اکين ۾ اوجاڳن عڪس ٺاهي ڇڏيا آهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    عظيم ناولنگار گورڪي چيو آهي ته؛ ”مون ۾ جيڪا به سٺائي آھي اُها ڪتابن جي بدولت ئي آھي مون جواني ۾ ئي ڄاڻي ورتو هو ته ڪائنات جي ٻي هر چيز جي نسبت، ادب ۽ آرٽ ئي سخي هجن ٿا“. انسان ڪيفيتن جو محتاج مسافر آهي، زندگي هر پل نوان امتحان وٺي ٿي ۽ اُنهن مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي آڌار تي وري نيون راهون ۽ نوان امتحان پوسٽ مين طرفان پڪڙايل لفافي وانگر هٿ ۾ ڏئي ڪري هلي وڃي ٿي ۽ اسان گهڻي عرصي تائين زندگي طرفان آڇيل نون پيچرن تي هلڻ لاءِ سوچيندا رهندا آهيون. انهي سوچ ويچار ۽ ٻُڏتر واري حالت ۾ اسان کوڙ سارا تجربا به ڪريون ٿا، ڪتاب پڙهيون ٿا. فلمون ڏسون ٿا. پنهنجي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ تقريرون ٻڌون ٿا. ڪٿي فائدو رسندو آهي ته وري ڪٿي جان کي جوکم ۾ وجهڻ کانپوءِ به هڙ جئين جو تئين خالي رهجي ويندو آهي. اکيون خواب ڏسنديون آهن ۽ اُنهن خوابن کي ساڀيان واري نهج تي پهچائڻ لاءِ اسان کي هي نماڻي دل مجبور ڪندي آهي. ماڻهو گهڻن ئي جاين تي مجبور ٿيندو آهي. جواني ۾ عشق جي ڪري مجبور ٿيندو آهي، عشق کانپوءِ خاندان کي سنڀالڻ ۽ روزگار جي حاصلات لاءِ حالتن کان مجبور ٿيندو آهي، اهڙي طرح وري روزگار جي هوندي پنهنجي ساک ۽ سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي بالا آفيسر آڏو مجبور ٿيندو آهي. سموري ڄمار سندس اِها مجبوري کانس کوڙ سارا ڪم ڪرائيندي آهي ۽ سندس چاهيندي يا نه چاهيندي کانس کوڙ سارا اڻ وڻندڙ ۽ پسند نه ايندڙ ڪم به ڪرائي وٺندي آهي. زندگي جي اِها ٺڳي ۽ دولابي کي ڏسندي ڪي ماڻهو پاڻ سنڀالڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن ته وري ڪي ماڻهو زندگي کان شڪايتون به ڪندا آهن. اِئين ئي زندگي جو هي سفر خوشي، مايوسي يا نا اميدي جي باوجود به ڪٽجي ٿو وڃي. هڪڙا ماڻهو چاهيندا آهن ته اُنهن کي ٻيا ڏسن ته اُنهن جون اکيون ٺري پون ۽ اُنهن کي اکين ۾ سرمو وجهڻ جي ضرورت ئي نه پوي، ساڳي جاءِ تي وري ٻيا ماڻهو اِنهي سوچ جا به آهن ته انهن کي جنهن مهل ٻيا ڏسن ته اُنهن جو اندر جيرو ۽ پتو مطلب ته سمورو سامان سڙي رک ٿي وڃي.
