• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاڇي جو شاعر فقير عبدالقادر قادر سومرو

hpK4wrP.jpg

فقير قادر سومرو
جو پورو نالو عبدالقادر سومرو پٽ الھرکيو سومرو هو هن دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي ڳوٺ سوڀو دولتاڻي لغاري ۾ پيدا ٿيو. هن صوفي شاعر چئن ٻولين فارسي، اردو،سرائيڪي ٻولي ۽ سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري ۽ شعرن جو گھڻو حصو سنڌي ٻولي ۾ آهي. شاعري ڏاڍي اثرائتي اٿس. قدرت طرفان شاعري جي ڏات عطا ڪيل هئس جو ڪا ڳالهه پڙهندو هيو يا ڪنهن الله واري کان ٻڌندو هيو يا ڪو واقعو ڏسندو هيو ته ان کي شعرن ۾ قلمبند ڪري ڇڏيندو هيو.

پاڻ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. جيئن: بيت، دوهيڙا، غزل ، ڪافيون، مداحون، مناجاتون وغيره. پاڻ پنهنجو شاعراڻو تخلص ”سومرو“ رکيو اٿس. يا وري پنهنجو نالو ”عبد القادر“ بطور تخلص جي استعمال ڪيو اٿس.

سندس شاعري جو ڪتاب گوندر گھاريان ڏينهڙ
پير محمد ڪرم الله الاهي نقشبندي قادري المعروف مرشد دلبرسائين مدني ڇپرايو
سندس شاعري ۾ محبت ۽ پيار نماڻائي ۽ نهٺائي نمايان نظر اچي ٿي. ٻولي ڏاڍي سهل ۽ من موهيندڙ اٿس. تصوف جا نڪتا ڏاڍي دلڪش انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ان ڪتاب ۾ فقير صاحب هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو:
ٻوڙو ٿي تون ٻڌ، اندر جي آواز کي،
ڏس بنا ڏسڻ جي، ته سارِي پوَئي سُڌ،
چئي ”عبدالقادر“ اندر ۾، خالق اٿئي خود،
ڪري جوانَ جُهد، مالڪ ساڻ ملي ويا.

باطن جي زمين ۾ معرفت جو ٻج پوکڻ ۽ اها پوک پچائڻ جي ترغيب ڏيندي لکي ٿو ته

اٿي جن آسر ، پوکيو ٻج ٻني،
ڪيئون الله آسرو، توڪل منجهه تني
عشاقن انهيء، سلا سڪ ڄمائيا

سانوڻ ڄاڻ سڪندين لکي ٿو ته

سارنگ سنڀري آئيو، جهولا ويا جُهلي
سانوڻ جي ڪا سومرا، هينڙي هير گُهلي
لٿا درد ڪُلي، جو جاني آئيو جوء ۾

ڪتاب گوندر گھاريان ڏينهڙا پڙهڻ لاءِ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
 
آخري ترميم:
Back
Top