نعتيه ديوان فلسفئه مصطفي جو سرسري جائزو...! فقير محمد سنڌي. تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن، تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن، وحده لاشريڪ له، اهو راڳ رڳن، سي ستا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي. ( شاھ لطيف) عشق جو پنڌ پنهنجي منزل تائين پهچندو آهي. ڇو جو اهو هر سطح کان بلند ٿيندو آهي. قاري جي من جي اها لڇ پڇ عظمت جا سڀ مينار سر ڪندي، باطن کي سلامت رکي، عقل کي باطن ويجھو آڻيندي آهي تڏهن زندگي جو هر مقصد سلڦلتو ٿيندو آهي. جيئن فلسفئه مصطفي جو عاشق، محمد جواڻ جانب سومرو آهي. انسان، علم ۽ عشق تمام ڌيان طلب موضوع آهن، انسان جو جوهر اها بلند حقيقت آهي جنھن کي انسانيت سان تعبير ڪيو ويندو آهي. عشقِ مصطفي ۾ محمد جواڻ سومرو به گل هائي عقيدت پيش ڪيا آهن. جنهن ۾ حمد باري تعالي، نعت رسول مقبول، منقبت، سلام، چوسٽا، بيت ۽ سورٺا بيت پيش ڪيا آهن. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سرجڻھار حڪيم احسن سنڌي لکيو آهي. جنھن مواد جي پرک ڪري پنهنجي راءِ به قائم ڪئي آهي، شاعر کي داد به ڏنو آهي ۽ ڪجھ شاعري جي حد بندي جي به آگاهي ڏني آهي،جيڪو فني معاملو به پنهنجي لحاظ ضرور آهي نعتيه ديوان جي شروعات حمد سان ٿيل آهي. نعتيه ديوان جي پهرين نعت، الف جي رديف سان، بحر :رمل مثمن محذوف سان ٿيل آهي. نعت جو ٿلھ ۽ ڪجھ مصرا پڙهندڙ لاءِ. مرحبا آئين ڀلارا ماھَ اي ميلاد جا، ڀاڳ وارا بخت وارا ماھ اي ميلاد جا. تنھنجي آئي عيد ٿي وئي آ سڄي سنسار ۾، واھَ تنهنجي پرت پيارا ماھَ اي ميلاد جا. ميم مٺڙو الف احمد نام نوري نور آ، لال موتي لفظ سارا ماھَ اي ميلاد جا. ٿو گهري جانب دعائون دلربا جو در چمان، ٿي بهاري اي سونهارا ماھ اي ميلاد جا. سڪ جي سڌ جو انداز، مير حسن ملزم شر لکيو آهي، جنھن ۾ محمد جواڻ جانب کي مبارڪون ڏنيون آهن. حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته :"ايمان هڪ اهڙو وڻ آهي، يقين ان جي جڙ، تقوي ان جي شاخ، حيا ان جو نور ۽ سخاوت ان جو ميوو آهي". آخرت جي حاصلات لاءِ محمد جواڻ جانب سومرو نعت رسول سمجھي ٿو. روح راحت فيض فرحت آ مديني شھر ۾، ڏيک سھڻا دل ڏسڻ لئه من ٿيو مستان آ. بي عمل آهيان برابر ڪين آهي ڪو عمل، بي سهارن جو سھارو پر سخي سلطان آ. سيرت مصطفي جي عنوان سان، فقير غلام قادر ڪيريو، لکي ٿو ته :"جانب جي جذبن ۾ سيرت مصطفي نھايت خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيل آهي". جانب کي پنهنجي رهبر جو هر ويل دل ۾ الڪو آهي. ٿيندو دلبر جو ديدار ته نوري نيٺ، سھڻي سرور جو ديدار ته نوري نيٺ. ڏسندي، ڏسندي راهون ٿيندم هڪڙي ڏينهن، پاڪ پيغمبر جو ديدار ته نوري نيٺ. بخت عابد به جانب انهيءَ دعا سان نوازيو آهي. لکي ٿو ته : منھنجي دعا آهي ته جانب ان عشق ۾ سدا ٽٻٽار هجي ۽ لافاني منزلون ماڻيندو رهي. آل رسول جي شان ۾ جانب جو جمال پسي سگهجي ٿو. سجدي ۾ سِرُ سيد جو سبحان ڪربلا، ڪيڏو ملي ويو توکي آ مانُ ڪربلا. سِرَ دين لاءِ توتان شبير گهوريا، آهي تمام تنھنجو وڌ شان ڪربلا. ارباب علي عادل چوهاڻ به ديوان فلسفئه مصطفي تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا آهن لکي ٿو ته : "سنڌي ٻوليءَ ۾ نعتيه شاعري جي فيلڊ ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ﷲ پاڪ سندس پيار ۽ پاٻوھ جي هن پورهئي کي قبول فرمائي". تصوف جي عالمن، شاعرن، مفڪرن ۽ اولياءَ ﷲ تي به جانب شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيئن سچل سرمست کي ياد ڪيو ٿس. نينهن جي نيزي نچ ﷲ هو، سچل سارو سچ ﷲ هو. حق موجود جو نعرو لڳائي، پيار پچڻ ۾ پچ ﷲ هو. ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل سنڌ جي ناليواري شاعر ڪوڙل قربدار لکيو آهي. لکي ٿو ته : جانب جواڻ سومرو محنت، محبت، شوق ۽ ذوق سان شاعري سرجيندو رهي ٿو.جانب جي شاعري پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جھڙي آهي. آخر ۾ ڪتاب جو آخري سورٺو بيت پڙهندڙن لاءِ. ساجن تنهنجي سڪ، اندر جي آٿت، هينئڙي کي آ هڪ، تنھنجي تانگھ تنوار ٿي.