دوستو اڄ صبح سوير جيئن ئي مان پنهنجي آفيس ۾ پهتس ته معمول مطابق سرڪاري ڪمن ۾ شروع ٿي ويس۔۔۔۔ ڪجهه وقت جي لا واندڪائي ملي وئي ۽ پنهنجي ميل کي چيڪ ڪرڻ ۾ ويهي رهيس۔۔۔۔ ڪنهن دوست مون ڏانهن هي تصويرون موڪليون آهن۔۔۔۔ جن کي ڏسي ڪري مونکي گهڻي خوشي ٿي ۽ سوچيم ته دوستن سان به ونڊ ڪجي۔۔۔۔۔ سو هي آهن تصويرون۔۔۔۔ [/IMG] [/IMG] [/IMG] [/IMG] [/IMG]
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! ادا زاهد، ان جهڙيون ڪيتريون ئي شيون اسانجي رڌوڻي م روزانه ٺهنديون آهن ۽ انهن کي اسين open Buffet ۾ سجائيندا آهيون، اسان وٽ هڪ بنگالي آرٽسٽ آهي جنهنجو ڪم ئي آهي کاڌي پيتي جي شين مان مختلف تصويرون ٺاهڻ ۔۔۔ اهي کاڌي وارا ڪلاڪار تمام گهڻو تخليقي هوندا آهن ۽ سندن پگهارون به سٺيون هونديون آهن ۔۔۔۔ ڏسو ته ڪيترا خيال پيش ٿيل آهن مٿين تصويرن ۾ ۔۔۔ هڪ هنڌ ته نارنگيءَ جي کل ، پنهنجي ماس جو بار پٺاڻن تي کڻي ڪيئن بيٺي آهي ۔۔۔؟ ادا زاهد مخدومي، رب اوهانکي خوش رکي ڀلا اڄڪلهه نه سلام نه ڪلام بس چپ چپات ۾ اچو ٿا ۽ هليا ٿا وڃو، خئير ته آهي ۔۔۔؟؟؟
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! ادا زاهد ۔۔۔۔ مهينن کان پوءِ اچو ٿا پر ونڊ ته صفا هٽ ڪي ڪري ٿا وڃو۔۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي۔۔ اوهان آهيو ڪاٿي اڄ ڪلهه۔۔ ڏسڻ ۾ ته ڇا ٻڌڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچو۔۔
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي فقير سائين باقي اڄ ڪله توهان فورم تي گهٽ پيا نظر اچو ڪا ملي وئي آهي ڇا ڪا .................نئي مصروفيت ڀلا ڏيو خبر اها ..............پيڪيج واري سم اٿئي يا ڪنهن کي ڏئي ڇڏيئي سدائين گڏ
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! سائين قبلا اوهان جي وڏي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ڪجهه ڏينهن لا موڪل تي ويل هيس خاص ڪري جڏهن ناتال پورو ٿي ويندو آهي ۽ دادو ڪئنال ۾ پاڻي تازو ايندو آهي۔۔۔۔ پو مان پنهنجي سنگت سان گڏ ، ۽ سنگت وري ائين چوندي آهي ته وڏا پوتڙو پروگرام ٿي ويو آهي۔۔۔ پوتڙو پروگرام معني دادو ڪئنال تي وڃڻ پر سکڻو به نه انب يا وري زردالو وغيره وٺي ويندا آهيون ۽ مزاق مستيون وڃي ڪندا آهيون ۽ گرمي جو ٽائيم به دادو ڪئنال ۾ وڃي گهاريندا آهيون۔۔۔ بس قبلا گرمين واريون موڪلون اصل مزي سان گذري وينديون آهن۔۔۔ نه لوڊ شيڊنگ جي پرواهه نه ڪا ڳڻتي مٽن مائٽن جي ته ڪا اصل اسان جي لا ماني به تيار ڪئي اٿن يانه مائٽ به خوش ته چڱو ٿيو جو سڄو ڏينهن پاڻي ٿا پيا ٻُڏن۔۔۔۔ نه ته وندا ويهي ماني جا دشمن ٿي ٿا وڃن۔۔۔۔ سو قبلا هاڻي حاضر ٿي ويا آهيون انشاالله ڪچهريون قائم رهنديون۔۔۔۔۔۔۔
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! فقير سائين ڀلا ايڏي وڏي گستاخي ڪري سگهان ٿو۔۔۔ جو اوهان کي نه ٻُڌايان ۽ وري مٿان اوهان پيڪيج واري سم جو ٿا پيا پُڇو قبلا اهائي هڪڙي پيڪيج واري سم ته جيڪا دوستن سان رابطي ۾ رکندي ٿي اچي۔۔۔ قبلا دعا ڪريو ته وري رات جو يارنهين وڳي کانپو اوهان سان ڪچهري ڪبي۔۔۔۔۔
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! قبلا محترم وڏي توهان جي مهرباني جو اوهان به اسان کي ياد ڪندا پيا اچو۔۔۔۔ سائين حال ئي ۾ اوهان جي شهر ڄامشوري ۾ ساڳي جڳهه تي اچڻ ٿيو هئو جتي اوهان اسان سان پهريون دفعو مليا هئا۔۔۔۔ سائين اسان جو دلي يار دوست جگر فقير هڪڙو ئي اٿوَ جنهنجو نالو آهي استاد عليشير برهماڻي۔۔۔۔ جيڪو هاڻي اوهان جي شهر ۾ آهي۔۔۔۔ بس دلبر جي سڪ لڳندي آهي ته سائينجن ڏانهن منهڙو ڪري وٺندا آهيون۔۔۔۔۔
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! مائٽ سومرا توهان جي ونڊ ته بهترين ونڊ آهي، ۽ اهي تصويرون مون پڻ ڪجهه دوستن کي ياهو ذريعي ميل ڪيون آهن اهڙي ونڊ لاء توهان جس لهڻو۔ ادا زاهد آهيو ڪاٿي، توهان وڃون ٿا ته بس اصل گم ٿئي ٿا وڃون، ۽ پوء ائين ٿو چوڻو پوي ته ( _ڏٺي ڏينهن ٿيا، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين )
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! قبلاِ محترم اوهان اسان کي وڏي عزت بخشي جو، پيار منجهان اسان کي مائٽ سائين چيو۔۔۔۔ مائٽ سائين۔۔۔ محترم سائين نثار ابڙو کي جيڪو جواب لکي موڪليو اٿم ۔۔۔۔۔ اهو ساڳيوئي جواب اوهان جي لا به آهي۔۔۔۔
جواب: هي ڏسو ۽ خوش ٿيو!!!!!!!!!!!!!!! ڀاء زاهد سومرا صاحب جيئن ته منهنجا دادو ڦلجي اسٽيشن ۽ ڪڪڙ ۾ سومرا منهنجا رشتيدار ۽ مائٽ آهن، ان لاء توهان کي به پنهنجائپ مان مائٽ ڪري سڏيم، باقي ڀاء توهان دادو ڪئنال واريون يادگيريون تازا ڪري ڇڏيون، ادا اڄ کان تقريبن 15 سال پهرين مان ۽ منهنجا دوست گڏجي ڪري دادو ڪئنال تي انهيء طريقي سان انجواء ۽ پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين، ۽ سڀ دوست دادو شهر مان ٽانگن تي ويهي دادو ڪئنال لاء نڪرندا هئاسين ۽ اهڙي ئي رستي ماني، فروٽ پڪوڙا وغيره کڻي ويندا هئاسين، ۽ خوب مزا وٺندا هواسين، جڏهن کان ڪراچي آيا آهيون ته اهڙا سڀ مزا ڇڏائجي ويا آهن، ۽ انهن مزن کي تمام گهڻو مس ڪندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ته اسان دادو ڪئنال تي ٽيپ رڪارڊ پڻ کڻي ويندا هئاسين ۽ انهيء ٽيپ رڪارڊ جي رڪارڊنگ تي خوب ناچ ڪندا هئاسين، ڇا ته اهي ڏينهن هئا۔ بس ادا زاهد بقول استاد بخاري ته (اڄ دل ٿي چوي ڳايون ننڍڙي لاء جون ڳالهيون، ) [/SIZE] http://www.youtube.com/watch?v=a7FCqq9SWhs