    يوناني چوڻي آهي ته؛ ”ديوتا جڏھن ڪنهن هستيءَ کي مٽائڻ جو پڪو په ڪندا آھن ته سڀ کان پهريائين انهيءَ وجود اندر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀريندا آھن“. اهڙن ئي حاسدن جي ناقص سوچ ڪري معاشرو بي روي جو شڪار آهي ۽ اسان جا سماجي رويا سُڌرڻ جي بجاءِ آئي ڏينهن خراب ٿيندا ٿا وڃن ۽ اسين سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهيون. توهان ڪڏهن اِنهي ڳالھ تي سوچيو آهي ته اسين پنهنجي ماضي کي ياد ڪري خوش ڇو ٿيندا آهيون؟ ممڪن آهي ته هر ڪنهن جو ماضي شاندار نه ٿو ٿي سگهي تڏهن به اسان جو ماضي ۾، ڪجھ نه ڪجھ، گهڻو نه سهي ٿورو ئي سهي، اِهڙو ڪجھ ضرور هوندو آهي جنهن کي ياد ڪري اسان جو من باغ بهار ۽ تر و تازه ٿي پوندو آهي. اسين چاهيندا آهيون ته اُهي ڏينهن واپس اچن ۽ اُنهن ڏينهن جي حسين گهڙين کي وري محسوس ڪرڻ جو چس حاصل ڪريون! پر اِئين ممڪن ڪٿي آهي؟ اسين اُنهن يادن کي سنڀاليندي صرف لطف اندوز ٿي سگهون ٿا باقي وقت جي ڪانٽي کي پوئتي ڦيرائي ساڳي جاءِ تي آڻي ساڳيو ماحول نه ٿا جوڙي سگهون. يوناني چوڻي آهي ته؛ ”وڏو ڪم ڪريو پر وڏي دعوي نه ڪريو“. ڇو اسان پاڻ وڏي دعويٰ ڪري پنهنجي حيثيت کي ميساري سگهون ٿا. اسان کي انهن ڪمن تي قدرت حاصل ڪونه آهي. اسين ماضي مان سکي سگهون ٿا. ماضي کي ياد ڪري مستقبل لاءِ ڪجھ ڀلو سوچي سگهون ٿا. پاڻ توڙي پنهنجي آس پاس جڙيل فردن لاءِ ڪا آساني پيدا ڪري سگهون ٿا. پر اسين ائين ڇو ڪنداسين؟ اسان کي اهو سيکاريو ئي نه ويو آهي. اسان کي ننڍي هوندي کان اُستاد، والدين ۽ هن معاشري مجموعي طور تي اِهو ئي سيکاريو آهي ته اوهان کي اڳتي نڪرڻو آهي. ايترو اڳتي جتي ڪو ٻيو پهچي سگهڻ جي سگھ ئي نه رکي. اسان اهڙن ڪار آمد تجويزن تي اکيون ٻوٽي ڪري اعتبار ڪندا آهيون. زندگي جي اصل روپ ۽ رنگ کي سمجهڻ جي بدلي مقابلي واري جهان ۾ داخل ٿي ويندا آهيون. پنهنجي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ڪري ايتري تيزي سان اڳتي نڪري ويندا آهيون جو ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ کان به ڳولهيا نه لڀندا آهيون. هڪ نظر پوئتي نهار ڪري نهاريندا آهيون ته پوئتي ڌُنڌ کان علاوه ٻي ڪا به شئي اسان کي نظر نه ايندي آهي. زندگي جي اِها اڻ مڌائتي رفتار اسان کان گهڻو ڪجھ کسي وٺندي آهي. پيار، پهجائپ، دوستي، رشتيداري ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ، ماڻهو املھ آهي سندس ملھ کي صرف محبت ۾ ئي ماپي سگهجي ٿو. اِهڙي طلسماتي ماحول ۾ وري به سڄي ڪايا ڪرتا کي سانڀڻ جو ڪم اکيون ئي ڏينديون آهن. اکين تي کوڙ سارا الظام به لڳندا رهيا آهن. اکيون روئنديون به آهن ته وري ڪڏهن ڪڏهن اکيون اتفاق سان کلنديون به آهن. اوهان ڀلي اکين ۾ پلجندڙ سنهرن خوابن جا انڪاري هجو پر اکين مان وهندڙ گرم پاڻي کي روڪي نه ٿا سگهون. اوهان جو اکيون اوهان جي اختيار ۾ ڀل ڪيڏيون به هجن پر تڏهن به کين ڪڏهن ڪڏهن هيڏانهن هوڏانهن جهاتي پائڻ کان اوهان روڪي نه ٿا سگهون. زندگي بنا اصولن جي ئي بهتر نموني گذاري سگهجي ٿي. زندگي کي سئين دڳ تي لائڻ لاءِ ڀلي ڪجھ اصول شروعات ۾ ٺاهڻ گهرجن پر سموري ڄمار اصولن جي زنجير ۾ پاڻ کي اٽڪائي رکڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ فارسي چوڻي آهي ته؛ ”وڌيڪ علم اهو ئي ڄاڻي سگهندو جيڪو اکرن جو علم ڄاڻي ٿو“. هن چوڻي جي تسلسل سان آئون اِهو چوندس ته اکرن جو علم ڄاڻيندڙ فرد ڪڏهن به اصولن ۾ پاڻ کي قابو ڪري زندگي نه ٿو گهاري سگهي.

    اسان هڪ اِهڙي معاشري جا حصا آهيون جنهن معاشري ۾ داناءُ، ڏاهپ جا ڏس ڏيندڙ ۽ مفت ۾ تجويزن جا ڳنڍ کوليندڙ کوڙ سارا ماڻهون موجود آهن. اوهان عمر جي ڪهڙي به حصي ۾ هجو اوهان کان باقاعده سوال پڇيا ويندا. هڪ دفعو نه بلڪ کوڙ دفعا ساڳيا سوال يا هڪجهڙائي رکندڙ هڪ ٻي سان ملندڙ جلندڙ سوال پڇيا ويندا. اچو ته ڏسون، ماڻهون اوهان کان ڇا ٿا پڇن ۽ ڪئين ٿا پڇن! ڪجھ منٽن لاءِ اوهان تصور ڪريو ته اوهان ننڍا ٻار آهيو. هاڻ انهي ننڍپڻ واري زماني ۾ اوهان سان جيڪو ڄاتل سڃاتل اوهان جو ڪو مٽ مائٽ ملندو ته ملڻ شرط ئي اوهان کان پڇندو؛”ڪنهن جو پُٽ آهين؟“. انهي سوال کان پوءِ سگهو ئي يڪدم پڇندو ته؛” پڙهندو آهين؟“. جيڪڏهن اوهان جواب ۾ ها چيو ته انهي سوال جي مٿان ٻيو سوال ٿاڦيندي پڇيو ويندو ته؛”ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهندو آهين ۽ ڪهڙي اسڪول ۾ ٿو پڙهين؟“. اوهان سوال پڇندڙ کي ٻڌايو ته؛”آئون جمن موچي جو پٽ آهيان ۽ ڇهين ڪلاس ۾ پنهنجي اسڪول جي سرڪاري اسڪول ۾ اُستاد آچر وٽ پڙهندو آهيان“. اوهان جو جواب ٻڌي سامهون وارو شخص خاموش ٿي ويندو. هاڻ سرڪاري اسڪول جي غريب ماستر وٽ پڙهندڙ سوال کان هاڻ اڳتي ڇا پڇجي. همراھ چپ ٿي ويندو. کيس اندازو ٿي ويندو ته اوهان ڪيتري حد پاڻي ۾ آهيو. انهي جي برعڪس جيڪڏهن اوهان کيس ٻڌايو ته؛”منهنجو نالو عرفان آهي ۽ آئون سيٺ خميسو جو پٽ آهيان جنهن جا شهر ۾ وڏا وڏا دڪان ۽ ڪاروبار آهن، آئون شهر جي وڏي اسڪول ۾ ڇهين درجي جو شاگرد آهيان“. اوهان جو جواب ٻُڌي سامهون وارو همراھ پنهنجا سفيد يا پيلا ڏند اوهان جي سامهون چمڪائڻ شروع ڪندو ۽ سندس گفتگو ۾ نکار اچي ويندو. اوهان جي والد صاحب جي عهدي، پئيسي ۽ اوهان جي ظاهري سهڻي، سيبتي ڏيک کي ڏسي ڪري سندس رويو نفيس پڻي ۾ تبديل ٿي ويندو. اهو آهي اسان جو سماجي رويو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ علم جي حاصلات ۽ اهل علم لاءِ پاڻ پتوڻيندڙ شخص ڪيتري اهميت جوڳا آهن ۽ اِنهي جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ عهدي، پئيسي ۽ ٺٺ ٺانگر جي ڪيتري اهميت آهي، اسان صدين کان جنهن نموني سماجي روين کي هٿي ڏني آهي ۽ جيڪي نوان رويا تخليق ڪيا آهن انهن جو جواب ائين ئي سامهو اچي ٿو. ماڻهو جڏهن به اسان کان اسان جي ذاتي زندگي، تعليم يا عهدي متعلق پڇندا آهن ته اُن وقت انهن جي پڇڻ ۾ گهڻي قدر سڄڻ پائي ڪونه هوندي آهي. اُهي اسان کان همدردي طور اسان جي حالت معلوم ڪرڻ ڪونه چاهيندا آهن پر اُن جي پٺيان انهن جو اِهو مقصد هوندو آهي ته سامهون وارو شخص هن عهدي، منزل يا مقام تي ڪهڙي نموني پهتو آهي. ڪهڙن جائز ۽ ڪهڙن ناجائز رستن تان لنگهي ڪري هن اِها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. خدانخواسته جيڪڏهن اوهان جي ڪاميابي، عهدي يا منزل جي حاصل ڪرڻ واري سفر ۾ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي يا حادثي جو رونما ٿيڻ ٿئي ٿو ته پوءِ پڪ سمجهو ماڻهن جو پنجئي آڱريون اوهان طرف هونديون. اوهان