اي! “استاد” تنهنجي عظمت کي سرخ سلام! سنڌيڪار: حبيب مرکنڊ (وارهه) استاد جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هر سال 5 آڪٽوبر جي ڏينهن کي “استادن جو عالمي ڏهاڙو” ڪري ملهايو ويندو آهي. استادن جو ڏينهن استادن جي ناقابل فراموش ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي انمول خدمتن جو اعتراف ڪرڻ جي مقصد سان پڻ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي استادن جي محنت ۽ ڪوشش کي ساراهيو ۽ استادن کي تحفن سان گڏ سلام پيش ڪيو ويندو آهي. قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيمن جي تعاون سان استادن جو عالمي ڏهاڙو پهريون دفعو 1994ع تي ملهايو ويو. هن ڏينهن تي پوري دنيا ۾ سيمينار، ڪانفرنسون ۽ تقريبون منعقد ڪري استادن جي حوصله افزائي پڻ ڪئي ويندي آهي. استاد جي عظمت بيان ڪرڻ لاءِ هن ڳالهه کان ٻئي ڪهڙي ڳالهه بهتر ٿي سگهي ٿي ته پيغمبر اسلام حضرت محمد صعلم جن کي به استاد بڻائي ڪري موڪليو ويو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جو قول آهي ته “جنهن مون کي هڪ حرف به سکاريو، مان ان جو غلام آهيان اُهو چاهي مون کي کپائي ڇڏي يا آزاد ڪري يا پاڻ وٽ غلام ڪري رکي”. ٿورو سوچجي ته اهو انسان، جيڪو اسان کي شعور جي آگاهي ڏي، تعليم جي زيور سان آرسته ڪري، معاشري ۾ اٿڻ، ويهڻ جي قابل بڻائي، مهذب دنيا جا طور طريقا سکاري ۽ سڀ کان وڌيڪ اسان جي ڪاميابين تي اسان کان وڌيڪ خوش ٿيندو آهي. ان استاد جو مقام ۽ مرتبو ڪيترو بلند هوندو! اسان ته چار پنج ڪتاب پڙهي ڪري پنهنجو پاڻ کي عالم، فاضل، سقراط جو جانشين سمجهي ويهندا آهيون، پر سلام آهي، انهن جي علم جي چراغ کي، جو سموري زندگي جي روشني قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ آخر رات تائين هلندا رهندا آهن. شايد هي وجهه آهي جو اسان جي مذهب ۾ “استادن” کي روحاني والدين جو درجو ڏنو ويو آهي. استاد جو ادب ۽ احترام هر طالب علم شناس تي فرضِ عين آهي، جو اهو پنهنجي شاگردن کي تعليم جي زيور سان آرسته ڪري ٿو ۽ انهن جي انفرادي، اجتماعي ۽ اخلاقي تربيت ڪري انهن کي اعلى مقام تائين پهچائي ٿو. جيڪو گمان کي يقين ۾ وجھي ٿو ۽ پٿرن مان هيرا ڪڍندو آهي. والدين کان بعد دنيا ۾ جيڪي به رشتا آهن، انهن ۾ سڀ کان پاڪيزهه ۽ مقدس رشتو استاد ۽ شاگرد جو مڃيو ويندو آهي. اسان جي زندگين ۾ استاد جي اهميت هڪ سوناري وانگر آهي، جو اهو هڪ ڌاتو جي ٽڪري کي سنواري ڪري قيمتي بڻائيندو آهي. هڪ سٺو استاد مٺڙي انداز واري گفتار، توجهه، محنت ۽ شفقت واري رويي سان شاگردن کي پنهنجو ڪري وٺندو آهي. استاد علم جو سرچشمو هوندو آهي. تڏهين قومن جي تعمير ۽ ترقي ۾ استادن جو ڪردار انتهائي اهميت جو حامل آهي. تعميرِ انسانيت ۽ علمي ارتقا ۾ استاد جي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ابتدائي تخليق کان نظامِ تعليم ۾ استاد کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. معاشري جي فلاح ۽ بهبود، جذبه انسانيت جي نشونما ۽ فردن جي تربيت سازي جي وجهه جي ڪري ان کي عزت جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي. استاد پنهنجي شاگردن جي تربيت ۾ اهڙي طرح مگن رهندو آهي جيئن هڪ باغ وارو پنهنجي باغ جي سار سنڀال لهندو آهي. تدريس اهو پيشو آهي، جيڪو صرف دين اسلام ئي نه پر دنيا جي هر مذهب، معاشري ۾ نمانان مقام رکي ٿو. پر هي به حقيقت آهي ته دنيا وارن استاد جي اصل قدر ۽ منزلت جهڙي طرح اسلام اجاگر ڪئي وئي آهي اهڙي طرح ڪنهن ٻئي مذهب ۾ ناهي. خدا پاڪ قرآن پاڪ ۾ حضرت محمد صعلم جي شان کي بحيثيت استاد به بيان ڪيو آهي. شاعر مشرق علامه اقبال جا هي الفاظ آهن ته “استاد در اصل قوم جا محافظ آهن ۽ ايندڙ نسلن کي سنوارڻ ۽ انهن کي ملڪ جي خدمت جي قابل بنائڻ انهن جي حوالي آهي، سڀني محنتن مان اعلى درجي جي محنت ۽ ڪم ۾ سڀ کان زياده قيمتي ڪم استادن جو آهي”. استاد جي عظمت ۽ اهميت جي عڪاسي آهي. استاد جي ادب، احترام ۽ عظمت جي حوالي سان ڏاهن جا بيان ڪيل واقعا هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته استاد جي عزت، ادب ۽ آداب جي بغير انسان ڪڏهين به ڪنهن منزل مقصود تي نٿو پهچي سگهي. مشهور زماني جو واقعو آهي ته خليفه هارون الرشيد پنهنجي شهزادي کي علم ۽ ادب سکڻ لاءِ امام اصمعي جي شاگردي ۾ ويهاريو. هڪ ڏينهن خليفه هارون اتفاقا ان وٽ هليو ويو ته ڏٺائين ته امام اصمعي پنهنجا پير ڌوئي رهيو آهي ۽ شهزادو ان جي پيرن تي پاڻي وجهي رهيو آهي. هارون الرشيد ڏسي ڪري برحمي جو اظهار ڪيو ته “مون هن کي توهان وٽ هن جي لاءِ موڪليو آهي ته جيئن ادب سکي. توهان شهزادي کي هي حڪم ڇو نه ڏنو ته هڪ هٿ سان پاڻي وجھي ۽ ٻئي هٿ سان توهان جا پير ڌوئي”. جڏهن وقت جي خليفي جي سوچ ايتري عظيم آهي ته قوم ڇو نه ترقي ڪري! دنيا جو فاتح، سنڪدر هڪ دفعي پنهنجي استاد ارسطو سان هڪ گھري جنگل مان گذري رهيو هو، رستي ۾ اتي هڪ وڏي مينهن جو گٽر هو، جيڪو مينهن سبب ٻوڏ وارو ڏيک ڏئي رهيو هو، استاد ۽ شاگرد جي درميان بحث مباحثو شروع ٿي ويو ته پهرين نهر کي ڪير پار ڪندو، استاد چئي رهيو هو مان پهرين وڃان ۽ شاگرد چئي رهيو ته پهرين مان پار ڪريان. آخر ارسطو شاگرد جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ سنڪدر پهرين نهر پار ڪيو. نهر پار ڪرڻ کان پوءِ ارسطو سڪندر کان پڇيو ته “ڇا تون پهرين نهر پار ڪندي مون کي بدنام نه ڪيو؟” سڪندر جواب ڏنو ته نه استاد محترم! مون پنهنجو فرض پورو ڪيو ۽ چيائين ارسطو رهندو ته هزارين سڪندر پيدا ٿي سگهن ٿا پر سڪندر رهيو ته هڪ به ارسطو پيدا نه ڪري سگهندو. جڏهن پيء ٻار کي پنهنجي انگلي جھلڻ ۽ هلڻ سکاري ٿو، تڏهن استاد زندگي ۾ هميشه اڳتي وڌڻ ۽ ڪري ڪِرِي ڪري سنڀالڻ جو گر کان آشنا ڪندو آهي. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ سڪندر اعظم کان پڇيو ته اوهان استاد جي ايتري عزت ڇو ڪندا آهيو؟ ان جواب ڏنائين ته والدين مون کي آسمان کان زمين تائين وٺي آيا ۽ جڏهن ته منهنجي استاد مون کي زمين تان آسمانن جي بلندين تي وٺي آيو. اهڙي طرح ٻئي ڏاهي استاد جي شان کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته “استاد سان هڪ ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ ڏهن سالن جي برابر آهي”. جڏهن علامه اقبال رح کي “سر” جو لقب مليو هو ته پاڻ چيائين ته پهريان منهنجي استاد محترم سيد مير حسن کي “شمس العلماءِ” جو لقب ڏنو وڃي، پوءِ مون کي اهو لقب قبول آهي. پر اها وڏي بدقسمتي آهي جو اسان جي سماج ۾ تعليمي نظام جي حالت اُها آهي جيڪا استادن جي آهي، ٻين لفظن ۾ اڄ ڪلهه شاگردن جي اڪثريت استادن کي پگھاردار ملازمن کان وڌيڪ ڪجهه نٿو سمجهي. اهو ئي سبب آهي ايترا اسڪول، ڪاليجون، يونيورسٽيون کولڻ جي باوجود به اخلاقي ۽ تهذيب گھٽجي رهئي آهي. ياد رکو! اسان صرف تڏهن ئي ترقي ڪري سگهون ٿا، جڏهن استادن کي قدر ۽ عزت جي نگاهن سان ڏسون، نه ته اسان اهڙي طرح جڳهه جڳهه تي رلندا ئي رهنداسين. هونءَ به تاريخ گواهه آهي ته هميشه اهي ئي طالب علم پنهنجي منزل مقصود تي پهچندا آهن جيڪي استاد جي عزت ڪندا آهن، مولانا الطاف حسين حالي استادن جي عظمت جي اعتراف ڪندي خوب چيو آهي ته! ماں باپ اور استاد سب ہیں خدا کی رحمت ہے روک ٹوک اُن کی، حق میں تمہارے نعمت۔!