جيئل اوڏ جي تحقيقي ڪتاب "منهنجو لاڙڪاڻو جو جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    جيئل اوڏ جي تحقيقي ڪتاب "منهنجو لاڙڪاڻو" جو جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي

    وڍيل ٿي وايون ڪري ڪٺل ڪوڪاري،
    هن پڻ پنھنجا ساريا، هي هنجون هوتن لئہ هاري.

    فنون لطیفہ جا ته گهڻا پاسا آهن، جنھن ۾ شاعرن ته حسن کي يوسف سمجهي پئي اطاعت ڪئي آهي. مصورن ته موسي وارا معجزا ڏيکاريا آهن ۽ محققن وري ان کي عيسي واري زندگي عطا ڪئي آهي. دنيا جي هر شيء ۾ حسن سمايل آهي. اهو حسن شاعرن، مصورن ۽ محققن کي ڪيئن ٿو نظر اچي؟
    ان لاءِ مشاهدي جي ضرورت آهي عاشقن جون اکيون پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي ڪجل کان گھٽ ڪونه ٿيون ڀاسن، اهڙن عاشقن ۾ اسان جو جيئل اوڏ به نمايان نظر اچي ٿو. جنھن پنھنجي ڪٺن ڪوشش سان ڪتاب "منهنجو لاڙڪاڻو" سھيڙي پنهنجي تاريخ کي محفوظ بڻايو آهي. جيئل اوڏ جو هي ٻيو ڪتاب آهي، جنھن ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪافي ناياب تصويرون شامل آهن ان کان علاوه محسنن ۽ دوستن جون تصويرون به پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيون اٿس.
    ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جو لکيل آهي." کاهوڙي کروڙ" ، خليل کوسي جيئل اوڏ کي لفظن جي حسن سان پيش ڪيو آهي. تاج محمد هاليپوٽو، "جيئل جو ڪشالو" مضمون لکيو آهي." جيئل سان جيءَ جڙيون يادون" ، محمد سومر پنھور جو دلربا مضمون آهي. خليل مورياڻي، "جيئل اوڏ کيرون لهڻيون" جي عنوان سان شاندار نموني جو مضمون آهي. "حقيقت پسند ۽ فرض شناس محقق" فقير محمد سنڌيءَ جو مضمون به "منهنجو لاڙڪاڻو" ڪتاب جو حصو آهي. عيسي ميمڻ جو مضمون ،" جيئل جي خون ۾ دراوڙي رَتُ جي خوشبو آهي" ۽ ڪامريڊ ڪريم بلوچ، پنهنجي زندگيءَ ۾ جيئل کي،" جيئل : سڌو سادو ماڻهو" طور محسوس ڪيو آهي.
    جيئل اوڏ لاڙڪاڻي جي تاريخ تي تمام پختو ڪم ڪيو آهي، جنھن ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر موجود درگاهون، لاڙڪاڻي جا اسڪول، چونڪ، باغ ميسارجي ويل هنڌ باتصوير شامل ڪيا آهن ۽ شخصيتن تي پڻ ڪم ڪيو آهي. ڪتاب "منهنجو لاڙڪاڻو" جي پهرين حصي ۾ پنهنجي آڪھ جو پسمنظر ڏنو آهي. ڀاڱو ٻئي ۾ "منهنجو لاڙڪاڻو - وسريل ماڳ ۽ ڪردار ۽ لاڙڪاڻي جا سماج سڌارڪ ۽ دياوان شامل آهن. ڀاڱو ٽيون، لاڙڪاڻي جي اهم هنڌن تي تحقيقي ٿيل آهي. ۽ ڀاڱي چوٿين ۾، ڪبوتر( امن ۽ پيغام جو پکي ) لاڙڪاڻي ۾ تترن جو خفت، لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب ڪهاڻيڪار، فن مصوري ۽ لاڙڪاڻي جا مصور شامل آهن.
    قومون پنهنجي تاريخي ورثي سان گڏ زنده رھنديون آهن، باقي جنهن قوم ۾ ڪاهلي، عياشي، بي عملي جھڙا مرض هوندا آهن، اهي قومون زوال جي طرف گامزن ٿينديون آهن، مون کي اقبال جو شعر ٿو ياد اچي ته :

    مين تجھ ڪو بتاتاهون تاریخ امم ڪيا هي،
    شمشير وسنان اول طاوس ورباب آخر.

    زندگي تحرڪ۽ عمل جو ٻيو نالو آهي، باقي محنت ماڪوڙيءَ جي به رائگان ناهي ويندي، توڪل جيڪو ڪري ٿو ان کي فتح به نصيب ٿئي ٿي. باقي ستي ئي سلطاني سهاڳ ملڻ مشڪل آهي.
    جيئل اوڏ جي خمير ۾ هر وقت ڪوشش، جدوجهد ۽ محنت شامل آهي ۽ اها محنت ڪتابي صورت ۾ اوهان سڄڻن تائين پھتي آهي. باقي تحقيق جو ڪم ڀڳل ٽٽل شيشن تي قدم رکڻ جي برابر آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو