تنوير عباسيءَ جي شعري مجموعي،”ساجن سونهن سرت“ ۾ انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن جو اڀياس The Study of Weather Impacts On Human Life in Tanveer Abassi’s Poetry Collection “Saajan Soonhun’ Surrit” غلام مرتضيٰ نانگور،(مرتضيٰ ناز) ايم.فل. اسڪالر، گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول محرابپور Abstract The phenomenon of natural calamities, weather, earthquakes and attacks of wild animals has been the source of inspiration, awe and curiosity of human being since along. While the impacts of weather have also remained the Centre of human attention, which has caused the whirl of inspiration in human thought. out of which, the new meditation and wisdom emerge. The weather has a greater impact on social and cultural life of the society. As the poets happen to be more sensitive, so the weather impact also effects on the thought, and emotions of poets and writers. This is why, we find greater impact of weather in art and literature in general and in poetry in particular. Tanveer Abassi was amongst the poets of nature and romance. There is a spontaneous expression of weather impact on human life in his poetry at large. So, this research study explores the weather impact on human life as well as on the poetic work of Tanveer Abassi comprised in his poetry collection “Sajan Soonhun Surrit” فطرت جا ڪيترائي واقعا ۽ لقاءَ انسان جي حيرت ۽ تجسس جو محرڪ رهيا آهن، جن ۾ قدرتي آفتون، زلزلا۽ خوفناڪ جهنگلي جانورن جا حملا شامل آهن. ان کانسواءِ موسمن جي ڦير گهير ۽ تبديليءَ جا اثر بہ ازل کان انسان جي توجہ ۽ سوچ جو مرڪز بڻياآهن، جن شعوري يا لاشعوري طور تي انسان جي ذهن ۾ هڪ ولوڙ پئي پيدا ڪئي آهي. ان ولوڙ مانانساني فڪر جنم پئي ورتو آهي. اهو فڪرارتقا جون مختلف منزلون طئي ڪري، شعور جي نت نئين صورت اختيار ڪندو رهيو آهي، جنهن جي جهلڪ هر دور جي ادب، آرٽ ۽ فنونِ لطيفہ جي مختلف شعبن ۾ نظر اچي ٿي. تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ قديم دور جو انسان موسمي اثرن کان ايتري حد تائين تہ متاثر رهيو آهي، جو کيسمذھبي عقيدي جو بنياد ئي موسمي اثرن ۽ انهن جي مخلتف مظهرن تي رکڻو پيو. ان جي نتيجي ۾ مختلف دؤرن ۾ سج، چنڊ، وڻن، باه ۽ پاڻيءَ جي پوڄا ٿيندي رهي آهي. اھو ئي سبب آھي جو مقدس ڪتابن ۾ پڻ انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن جو ذڪر نھايت وسيع دائري ۾ ڪيو ويو آھي.ٻين مذھبي ڪتابن جيان قرآن پاڪ ۾ تہ لاتعداد جاين تي انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن جي اهميت بيان ڪئي وئي آهي، جنهن مان انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن جي اهميت جي خبر پوي ٿي. جيئن تہ شاعر ۽ آرٽسٽ وڌيڪ حساس هوندا آهن، ان ڪري انهن جي نفسيات تي موسمي تبديلين جو اثر نسبتاً وڌيڪ ٿيندو آهي. انڪري دنيا جي آرٽ ۽ ادب خاص طور تي شاعريءَ ۾ موسمي اثرن جي ڪري آيل تبديلين جي عڪاسي وڌيڪ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف خِطن جي فطري، سماجي توڙي ثقافتي زندگيءَ جو عڪس پَسي سگھجي ٿو. غور ڪري ڏسبو تہ تخليقڪار جي سوچ تي موسمي تبديلين جا اثر ٻن طريقن يعني سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيندا آهن. تخليقڪار ڌرتيءَ جي جنهن خِطي ۾ موجود ھوندو آهي، اتان جي موسم ڪڏهن ٿڌي، ڪڏهن گرم، ڪڏهن وڻندڙ تہ ڪڏهن گھُٽ، ٻوسٽ ۽ بيزاريءَ واري هوندي آهي. ان قسم جي موسمي تبديلين جا اثر سندسنفسيات تي مختلف قسم جا اثر مرتب ڪندا آهن. اهي اثر ئي سندس سوچ ۾ تخيلقي تحرڪ پيدا ڪندا رهندا آهن. اهڙيءَ طرح سوچ جو اهو تحرڪ وري ڪنهن نئين تخليق جو محرڪ بڻبو آهي. يعني موسمي تبديلين جا اثر تخليقڪار جي سوچ تي اثرانداز ٿي، سندس تخليقي عمل ۾ سڌيءَ طرح ڪردار ادا ڪندا آهن. ان کان علاوہ موسمي تبديلين جا اثر زندگيءَ جي مختلف شعبن ۽ سماجي سرگرمين تي بہ پوندا آهن، جنهنڪري سماج ۾ معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي تبديليون اينديون رھنديون آهن. مثال طور جڏهن بھار جي موسم ايندي آهي، تہ هر طرف گل ٽڙي پوندا آهن ۽ خوشبوءِ جي هٻڪار ٿي ويندي آهي. ان جي برعڪس خزان جي موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻي ويندا آهن. سياري جي موسم ۾ وري پارو ڄمندو آهي يا برفباري ٿيندي آهي. انھن سمورين موسمي تبديلين جو اثر سماجي توڙي معاشرتي زندگيءَ تي پوندو آهي.ساڳيءَ ريت،سال جي سمورين موسمن ۾ ايندڙسماجي، معاشرتي توڙي ثقافتي تبديلين جو محرڪ اصل ۾ موسمي تبديلين جا اثر هوندا آهن. انھن اثرن جي ڪري ئي سماج ۾ نيون نيون تبديليون اينديون ۽ ختم ٿينديون رهنديون آهن. انھن تبديلين جي مسلسل ڦير گهير مان نئين سوچ ۽ جدت پسنديءَ جي نواڻ جنم وٺندي آھي.سماج ۾ موسمي اثرن جي ڪري آيل اها نواڻ ئي تخليقڪار جي سوچ ۾ تخيلاتي تحرڪ پيدا ڪندي آهي. اهو تحرڪ وري ڪنهن تخليق جو باعث بڻبو آهي. اهڙيءَ ريت موسمي تبديلين جا اثر تخليقڪار تي اڻ سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيندا رھندا آهن، جن جي جھلڪ سندس تخليق ۾ نظر ايندي آهي. مطلب تہ تخليقڪار جي ذھن ۾ آيل تخيلاتي تحرڪ جي پويان اصل محرڪ موسمي اثر ھوندا آھن. ڪن موسمي تبديلين جا اثر عالمگير اهميت جا حامل هوندا آهن.انڪري انھن جو اظهار دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب ۾ ٿيندو ٿيندو رھي ٿو. خاص طور تي شاعري انھن جي اظهار جو اهم ذريعو بنجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو انساني زندگيءَ تي موسمي تبديلين جو اثر سموري دنيا جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. اها الڳ ڳالهہ آهي ته هر ملڪ يا خِطي۾ موسمي تبديلين جا اثريا انھن جي ڪري ايندڙ تبديليون مختلف ضرور آهن.پر دنيا جي نامور شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي پنهنجي علائقي جي زندگيءَ تي موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديلين جو اظهار ڀرپور انداز سان ڪيو آھي، جيڪو سندن شاعريءَ ۾ موجود سماجي، تھذيبي ۽ ثقافتي انفراديت جو اساس آھي. تنوير عباسيءَ جو شمار بہ ان قسم جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ هو بنيادي طور تي ھڪ رومانويت پسند، فطرت نگار شاعر آھي. انڪري سندس شاعريءَ ۾ فطرت ۽ انساني زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ موسمياثرن سبب ايندڙ تبديلين جو اظهار ڀرپور انداز سان ٿيل آهي. هن مقالي ۾ تنوير عباسيءَ جي شعري مجموعي ”ساجن سونهن سُرت“ ۾ شامل شاعريءَ ۾انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ مختلف قسمن جيتبديلين جو جائزو ورتو ويو آهي. تنوير عباسي سنڌي ٻوليءَ جو ٻھڳڻو شاعر ۽ محقق هو. هن نہ صرف سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر تحقيقي ۽ تنقيدي ادب ۾ جديد سائنسي طريقو اختيار ڪيائين. ان لحاظ کان شاہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت سندس ڪتاب،”شاه لطيف جي شاعري“ڪافي اهميت حاصل ڪري چڪو آهي. ھو سنڌي ادب سان گڏ انگريزي ۽ فرينچ ادب جو بہ وسيع مطالعو رکندڙ اديب هو. رکيل مورائي لکي ٿو تہ،”مان ڀايان ٿو تہ سنڌي شاعرن ۾ اياز (شيخ اياز) کان پوءِ تنوير عباسيءَ جھڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نہ رهيو آهي.“(1) ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين تنوير پنهنجيراءِ ڏيندي لکي ٿي تہ، ”اها ڳالھہطئي ڪانہ ٿي آهي تہ هُو(تنوير) شاعر وڏو هو يا محقق وڏو هو، هن جي تخليقي صلاحيت اتم هئي يا وٽس تنقيدي شعور وڌيڪ هو؟”(2) مٿين راين مان تنوير عباسيءَ جي شخصيت جي علمي ۽ ادبي حيثيت جي خبر پوي ٿي. بھرحال تنوير عباسي سنڌي ادب خاص طور تي جديد سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۽ اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شمارجتي سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعرن ۾ ٿيندو رهي ٿو، اتي کيس سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ محقق طور تي بہ سڃاتو وڃي ٿو. ان جي باوجود سندس بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ تہ سنڌي ادب ۾ سندس شاعريءَ جا ڇھہ مجموعا سندس شاعر هئڻ جو جو ھڪ اھم حوالو آهن. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي خوبيون موجود آهن، پر فطرت نگاري ۽ نفيس رومانوي احساسن جو اظھار سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي هڪ نمايان خوبي آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي جديد/ منفرد رخُ فراهم ڪيو. ان کان علاوہ سندس شاعريءَ ۾ موجود تازگيءَ ۽ خوشيءَ جو احساس بہ سندس شاعريءَ جي ھڪ اھم خوبي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي خوشيءَ جي احساس سان سرشار ڪري ڇڏي ٿي. پڙهندڙ جيئن جيئن سندس شاعري پڙهندو وڃي ٿو، تئين تيئن تازگيءَ جي ان احساس ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو. اھڙيءَ ريت ٻوليءَ جي نج پڻي جو سواد ۽ سنڌي سماج جو واضع ۽ چٽو عڪس پيش ڪرڻ بہ سندس شاعريءَ جون اھم خوبيون آھن. جڏهن تہ موسمي اثرن جي ڪري زندگيءَ جي مختلف سرگرمين ۾ آيل تبديلين جي عڪاسي سندس شاعريءَ جي هڪ خاص ۽ بنيادي سڃاڻپ آهي. اھو ئي سبب آھي جوسندس شاعريءَ ۾ موسمي اثرن جي ڪري انساني زندگيءَ جي ريتن، رسمن ۽ سماجي سرگرمين ۾ آيل تبديلين جا انيڪ عڪس نظر اچن ٿا. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ تي موسم جي اثرن جي اڀياس کان اڳ، ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ مذڪورہ عنوان جي اھميت جي باري ۾ ڄاڻڻ ضروري آهي، تہ جئين ان جي روشنيءَ ۾ سندس شاعريءَ جوتنقيدي جائزو جائزووٺي سگهجي. موسمن ۾، سال جون چار موسمون يعني (سيارو، بھار، اونهارو ۽ سرءُ) شامل آهن، اها الڳ ڳالهہ آهي تہ دنيا جي ڪن خِطن ۾ سال جون چار موسمون نہ ٿينديون آهن، پر ان جي باوجود هرخطي جي شاعريءَ ۾ اتان جي موسمي اثرن جي ڪري آيل تبديلين جو ذڪر ضرور ملي ٿو. جئين تہ موسم جي تبديليءَ جو اثر ماحول جي طبعي ۽ حياتياتي شعبن تي سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيندو آهي،. انڪريمعاشرتي زندگيءَ سان گڏ سماج جي ٻين شعبن ۽ انھن ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۾ بہ تبديليون اينديون آهن. مثال طور؛ موسمي تبديلن سبب گلن جو ٽڙڻ ۽ وڻن مان پنن ڇڻڻ جو عمل ٿيندو آهي، جنهنڪري گلن ٽڙڻ کي بھار جي علامت تہ پنن جي ڇڻڻ جي عمل کي خزان جو اهڃاڻ سمجھيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سياري ۽ اونهاري جي موسم جا بہ پنهنجا الڳ اثر، تبديليون ۽ علامتون آهن، جن جو اظهار دنيا جا مخلتف شاعر ۽ آرٽسٽ سندن ماحول ۾ ايندڙ موسمي تبديلين جي مطابق ڪندا رهندا آهن. انگريزي شاعريءَ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ مختلف دورن جي انگريز شاعرن موسمي اثرن ذريعي ايندڙ تبديلين جو اظھار پنهنجي انداز سان ڪيو آهي، ارڙهين صديءَ جي مشهور انگريز شاعر،Oliver Goldsmith (1728-1774) پنهنجي نظم،”Lines From The Deserted Village“ ۾ موسم جي اثرن ۽ انھن جي تبديلين جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي. Where smiling spring its earliest visit paid, And parting summer’s lingering blooms delayed.(3) جيئن مٿي بيان ٿيو تہ، گلن جي ٽڙڻ ۽ خوشبوءِ جي ڦھلجڻ جو عمل مختلف موسمي اثرن جي ڪري ٿيندو آهي. يعني گلن جي ٽڙڻ ۽ انهن جي خوشبوءِ جي ڦھلاوَ جو بنيادي محرڪ موسمي اثرن جي ڪري آيل تبديليون هونديون آهن، انڪري گلن ٽڙڻ جي عمل ۽ انھن جي خوشبوءِ اثرن کي موسمي اثرن جي اڀياس جي دائري ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. ان لحاظ کانھڪ ٻئي انگريز شاعر، Percy Bysshe Shelly (1792-1822)جيھيٺئين شعر ۾ گلاب ۽ ان جي خوشبوءِ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. Odors, when sweet violets sicken, Live within the sense they quicken, Rose leaves When the rose is dead Are heaped for the beloved bed.(4) اهڙيءَ طرح رومانوي شاعريءَ جي باني وليم ورڊس ورٿ (1850-1770) جي مشھور نظم ” The Daffodils“(نرگس جا گل) ۾ پڻ گلن جي جهومندڙ جهڳٽي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ تخيلاتي تاثر کي منفرد انداز سان اظھاريو ويو آهي، جنهن مان موسمي اثرن جي واضع جهلڪ نظر اچي ٿي. ان کان علاوہ رومانوي دور جي مشھور شاعر شيلي پڻ پنهنجي نظم” آزادي“ ۾ موسمي اثرن جو واضع عڪس پيش ڪيو آهي. سندس نظم ھن طرح آھي؛ ”آسمان ۾ وڄ ٿي ڪڙڪي، اوسي پاسي جا واهڻ- وستيون روشن ٿا ٿين، زلزلو شهر کي پنهنجي خوفناڪ پيرن ۾ چيڀاٽي ٿو. هزارين شهر خوف کان ڏڪن ٿا هڪ خوفناڪ آواز زمين جي تهن ۾ گونجڻ لڳي ٿو.”(5) ان ريت، انگريزي شاعريءَ ۾ حُسن (Beauty) يعني خوبصورتيءَ ۽ جماليات جي مشھور شاعر ڪِيٽسKeats (1795-1821) جي شاھڪار نظم، ( (Ode To Nightingale ۾ موسمي اثرن جي عڪاسيءَ جو اندازو سندس نظم جي هيٺين سِٽن جي ترجمي مان ڪري سگھجي ٿو؛ ”مان هن خوشبودار اونده ۾ ايترو اندازو ضرور لڳائي سگهان ٿو ته چيٽ جي ڦوٽھڙي ۾ گاهن ۽ ڦلدار وڻن تي ڪھڙا ڪھڙا گل ٽڙيا آهن، چنبيليءَ جا برف جھڙا گل، چراگاهن جو جهنگلي گلاب، بنفشيءَ جو نازڪ گل، ۽ بھار جي موسم جو شبنمي شراب ڇلڪائيندڙگلاب، سانوڻ جي شامن ۾ ڀون ڀون ڪندڙ ماکيءَ جي مکين جو آستانو بنجي ويندو آهي.“(6) اھڙيءَ طرح، اردو شاعريءَ ۾ بہ هر دور جي شاعرن موسمي اثرن ۽ انھن جي ڪري ٽڙندڙ مختلف گُلن ۽ انھن جي خوشبوءِ کي شاعريءَ جو موضوع بنايو آهي. ان لحاظ کان ”وہبھیگا ڈسمبر“ جهڙا شعري اسم ته تمام گھڻو مشهور ٿيا. ان کان علاوہ هر دور جي اردو شاعريءَ ۾ موسمي تبديلين ۽ انهن جي اثرن جو ذڪر ملي ٿو. طوالت کان بچڻ لاءِ اردو شاعريءَ مان ھتي انھن شعرن جون فقط چند سِٽون ڏجن ٿيون، جن مان موسمي اثرن جي ذڪر جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هيٺئين شعر ۾ بارش جي موسم جي اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مان اها خبر پوي ٿي تہ شاعر جي ذهن ۾سندس محبوب جي بدن جي خوشبوءِ جو احساس جاڳي پيو آهي؛ ”بارش ہوئی تو تیری خوشبو کے قافلے، اے سے اڑے کہ شہر گلابوں سے بھر گیا۔“ اهڙيءَ طرح نوشي گيلانيءَ جي شعر جي هيٺين سِٽ پڙهڻ سان انساني سوچ تي سرديءَ جي موسمي اثر جي خبر پوي ٿي. ”یہ سردیوں کا اداس موسم، کہ دھڑکنیں برف ہوگئیں۔“ (نوشی گیلانی) ساڳيءَ ريت، ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ ان ۾ بہ اوائلي دور کان انساني زندگيءَ ۾ موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديلين جو واضع ۽ چٽو اظھار ٿيندو رهيو آهي، جنهن مان موسمي اثرن جي ڪري زندگيءَ ۾ آيل تبديلين جي جهلڪ پسي سگهجي ٿي. قاضي قادن ۽ شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن جي ھيٺين سِٽن ۾ موسمي تبديلين جي اثرن جو ذڪر موجود آھي. ”ڪڏهين ٻيري ٻُور، ڪڏهن ڦل نہ هڪڙو.“ (قاضي قادن) ”سالوري ڇا سُڌِ، مٿي ڪنول ڦُلاريو.“ (شاه ڪريم رحہ) مٿين سٽن ۾ٻير جي ٻُورجڻ واري موسم سان گڏ ٻيرَن اُڪرڻ واري موسمي تبديليءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جڏهن تہ ٻي سٽ ۾ ڪنول جي ڦولارجڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جنھن جو اصل محرڪ موسمي اثر ۽ ان جي ڪري آيل تبديلي آھي.يا ائين کڻي چئجي تہ ھن سٽ ۾ ان وقت جي اھميت بيان ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ موسمي تبديليءَ جي اثر سبب ڪنول جو گل ڦولاربو آھي. پر (سالُوري) يعني ڏيڏر کي ان موسمي تبديليءَ جي خبر ئي ناھي. اهڙيءَ طرح شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سموري شاعريءَ ۾ بہ موسمي اثرن ۽ انھن جي ڪري انساني زندگيءَ جي مخلتف سرگرمين ۾ آيل تبديلين جو ذڪر ملي ٿو. سُر ”سارنگ“، سُر ”عمر مارئي“،”سسئيءَ جي مختلف سُرن“ ۽ سُر ”سھڻي“ وغيرہ جي اڪثر بيتن ۾ موسمي اثرن يا انھن جي ڪري آيل تبديلين جو اظھار وسيع اندز ۾ ملي ٿو. ان لحاظ کان ھيٺ، سندس چند بيتن جون ھيٺ ڏجن ٿيون، جن کي پڙهڻ سان موسمي اثرن جي ڪري آيل تبديلين جي خبر پئجي سگهي ٿي. (1) ”سَر نِسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين،“ (سر سامونڊي، داستان پھريون) (2) ”سانوڻ گهڙي سڀ ڪا، هيءَ سَرَهي سياري،“ (سر سهڻي، داستان ٽيون) (3) ”لڳي ڪوسو واءُ، لوڪ مڙوئي لھسيو،“ (سر سسئي آبري، داستان پھريون) (4) ”لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.“ (سر ڪاموڏ، داستان ٻيو) (5) ”آگميو آهي لڳھه پس لطيف چئي،“ وٺو مينهن وڏ ڦڙو ڪڍو ڌڻ ڪاهي.“ (سر سارنگ،داستان پھريون) شاه سائينءَ جي مٿين سِٽن ۾ ’اتر جي لڳڻ‘ واري موسمي اثرن سبب سَرن جي نسرڻ جي عمل جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻئي بيت ۾ درياه جي پاڻيءَ تي اونهاري ۽ سياري جي موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديلين کي بيان ڪيو ويو آهي. يعني سانوڻ جي مند ۾ موسم جي گرم ھئڻ سبب هرڪنهن کي درياه ۾ وهنجڻ جي خواهش هوندي آهي، پر شاه سائينءَ سياري جي موسم ۾ سھڻيءَ طرفان موسم جي سرد اثر جي پرواه نہ ڪرڻ واري ڳالهہ ذريعي اصل ۾ موسمي اثر جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.حقيقت ۾ موسم جو اھو اثرئي هن بيت جي فڪري اهميت جو حقيقي روح آھي. اهڙيءَ طرح ٽئين بيت ۾ ’ڪوسي واءَ جي ڪري لوڪ جي لھسجڻ‘ واري موسمي اثر جي اهميت بيان ڪئي وئي آهي. چوٿين بيت ۾ اتر لڳڻ جي ڪري ڪينجهر جي لھرن ۾ آيل تبديلي بيان ڪئي وئي آهي. جڏهن تہ پنجين بيت ۾ برسات جي موسم جي ڪري ’مال جا ڌڻ ٻاهر ڪاهي هلڻ‘ واري تبديليءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سچل سائينءَ جي هيٺئين بيت ۾ محبوب جي ويجهو اچڻ ۽ ان سان ملاقات ڪرڻ واري عمل کي وسڪاري جي موسم جي اثر طور پيش ڪري، اھو ٻڌايو ويو آهي تہ جڏھن موسم تبديل ٿي برساتي ٿي ويندي تہ پرين منھنجي ويجهو ايندا. ”والي وسائيج درد منديءَ جو ديس، پرين مون پرديس، اُٺي ايندم اوڏڙا.“ (سچل، سُر سارنگ) اھڙيءَ ريت، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ، ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، حيدربخش جتوئيءَ، نارائڻ شيام، تنويرعباسيءَ، هري دلگير، استاد بخاريءَ، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائيءَ، امداد حسينيءَ، شمشير الحيدريءَ، ابراهيم منشيءَ، حليم باغيءَ، جمن درپدر، آڪاش انصاريءَ، اياز گل، ادل سومري، حسن درس، احمد سولنگيءَ، اياز امر شيخ، فياض ڏاهريءَ ۽ حفيظ باغيءَ سميت نئين ٽھيءَ جي اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ انساني نفسيات تي پوندڙ موسمي اثرن ۽ انھن جي ڪري ايندڙ مخلتف تبديلين جو ذڪر ملي ٿو. ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۽ ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ مذڪورہ عنوان جي اڀياس کان پوءِ تنوير عباسيءَ جي مجموعي ساجن سونهن سُرت (1996ع) ۾ انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن ۽انھن جي ڪري ايندڙ تبديلين جي اڀياس طرف اچون ٿا. هي مجموعو سندس سڀ کان آخري شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ وايون، غزل ۽ هائيڪا شامل آهن. جيئن تہ تنوير عباسيءَ جي اڪثر شاعري سندس ذاتي زندگيءَ جي تجربن ۽ احساسن جو شاعراڻو اظھار آهي، جنهن بابت هو خود لکي ٿو تہ، ”مان پنهنجي شعر ۾ ڪوشش ڪري پنهنجي ذاتي جذبن ۽ احساسن جي اپٽار ڪندو آهيان.“(7) پر جئين تہ شاعر بہ سماج جو ھڪ حساس ذھن رکندڙ اھم جز ھوندو آھي، جيڪو کيس محسوس ٿيندڙ ھر شيءِ کي اظھار جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، جنھن ۾ پڙھندڙ کي پنھنجي زندگيءَ جا احساس ئي محسوس ٿيڻ لڳندا آھن.اھڙيءَ طرح تنوير عباسيءَ جي شاعري بہڪنهن حد تائين سندسدور جي نئين نسل جي داخلي دنيا جي ترجماني ڪندڙ ھئي، جنهنڪري سندس شاعريءَ کي ان دور جي نوجوانن وانگر موجودہ دور جو نئون نسل بہ پسند ڪري ٿو. تنوير عباسيءَ جي مذڪورہ مجموعي ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن تي سال جي چئني مندن جي اثرن ۽ انھن جي ڪري ايندڙ تبديلين جو ذڪر ملي ٿو. ھن مقالي ۾ سندس مجموعي ۾ هر موسم جي اثرن جو ڌار ڌار جائزو وٺي، انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن ۽ انھن جي ڪري ايندڙ مختلفسماجي، معاشرتي ۽ ثقافتي تبديلين کي اجاگر ڪيو ويو آھي. سڀ کان پهريان ھيٺ سندس شاعريءَ ۾ سياري جي موسمي تبديلين جي ڪري ايندڙ تبديلين جو جائزو پيش ڪجي ٿو. 1. سياري جي موسم سياري جي موسم پاڻ سان گڏ پنهنجا الڳ اثر ۽ تبديليون کڻي ايندي آهي. ٿڌي هوا لڳڻ سبب سيءُ پوڻ شروع ٿيندوآهي تہ انسان جي سوچ نفسيات تي ان سيءَ ۽ سرديءَ جو گھرو اثر پوندو آھي. اھو اثر انساني زندگيءَ ۾ ايندڙ معاشرتي تبديلين جو باعث بڻبو آھي. انهن تبديلين جا اثر وري انسان جي مزاج، پسند ۽ ناپسند ۾ بہ تبديليون آڻيندا آهن. مثال طور جڏهن سردي وڌي ويندي آھي ۽ ماحول تي ڪوهيڙي جو ڌنڌ ڇائنجي ويندو آهي تہ جسم کي اُس ۽ باه جي گرمائش وڻڻ لڳندي آهي، جنهن مان عجيب رومانوي احساس جنم وٺندا آهي.انھن جو اثر انسان جي مزاج توڙي روزاني زندگيءَ ۾ بدلاءُ آڻيندو آهي.تنوير عباسيءَ جي هيٺئين شعر ۾ سياري اثر جي ڪري انساني زندگيءَ ۾ آيل تبديليءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جنوريءَ - راتيون، هيٽر ڪمري ۾ ٻريل، نيزا ۽ باداميون. (صفحو: 58) هن شعر ۾ ڪمري ۾ هيٽر ٻرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ، سيءَ کان بچڻ لاءِ ڊراءِ فروٽ يعني نيزا ۽ باداميون استعمال ڪرڻ واري ڳالھ ڪئي وئي آھي. غور ڪري ڏسبو تہ ان معاشرتي تبديليءَ جو سبب سياري جو موسمي اثر نظر ايندو. مطلب تہ ھن شعر مان انساني زندگيءَ تي موسم جي اثرن جو عڪس بہ نظر اچي ٿو، تہ ان مان معاشرتي زندگيءَ ۾ آيل تبديليءَ جي جهلڪبہ پَسي سگھجي ٿي. اهڙيءَ طرح تنوير عباسيءَ جي هن مجموعي ۾ موجود سندس ڪيترن ئي شعرن ۾سياري جي موسم جي اثرن جي ڪري آيل تبديلين جو ذڪر ملي ٿو. پر طوالت کان بچڻ لاءِ ھتيحوالي طور فقط هڪ شعر زيرِ بحث آندو ويو آهي. سياري کان پوءِ بھار جي موسمي اثرن جي اڀياس طرف اچون ٿا. 2. بھار جي موسم: بھار جي موسم پاڻ سان گڏ گلن ٽڙڻ جو خوبصورت ماحول ۽ خوشبوءِ جو احساس کڻي ايندي آهي، جيڪو خاص طور تي شاعرن جي سوچ تي وڌيڪ اثر انداز ٿيندو آهي. بھار جي خوبصورتيءَ جو اهو احساس شاعر جي تخيل جي ذريعي نئين تخليق جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ڪڏهن تہشاعر خوبصورتيءَ جي تصوراتي مشاھدي دوران، احساس جي ايتري تہگھرائيءَ ۾ هليو ويندو آهي، جو کيس هر منظر ۾ خوبصورتيءَ جي جهلڪ نظر اچڻ لڳندي آهي. تنوير عباسيءَ جي ھيٺئين شعر ۾ بہ ان قسم جو اظھار ڪيو ويو آھي. تنهنجي نيڻ نهار، جهڙي مند بهار، (صفحو:16) يا بسنت جهڙو سپرين، جنهنجو گفتو گفتو گلُ. (صفحو:18) بھار جي موسم جي اثر سبب شاعر کي سندس محبوب بسنت جي مند جھڙو خوبصورت ۽ ان جي گفتگوءَ مان بھار جا گل ٽڙندي محسوس ٿي رهيا آهن. مطلب تہ هن شعر ۾ شاعر جي تخيل يا سوچ تي بھار جي موسم جي اثر کي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس تخيلاتي سوچ تي موسمي اثر جي خوبصورت اظھار جي صورت ۾ هن شعر جو فني توڙي فڪري جوهر بڻجي ھن شعر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافي جو باعث بڻجي پڙھندڙ کي متاثرڪري ٿو. غور ڪري ڏسبو تہ گلن جي ٽڙڻ ۽ خوشبوءِ جي هٻڪار جو عمل ڪنهن نہ ڪنهن موسمي اثر جو ئي نتيجو هوندو آهي. گلن ٽڙڻ ۽ خوشبوءِ جو اھو وڻندڙ احساس ٻين فطري ۽ موسمي تبديلين جي اثرن جيان انساني سوچ ۽ فڪر تي اثر انداز ٿيندو رهي ٿو. جيئن تہ شاعر حساس هئڻ ڪريخوبصورتيءَ کي نسبتاً وڌيڪ پسند ڪندا آهن، انڪري گل ۽ خوشبوءِ، خوبصورتيءَ جو رومانوي احساس رکڻ سبب شاعرن کي وڌيڪ ڪشش ڪندا آهن. انڪري سموري دنيا جي شاعريءَ ۾ موسمي اثرن جي اظھار سان گڏ انساني مزاج ۽ فڪر تي گلن ۽ خوشبوءِ جي اثر جو ذڪر بہ ٿيندو رهي ٿو. تنوير عباسي بہ ٻين موسمي اثرن وانگر گلن ۽ خوشبوءِ کان متاثر ٿيندي نظر اچي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ گلن جي خوبصورتيءَ، تازگيءَ ۽ خوشبوءِ جو اظھار وڌيڪ ملي ٿو. ان کان علاوہ انساني مزاج ۽ نفسيات تي انھن جي اثرن جو ذڪر بہ سندس شاعريءَ جو اھم موضوع ۽ مھورنظر اچي ٿو. انڪري سندس شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ ۾موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديلين جي جائزي سان گڏ گلن ۽ خوشبوءِ جي اثرن جو جائزو وٺڻ بہ ضروري آهي. هيٺ سندس شاعريءَ ۾ گلن ۽ خوشبوءِ جي اثرن جو جائزو پيش ڪجي ٿو. گُلن جو اثر بھار جي موسم جو اثر گلن ٽڙڻ ۽ خوشبوءِ جي ڦھلجڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ اهي گل وري شاعر کي ڪشش ڪري، سندس تخليقي اظھار جو سبب يا موضوع بڻجندا آهن. تنوير عباسيءَ جي هيٺئين شعر ۾ گلن ٽڙڻ جي خوبصورتيءَ جي ان اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو رستي سان ويندڙ شاعر کي پنهنجي طرف ڪشش ڪري، کيس اتي بيھڻ ۽ انهن طرف ڏسڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن هو انھن گلن کي ڏسڻ لڳي ٿو، تہ سندس اکيون ٺري پون ٿيون ۽ سندس منُ اُجرو ٿي پوي ٿو، رستي ويندي ڏسبا آهن، ڪيئي گل گلابي، ٿورو ترسي، تن ڏي نهاري، اکيون ٺاري، تن جي سڳنڌ سان، من کي اجاري، اڳتي وڌندو ويندو آھيان. (صفحو:81) جيئن تہگل موسمي اثرن جي ڪري ٽڙندا آهن .جڏهن هوا انھن جي خوشبوءِ کي ڦھلائيندي آهي، تہ انھن تي پوپٽ مڙي ايندا آهن، اهو منظر شاعر جي تخليقي سوچ ۾ هڪ عجيب تحرڪ پيدا ڪندو آهي، جنهنجي نتيجي ۾ نئين تخيلق جي سرجڻ جي موسم سازگار ٿيندي آھي. مطلب تہگلن ٽڙڻ کان پوپٽن جي مِڙڻ ۽ شاعر جي ذهن ۾ تخيلاتي تحرڪ ذريعي نئين تخليق جي سرجڻ واري سموري عمل ۾ بنيادي طور تي موسمي اثر ئي ڪارفرما ھوندا آھن. تنوير عباسيءَ جو ھي شعر ان جو مثال آهي. مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن. (صفحو:46) خوشبوءِ جو اثر هونئن تہ مخلتف موسمن ۾ مختلف گلَ ٽڙندا رهندا آهن، پر جيئن تہگلن جو ٽڙڻ ۽ خوشبوءِ جو مھڪڻبھار جي موسم جا اهم حوالا آهن، انڪري بھار جي موسم جي موضوعاتي نسبت سان تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ انساني سوچ ۽ مزاج تي گلن جي اثر جي جائزي سان گڏ خوشبوءِ جي اثر جو جائزو وٺڻ بہ ضروري آهي. ان لحاظ کان سندس هيٺئين شعر ۾ خوشبوءِ جي اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. رات جي راڻيءَ جا اوٻارا، آئي ڄڻ ڪا سار سڄڻ جي، چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو. (صفحو:22) هن شعر ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ جي اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جڏھن چانڊوڪيءَ رات ۾ رات جي راڻيءَ جا گُل ٽڙندا آهن، تہ هر ڏسا خوشبوءِٿي ويندي آهي. هن شعر ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ جي ان اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ شاعر کي سندس محبوب جي ياد ڏياري ٿو. جئين ئي هوا جا جهؤنڪا رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ کي ڦھلائڻ لڳن ٿا تہ شاعر يادگيرين جي حسين دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، جتي هو چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي محبوب کي پسي رهيو آهي. غور ڪري ڏسبوتہ رات جي راڻيءَ جي گلن ٽڙڻ کان وٺي چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ شاعر پاران محبوب جي يادن ۾ گم ٿي وڃڻ واري سموري عمل ۾ موسمي اثرن (يعني چانڊوڪيءَ) جو ڪمال ئي نظر اچي رهيو آهي. فطري طور تي گرميءَ، گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو انسان جي طبيعت توڙي مزاج تي اڻوڻندڙ اثر پوندو آهي، جنهنڪري ان مان بيزاريءَ جو احساس جنم وٺندو آهي. پر تنوير عباسيءَ جي هيٺئين شعر ۾ موتئي جي سرهاڻ سبب کيس گرمي ۽ گهُٽ جهڙي نہ وڻندڙ موسم بہ وڻي رهي آهي. اھڙيءَ طرح ھن شعر ۾ گرمي ۽ گهُٽ جي اثر مان پيدا ٿيل جنهن موتئي جي سرهاڻ جي احساساتي تاثر(جيڪو موسمي اثر جي پيداوار آهي) جو اظھار ڪيو ويو آھي، ان جي اهميت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگھجي. موتئي جي سرهاڻ، ’ هيءَ گرمي ۽ گهُٽ ڀي، وڻي ٿي ڏاڍي هاڻ، (صفحو:55) اهڙيءَ طرح چانڊوڪيءَ جو تصور عموماً خوشيءَ جي احساس کي جنم ڏيندو آهي. جڏهن تہ اونداهي ۽ ٻُٽ، بيزاريءَ، بوريت ۽ مايوسيءَ جي علامت سمجهي ويندي آهي. پر جڏهن ان اونداهيءَ ۽ ٻٽَ واري ماحول ۾ هوا جو جهوٽو پاڻ سان گڏ خوشبوءِ جو احساس کڻي اچي ٿو، تہ اونداهي، ٻوسٽ ۽ بيزاري واري اھا ڪيفيت هڪ وڻندڙ احساس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. انساني نفسيات تي ان قسم جي موسمي اثر جو اظھار تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڪيو آهي. اونداهي، ٻُٽَ، هاڻ، آندي جھوٽي اوچتو، رابيلن جي سرهاڻ، (صفحو:61) 3. اونهاري جي موسم سياري ۽ بھار جي موسم وانگر اونهاري جي موسم بہ پاڻ سان گڏ مختلف سماجي ۽ ثقافتي تبديليون کڻي ايندي آهي. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾سياري ۽ بھار جي موسمي اثرن سان گڏ، ڪيترن ئي شعرن ۾ اونهاري جي موسمي اثرن جي ڪري آيل تبديلين جو اظھار بہ ملي ٿو. ھو ان قسم جو اظھار هن طرح ڪري ٿو. آيو اونهارو، پنکڙيون ڇڻنديون ويون، ڦٽڻ لڳو ميوو. (صفحو:59) هن شعر ۾ اونهاري جي موسمي اثرن سبب گلن جي پنکڙين ڇڻڻ ۽ ميووي ڦُٽڻ واريءَ تبديليءَ جو اظھار ڪيو ويو آهي. هن شعر کي ان نظر سان پڙهڻ سان حيرت لڳي وڃي ٿي، تہ شاعر ڪيئن نہ فقط چند لفظن ۾ اونهاري جي موسمي اثرن جي ڪري آيل ان تبديليءَ کي بيان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هن شعر جو فڪري جوهر بڻجي، پڙهندڙ کي متاثر ڪري وٺي ٿي. موسمي اثرن جي ڪري آيل ڪي تبديليون سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ تي ايترو تہ گھرائيءَ سان اثرانداز ٿينديون آهن، جو اهي ڪنھن مخصوص علائقي يا خطي جي ثقافت جي اهم جزن جي حيثيت اختيار ڪري وٺنديون آهن. ان قسم جي موسمي اثرن ۽ انھن ذريعي آيل سماجي ۽ ماحولياتي تبديلين مان مقامي ڏاهپ (Folk Wisdom) جنم وٺندي آهي. ان مقامي ڏاهپ جي استعمال جي جهلڪ وري وري سماجي زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ شاعريءَ يا آرٽ جي مختلف صورتن ۾ نظر ايندي آهي. تنوير عباسيءَ جي هن شعري مجموعي ۾ بہ ان قسم جي شاعري موجود آهي، جنهن ذريعي، موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديلين مان پيدا ٿيندڙ ان مقامي(Folk Wisdom) جي انفراديت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جيڪا خيرپوري ۽ آس پاس جي خطي جي ثقافت جو جُز بڻجي چڪي آھي. سندس هن شعر ۾ ان قسم جو اظھار ملي ٿو. گرمي، گُھٽَ، مکيون، آرايون کنَهندي چيئين، کجيون ڄاڻ پڪيون. (صفحو:73) هن مختصر شعر ۾ خيرپور جي آس پاس جي مقامي زندگيءَ تي اونهاري جي موسمي تبديليءَ جي ڪري انساني زندگيءَ تي پوندڙ اثرن مان پيدا ٿيل ان لوڪ ڏاھپ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو اتان جي منفرد مقامي ثقافت جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. اها ثقافتي انفراديت خيرپور ۽ ان جي آس پاس جي عام زندگيءَ تي موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديلين جي پيداوار آهي. تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ ذريعي اونهاري جي موسم جي اثرن مان پيدا ٿيل، ان مقامي انفراديت کي Folk wisdom جي صورت ۾پنهنجي شاعريءَ ذريعي پيش ڪرڻ جي فنڪارانہ ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي اها خبر پئجي سگھي ٿي تہ خيرپور جي علائقي جي گهريلو زندگيءَ ۾ کجين پچڻ جي موسم جو اندازو ڪيئن ڪيو ويندو آهي؟. يعني کجين پچڻ جي موسم کي سڃاڻڻ جا مقامي پئراميٽرس ڪهڙا آهن؟ ان لحاظ کان ھي شعر شاعريءَ ۾ مقاميت نگاريءَ جو بہ اعليٰ نمونو آھي. سچ تہ موسمي تبديليءَ جي اثرن مان پيدا ٿيل ان نج مقامي ثقافت جياظھار هن شعر جي فڪري اهميت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. 4. سرءَ يا خزان جي موسم تنوير عباسيءَ جي مذڪورہ مجموعي ۾ سال جي ٻين موسمن جي اثرن سان گڏ سرءَ جي مند جي اثرن جي ڪري انسان جي مزاج ۽ پسند ناپسند ۾ ايندڙ تبديلين جو اظھار بہعام ملي ٿو. سندس هيٺئين شعر ۾ وڻن مان پنن جو ڇڻڻ، فضا ۾ مٽي ۽ دزَ مليل هئڻ ڪري، هرشيءِ جوڌنڌلي ۽ ميرانجهي نظر اچڻ جي ذڪر وسيلي سرءَ جي موسمي تبديلين ۽ ان جي اثرن جو اظھار ڪيو ويو آھي، جيڪي سرءَ جي موسم جي اھم علامت سمجهيا وڃن ٿا. ان قسم جو اظھار هن شعر ۾ ھن طرح ڪيو ويو آهي؛ پن ڇڻ سانجهي، دز رَليل ڪرڻا هئا، هر شيءِ ميرانجهي. (صفحو:59) اهڙيءَ طرح سندس هيٺئين شعر ۾ تہ نہ صرف سرءَ جي موسم جي اداسيءَ وارو منظر پيش ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏ سرءَ جي موسمي اثر سبب جي نفسياتي طور انسان جي موسيقيءَ جي پسند ۾ آيل تبديليءَ جو اظھاربہ ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي، شاعر شاعراڻي مھارت سان فراق جي گيت مان پيدا ٿيندڙ اداسيءَ کي سرءَ جي موسم جي اثر طور پيش ڪيو آهي. ٻيڙي ۽ مانجهي، گونجيل گيت فراق جو، سرءَ جي سانجهي. (صفحو:64) نتيجا: تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ مان ھي فقط چند مثال پيش ڪيا ويا آهن، جن ذريعي سندس شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ تي موسمي اثرن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ انساني زندگيءَ ۽ سماج ۾ موسمي اثرن جي ڪري مختلف تبديليون اينديون رهن ٿيون. جهڙيءَ طرح مخلتف قسم جي تبديلين جا بنيادي محرڪ موسمي اثر آهن، ساڳيءَ ريت شاعر جي تخيلاتي سوچ تي مختلف قسم جي موسمي اثرن ۽ تبديلين جو اثر ٿيندو رهي ٿو، جيڪو سندس نئين تخليق جو باعث بڻجي ٿو. انهن اثرن جي جهلڪسندس شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جي گھري مطالعي مان اها خبر پوي ٿي تہ شاعريءَ جي سرجڻ ۾ موسمن جا اثر ۽ انھن جي ڪري ايندڙ مختلف تبديليون ڪارفرما ھونديون آھن. جڏهن تہ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي مان اها ڳالهہ بہ واضع ٿئي ٿي، تہ سندس مشاهداتي قوت تمام تيز ۽ سچيت آهي، جيڪا انساني زندگيءَ تي اثرانداز ٿيندڙموسمي اثرن ۽ انھن ذريعي ايندڙ تبديلين کي محسوس ڪري وٺي ٿي. انڪري سندس شاعريءَ ۾ جتي انھن موسمي اثرن ۽ انھن جي ڪري ايندڙ تبديلين جي عڪاسي نظر اچي ٿي، اتيسندس شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ جيمختلف شعبن ۾ آيل تبديلين جو ذڪر بہ ملي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ موسمي اثرن جي اڀياس مان اها ڳالهہ بہ سامهون اچي ٿي تہ انساني زندگيءَ ۽ سماج ۾ موسمي اثرن جي ڪري ايندڙ تبديليون هڪ فطري عمل آهن. انڪري شاعر جي ذهن ۽ سندس تخليق تي انھن تبديلين جو اثر پڻ هڪ فطري عمل آهي.اهو ئي سبب آهي جو تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن موسمي اثرن ۽ انھن جي ڪري ايندڙ تبديلين جي اظھار کي نھايت اھميت ڏني آھي، جيڪا کيسموسمي تبديلين جي اظھار ڪندڙ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ شاعر جي منفرد سڃاڻپ ڏئي ٿي. حوالا: (1) مورائي،رکيل .” زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو”..(مضمون) ممبئي: ڪونج، 2000ع، ص 14 (2) حسين، فهميده ڊاڪٽر. “تنوير عباسي هڪ نقاد هڪ محقق”. ڀٽائي .7 (تنوير عباسي نمبر).خيرپور: سنڌي شعبو، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، ڊسمبر،2002ع (3) سليڪشن فرام انگلش ورس. ڊي. واءِ. مارگن. ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. مئي، 2014ع (4) ايضاً (5) بيوس، تاجل. انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ. ڪراچي: نئون نياپو اڪيڊمي،2004ع،ص.39 (6) ايضاً ص.53 (7) ملڪ، نديم. “تنوير عباسي – پهاڙ پڇاڙيءَ تائين”(مقالو). بشمول: ڀٽائي،7 (تنوير عباسي نمبر): سنڌي شعبو، شاہ عبداللطيف يونيورسٽي، ڊسمبر،2002ع ص:38 مددي ڪتاب: (1) سنڌي ادب جو فڪري پس منظر.(پي. ايڇ. ڊي ٿيسز).ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ . ٻيو ڇاپو.حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،2017ع (2) ساجن سونهن سرت. تنوير عباسي. ڪنڊيارو: پبليڪيشن،1996ع (3) شاهه جو رسالو. آڏواڻي، ڪلياڻ. ڪنڊيارو: روشني پبلڪيشن،1997ع (4) ملڪ،نديم. (ايڊيٽر)” ڀٽائي تحقيقي جرنل 7”.( تنوير عباسي نمبر). خيرپور: سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي،2002ع (5) اتنے تنہا کیوں پھرتے ہو۔ (مرتب) وصی شاہ۔ لاہور: دعا پبلیکیشن، 2003ع (6) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ. تاجل بيوس . ڪراچي: نئون نياپو اڪيڊمي،2004ع (7) “ڇهه ماهي ڪارونجهر”.(تحقيقي جرنل) ايڊيٽر: ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري . جلد-9، شمارو16. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس، باباءِ اردو روڊ،سنڌ،جون،2017ع (8) “ڇہ ماهي ڀٽائي” (تحقيقي جرنل). ايڊيٽر: ڊاڪٽر الھ وسايو سومرو. جلد: 2، شمارو:2 خيرپور: سنڌي شعبو، شاہ عبدالطيف يونيورسٽي، سال2016ع (9) Selection from English Verse. D.Y. Morgaon. Jamshoro: Sindh Text Book Board, May,2014