا جي هتان نه ڪيئون ورڻ جي وائي،
    ايڏي ڇو جدائي، ڪري ويا اياز سان.
    اياز کهاوڙ جي سٽن ۾ تشبيھون ۽ استعارا خوب موجود آهن. هتي شاهده کوکر جون به سٽون من جي آڳر تي رقص ڪندي چون ٿيون، اسان کي به جاءِ کپي شاعر جي پنڌ ۾.
    پاڻ سان پاڻ جنگ آ جاري،
    ڪنهن ٻئي سان وير ڪونھي ڪو
    ( شاهدہ کوکر )
    اياز کهاوڙ جا بيت هن ريت آهن ته :
    پرين تنهنجي ياد ۾ اکڙين لاڙيا لڙڪ،
    ويئي وسري مرڪ، تنهنجي هن اياز کان.
    ڇني وئين تون، مون کان سڀ سهارا،
    پرين منھنجا پيارا، آخر ڇو اياز کان.
    ٽي ايس ايليٽ جو شاعريءَ جي حوالي سان خيال آهي ته :"شاعر جو بنيادي فرض پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن اهو ته، هو ان کي سڌاري ۽ ترقي ڏئي".
    اياز کهاوڙ جي شاعريءَ ۾ اهڙا لاڙا به ملن ٿا، جيڪي مٿين خيال سان هم خيال آهن. اياز کهاوڙ پرين جي جدائي جي درد جي ڪٿا سيني مان ٻاهر آڻي شاعريءَ جي روپ پيش ڪري ٿو.
    ڪجھ خيال ڪر انسان تون،
    ايڏو نه ٿي نادان تون.
    پنهنجي انا لئہ زندگيون،
    ڇو ٿو ڪرين ويران تون.
    ڌرتي سندي جو اي اياز،
    ٿي مانُ ۽ٿي شان تون.
    اياز کهاوڙ 4 فيبروري 1993ع تي جنم ورتو، تعليم انٽر اٿس، دنيا جي زندگيءَ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ سماجي ورڪر، شاعر ۽ صحافت سان دلچسپي رکي ٿو. 2011ع کان سنڌي ادب سان سلهاڙيل آهي.
    فطرت ۽ فطري رنگن ۾ شاعر آزاد آهي، اياز کهاوڙ به شاعر جي دل رکي ٿو. ان دل ۾ سور داخلي به آهن ۽ خارجي به آهن. بس شاعر دل سان لفظن کي سيڪي سيڪي پيش ڪندو آهي.
    پڇندو آهي اياز ڇو، وقت کان تنھنجا پار،
    موٽي ايندو يار، يا آئون ڇڏيان هن ديس کي.
    جاچي ڏٺا مون، پنھنجا دشمن پاڻ،
    ڪاٿي امن ساڻ، رهڻ ڏيندا پاڻ کي.
    ڪارلايل جو خيال ياد ٿو اچي ته :"ڪڏهن ڪڏهن خاموشيءَ ۾ لفظن کان زياده طاقت ۽ فصاحت ۾ سمايل هوندي آهي".
    حقيقت ۾ اياز کهاوڙ روشن دڳ تي آهي، اياز نظمي خيال ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجو روشن مستقبل ضرور ماڻيندا. آخر ۾ اياز کهاوڙ لاءِ، سردار شاھ سٽون ته :
    چنڊ جو چولو ڦاٽو پيو آ،
    ليڙون ليڙون ليڙ نديءَ ۾.( سردار شاھ )..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو