• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت

فياض منصور

سينيئر رڪن
سنڌي ٻولي کي بچائي سنڌ سلامت
دوست پيارا ٿو ملائي سنڌ سلامت

مون سان منهجي ساه وانگي دوستو،
ساٿ پل پل پيو نڀائي سنڌ سلامت

نفرتن کي ٿو گهٽائيندو اچي ء،
محبتن کي پيو وڌائي سنڌ سلامت

ڪاش ڪو ڪم ڪار مونکي نه هجي بس؟
هر گهڙي ويهان لڳائي سنڌ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت

اڙي يار! فياض منصور پنهنجو مٿو هيڏانهن ڪر ته هڪ مٺي ڏيانءِ ۔۔۔ اصل حيانءُ ٺاري ڇڏيو اٿئي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي مقصد ۽ متي کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي اوهان ۽ مٿان وري پنهنجي دلي خواهش ظاهر ڪري، اسانکي دلجاءِ ڏني اٿوَ ته اوهان جهڙا دوست پنهنجي سيني ۾ سنڌ جو سور رکي سنڌ سلامت تي سنڌ جي پرچار ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهن ۔۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت

مان سنڌ سلامت جي لاءِ اهڙي بهترين شعر لکڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيندس۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي۔۔۔ سنڌ سلامت واقعي دوستن کي ملائي ٿي ۽ نفرتن کي گهٽائي ٿي۔۔ مهرباني
 
Back
Top