جي ڪاميابي کي ناڪاميابي طور ثابت ڪرڻ ۾ ماڻهون ڪا به قصر ڪونه ڇڏيندا. اوهان جو تذڪرو هر اُن ماڻهو جي زبان تي هوندو جيڪو اوهان کي ذليل، خوار ۽ دربدر ڏسڻ جو خواهش مند هيو. زندگي جي اِنهي مرحلي کانپوءِ اوهان جواني واري مرحلي ۾ داخل ٿيندا آهيو. زندگي جو هي مرحلو انتهائي نگهداش ۽ سار سنڀال وارو مرحلو آهي. جواني ۾ ماڻهون گهڻو ڪجھ سکڻ سان گڏ گهڻو ڪجھ سمجهندو به آهي. جواني ۾ پيار، عشق، پڙهائي، مٽي مائٽي توڙي مستقبل جي لاءِ ماڻهو سوچڻ شروع ڪندو آهي. عمر جي هن حصي ۾ هڪ ئي وقت اوهان کي کوڙ سارا معاملا ڏسڻا، سمجهائڻا ۽ سلجهاڻا پوندا آهن. هي مرحلو ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهرين مرحلي ۾ توهان جي پڙهائي، ٻي مرحلي ۾ اوهان جي نوڪري ۽ ٽين مرحلي ۾ اوهان جي شادي ۽ گهر ٻار اچي وڃن ٿا. هاڻ اوهان جواني جي پهرين مرحلي ۾ آهيو ۽ اوهان بطور شاگرد پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهيو. اوهان سان ماڻهو ملندا هوندا، ڪجھ نون ماڻهن سان واقفيت ٿيندي هوندي ۽ وري ڪجھ پراڻن ماڻهن سان واقفيت هوندي گهڻي عرصي کان پوءِ ميل ملاقات ٿيندو هوندو. اوهان سان ملندڙ اڪثر ماڻهو اوهان کان پڇندا ته؛”ابا ڪهڙي اداري ۾ پڙهي رهيو آهين ۽ ڇا پڙهي رهيو آهين؟“. هاڻ سوال ۾ ٿوري تبديلي آئي آهي. عمر جي هن حصي ۾ اوهان کان اسڪول بدران ڪنهن وڏي اداري جو پڇيو ويندو ۽ انهي سان گڏ ڪلاس جي بدران اوهان کان شعبي جو پڇيو ويندو، هاڻ سموري ڄمار ماڻهو پاڻ جنهن شعبي ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهيو يا پنهنجي آل اولاد مان ڪنهن فرد کي اُن عهدي تي نه پهچائي سگهندو. پوءِ اُهو ماڻهو اوهان جو جواب ٻڌي اوهان کي چوندو؛”پُٽ اَن کان بهتر هو ته تون وڪالت ڪرين ها. اَن کان بهتر هو ته پُٽ تون ڊاڪٽري ڪرين ها. اِنهي تو واري شعبي ۾ نوڪريون اچن ئي ڪونه ٿيون“. هائي هائي ڇا ته سادگي پسند قوم آهي جيڪا ٻين کي ڏسي ڪري پاڻ کي سُڌارڻ جا گس پئي ٿي ڳولهي. ائين ئي ماڻهو توهان کي پنهنجي ذاتي پسند مطابق رايا ڏيندا ۽ نيون تجويزون اوهان جي سامهون رکندا. ڪوبه فرد اوهان کان اِهو ڪونه پڇندو ته اوهان جي پنهنجي خواهش ڇا هئي؟ اوهان ڪهڙي شعبي ۾ وڃڻ چاهيو پيا. نه نه اِهو پڇڻ ڄڻ ته ڪو وڏو ڪبيرا گناھ هجي. والدين سڳورا به ٻين جي چوڻ تي لڳي پنهنجي اولاد جا پاڻ ئي دشمن ثابت ٿين ٿا. اُهي پنهنجي اولاد کي فطري صلاحيتن جي ابتڙ شعبن ۾ موڪلي اُنهن کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏين ٿا. هي هڪ اهڙيون حقيقتون آهن جن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اکين ۾ ٺهندڙ اوجاڳن جي ڪري عڪس واري ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ هن مضمون جي شروعات ۾ لکيل گورڪي جي چوڻي کي هڪ دفعو ٻيهر پڙهو. اوهان کي سمورو قصو سمجھ ۾ اچي ويندو.

    روزاني امڪان حيدرآباد، ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2020
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو