سنڌي ادب ۽ سياست جي هڪ اهم ڪردار ۽ ذاتي دوست ناز سنائي تي لکيل خاڪو ناز سنائي سن جو لکو تحرير: نياز پھنور ناز سنائي تي خاڪو لکڻ کان اڳ مون پنهنجن ويجهن دوستن، مٽن مائٽن، هڏ ڏوکين ۽ گهڻ گهرن کان پڇيو ته ”ڇا مون کي ناز سنائي تي خاڪو لکڻ گهرجي“؟ سڀني هڪ آواز ٿي چيو خدا جو واسطو اٿئي، توکي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڀلي وڃي ڪر پر هن مصبيت ۾ نه پئو، هي همراهه هڪ اهڙي بلا اٿئي جو جيڪو کيس ڇيڙي اهو به عذاب ۾ ۽ جيڪو نه ڇيڙي اهو به مصيبت ۾، هو ڪنهن کي بخش ڪندو ئي ناهي، کيس نه پنهنجي پرواهه هوندي آهي ۽ نه وري ڪنهن ٻئي جو احساس، تنهنجي ڳالهه وڻي ويس ته به تنهنجي جان نه ڇڏيندو ۽ اگر نه وڻيس ته به تون نه بچندين، مون کي پاڻ به انهن ڳالهين جو اندازو آهي، ڇاڪاڻ ته آئون کيس 1975ع کان سڃاڻان، مون کي خبر آهي ته هو ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي، هو جڏهن ننڍڙو هو، تڏهن ڪيئن هو، جوان ٿيو ته ڪيئن ٿيو ۽ هاڻي جڏهن زندگي جا 60 کان وڌيڪ سال گذاري چڪو آهي ته ڪيئن آهي، مون کي اها به خبر آهي ته هو گاريون دل تي ڏيندو آهي ۽ دل تي کائيندو آهي، کيس گاريون ڏيندي به مزو اچي ٿو ته گاريون کائيندي به هو سرهو پيو ٿيندو آهي، مون کي لڳي ٿو ته ناز کي الله سائين ڪنهن خاص ڏينهن تي، ڪنهن خاص مقصد لاءِ، ڪنهن خاص مٽيءَ مان ٺاهي ڌرتي تي موڪليو آهي، نه ناز جهڙو ڪو ماڻهو مون اڳ ڏٺو آهي ۽ نه وري اڄ 58 سالن جي عمر تائين پڄڻ جي باوجود ڪو ٻيو ناز سنائي جهڙو ڏٺو اٿم، مان کيس نه سڃاڻيندڙن کي سمجهائڻ لاءِ ڪنهن ٻئي جي ساڻس ڀيٽ به نه ٿو ڪري سگهان، اهو ناز ائين ڇو آهي؟ ان بابت رڳو رب سائين جي ذات ئي ڄاڻي ٿي، بهرحال مون دوستن جون سموريون درخواستون ڪجهه وقت لاءِ هڪ پاسي تي رکي، ناز تي لکڻ جي شروعات ڪئي آهي، باقي جيڪا رب جي رضا، مون کي اها به خبر آهي ته ناز تي لکڻ کانپوءِ منهنجا پنهنجا تمام گهڻا دوست به مون کان ناراض ٿي ويندا، ڪي منهن تي چوندا ۽ ڪي منهن ڦيرائي به ويندا، اهو به منهنجو نصيب. ناز سان منهنجي پهرين ملاقات 1975ع ڌاري ٿي، جڏهن مان ٻالڪپڻ ۾ ئي گل ڦل رسالي ۾ اچڻ وڃڻ لڳو هئس، انور هالائي صاحب گل ڦل جو ايڊيٽر هو، ان گل ڦل لاءِ مضمونن جو هڪ مقابلو ڪرايو، جنهن جو عنوان هو ”جڏهن مان وڏو ٿيندس“، ناز ان مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، انور صاحب مون کي ناز کان انٽرويو وٺڻ لاءِ چيو ۽ ائين اسان پهريون ڀيرو پاڻ ۾ ملياسين. ناز جو ننڍپڻ انتهائي غربت ۽ ڪسمپرسي ۾ گذريو آهي، سندس اصل نالو ته محمد عثمان آهي، پر سندس ڪو ڏاڻو نالو ”لکو“ آهي، سن جا سڀئي رهواسي کيس اڄ به ”لکو“ جي نالي سان سڏيندا آهن، هن جي والد محمد خان ميمڻ جو سن ۾ مٺائي جو دوڪان هوندو هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن ناز پاڻ به وڃي ويهندو هو، پر والده کيس ڪڏهن ڇولا ته ڪڏهن بوڻيندا ٺاهي ڏيندي هئي، جيڪي هو سن شهر ۽ سن جي ريلوي اسٽيشن تي وڃي کپائيندو هو، پر هن پڙهائي سان ڪڏهن به ناتو نه ٽوڙيو، اهو ئي سبب آهي ته انتهائي غربت ۽ مسڪين حال هئڻ باوجود هن سن جي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو، ناز سن ۾ رهي ۽ سن جي سائين سان سندس تعلق نه جڙي، اهو ڪيئن ممڪن آهي، هو واندڪائي جو سڄو وقت سائين جي اوطاق تي ڪنهن گهرڀاتي جيان موجود هوندو هو، سائين جا جيڪي مهمان اچن، سن جي ريلوي اسٽيشن کان انهن جو گائيڊ بڻجي سيد جي اوطاق تائين پهچائڻ ناز جو ڪم هوندو هو، نه رڳو ايترو پر بعد ۾ سيد جي حويلي مان مهمانن لاءِ چانهه، ماني ۽ ٻيو سامان به ناز ئي کڻي ايندو هو، سيد سائين کيس پنهنجن مهمانن جي ڀر ۾ ويهاريندو هو ۽ پيار مان ناز جو پيو ذڪر ڪندو هو، اهو ئي سبب هو جو پير صاحب پاڳارو، علي احمد بروهي، قاضي فيض محمد، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا ماڻهو ناز کي ذاتي طور سڃاڻي ويا هئا ۽ ناز جي چوڻ موجب اهي کيس گهڻو پيار ڪندا هئا، انهن مان ته ڪيترن ئي کيس سندن وٽ اچڻ جي دعوت به ڏني هئي ۽ چيو هو ته اگر کيس تمام ڪڏهن به ڪو ڪم ڪار هجي ته بي ڌڙڪ کين چئي سگهي ٿو، پر آخر تائين نه ناز ڪڏهن انهن وٽ ويو ۽ نه وري ڪو ڪم چيائين، ناز اڃا ٻارهو، يعني يارهن سالن جو ۽ سندس ڇهين ڪلاس ۾ پڙهائي به جاري هئي ته هن ٻارڙن لاءِ هڪ ماهوار رسالو چڻنگ جي نالي سان جاري ڪيو، جنهن ۾ نه رڳو ٻارڙن جون تحريرون شامل هونديون هيون پر سنڌ دوست ۽ قومپرست، شاعرن، ليکڪن جا شاندار انٽرويو به شايع ٿيندا هئا، ناز جي چواڻي آهي ته ليکڪ هئا ته برابر وڏا ۽ نالي وارا، پر انهن جا پهريان انٽرويو چڻنگ رسالي ۾ ئي شايع ٿيا، جن ۾ استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، راشد مورائي، تاج جويو، ذوالفقار راشدي، غلام حسين رنگريز، عبدالحڪيم ارشد ۽ ٻيا شامل هئا، بعد ۾ انهي چڻنگ رسالي ئي ناز کي پهريون ڀيرو جيل جو منهن به ڏيکاريو، چڻنگ ۾ ڌرتي سان سلهاڙيل مواد شايع ٿيڻ جي الزام هيٺ ان رسالي تي پابندي وڌي وئي، پوءِ سن جو لکو پهرين ڀيرو 9 مهينا ٽيپ بامشقت ڀوڳي پنج ڦٽڪا کائي ۽ 3 هزار رپيا ڏنڊ ڀري جيل جي سلاخن کان ٻاهر آيو، پر شايد هن کي جيل جي عادت پئجي وئي هئي، يا سرڪار کان رسالي جون پاليسيون، تحريرون ۽ ناز جون سرگرميون هضم نه پئي ٿيون سو وري 1980ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ شيخ مجيب الرحمان جي ورسي جي موقعي تي تقرير ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻيهر گرفتار ڪري جيل ياترا ڪرائي وئي، هو 1980ع ۾ جيل کان ٻاهر آيو ته هن ڀيري ٻاهر جي هوا ٻيهر کيس ڀانءَ نه پئي ۽ 1981ع ۾ ڪتاب ”ڏکيون جان نه مڙن“ لکڻ جي الزام هيٺ همراهه وڃي ٻيهر جيل جا وارڊ وسايا، هن ڀيري ته کيس 25 مهينا ٽيپ سان گڏ 15 ڦٽڪا به هنيا ويا، ناز ان دوران چڻنگ سنگت نالي سان ٻارڙن جي هڪ تنظيم به ٺاهي ورتي هئي ۽ ان جون سڄي سنڌ ۾ سوين شاخون قائم ڪيون، مون کي ان ئي چڻنگ سنگت جي پهرين سيڪريٽري جنرل بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، ان ئي چڻنگ سنگت جي عهديدار طورهڪ ڀيرو مون به فوجي عدالت جو منهن ڏٺو. ناز جي اها چڻنگ سنگت، جساف لاءِ ڄڻ ڪا نرسري هئي، مئٽرڪ ۽ انٽر تائين جا شاگرد ۽ نوجوان چڻنگ سنگت ۾ شامل هوندا هئا ۽ ان کانپوءِ يونيورسٽي اچي اهي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپجي ويندا هئا، اها چڻنگ سنگت ئي هئي، جنهن ۾ نياز ڪالاڻي، گل محمد جکراڻي، صفدر سرڪي، ادريس چانڊيو، مظفر ڪلهوڙو، هوت خان گاڏهي ميمبر طور شامل هئا ۽ پوءِ اهي سنڌ جي قومپرست سياست جا اهم نالا بڻيا. ناز به چڻنگ سنگت کانپوءِ جساف سان واڳيل رهيو، کيس پهرين جساف دادو جو آرگنائيزر ۽ پوءِ حيدرآباد جو صدر بڻايو ويو. ناز سنائي ڪچهري جو ڪوڏيو آهي، اگر هو اوهان سان ٺهي ٿو، اوهان سان دوستي اٿس ته پوءِ اوهان هن جي ڪچهري کي زبردست نموني انجوائي ڪندو، هن وٽ ڪيئي قصا، ڪيئي ڳالهيون ۽ ڪيئي لطيفا آهن، اهي ڳالهيون ۽ لطيفا نه، جيڪي اخبارن ۽ ڪتابن ۾ پڙهندا رهندا آهيون پر اهي ڳالهيون ۽ قصا جيڪي ناز سان پاڻ وهيا آهن يا سندس ڪنهن دوست مٽ مائٽ يا واقفڪار سان گذريا آهن، هو ڳالهين جو ڳهير آهي، هن وٽ ايترا ته ٽهڪ آهن جو هو اوهان جي پيٽن ۾ سور وجهي سگهي ٿو پر هو اگر اوهان سان نه ٿو ٺهي ته پوءِ اوهان کي مڪمل طور اگنور ڪندو، ڀلي اوهان سندس دڪان تي ئي هليا وڃو، اوهان سان پاڻ سڌي منهن سان نه ڳالهائيندو، اوهان جي ڳالهه ٻڌندو پيو پر سندس اکيون ڪنهن ٻئي پاسي هونديون، بهرحال هو اوطاقي ماڻهو ته آهي پر شرط آهي ته اوطاق سندس دڪان ئي هجي، سندس گهر تي گذريل 40 سالن جي تعلق ۽ دوستي جي باوجود اڃا هڪ ڀيرو به چانهن پيئڻ به نصيب نه ٿي اٿم، خبر ناهي ته ٻين سان ڪهڙو معاملو هوندو، سندس دڪان تي سنڌ جون وڏي ۾ وڏيون علمي، سياسي شخصيتون سدائين اينديون وينديون رهنديون آهن. ناز شاعر به آهي ته عاشق به، هن ڪجهه لڪل عشق ڪيا ۽ ڪجهه ظاهر، هڪ عشق ته سندس سر ٿي وڃايو ۽ سندس جاءِ تي هڪ مسڪين نوجوان مارجي ويو، ٿيو هئين جو ناز اسان جي ڀاڄائي راحيلا سان ڳجهي شادي ڪئي ۽ کيس وٺي رفو چڪر ٿي ويو، راحيلا ان دور جي هڪ انتهائي دهشتگرد تنظيم جي ڪنهن اهم ڪارڪن جي انتهائي ويجهي مائيٽياڻي هئي، اهي ڀاڄائي کي ڳوليندا رهيا، اها نه ملي ته ناز جي ڳولا شروع ڪيائون، ناز نه مليو ته ان جي دڪان تي پهتا، دڪان بند هو، اهي هليا ويا وري آيا، وري ناز نه مليو، وري هليا ويا، کين ڪنهن ٻڌايو ته ناز اهو دڪان بدلائي ڪو ٻيو دڪان ورتو آهي ۽ اتي ويهي ٿو، همراهه ٽيهر آيا، ناز جو نالو ورتائون ته هن ڪٿي دڪان کوليو آهي، خبر پئي ته سندس دڪان ڀرسان نياز ميمڻ جو دڪان آهي، انهن سمجيو ته ناز پنهنجو نالو ناز مان لڪائي نياز رکيو آهي، ميمڻ ته هو اهوئي، انهن نه ڪئي هم ۽ نه تم، مسڪين نوجوان نياز ميمڻ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، ناز پوءِ ته مهينن تائين گم رهيو، الائي ڪيئن مامرو نبريو، اسان جي اها ڀاڄائي اڄ به ناز سان خوش ۽ خرم زندگي گذاري رهي آهي ۽ ناز جي نسل ۾ 2 ٻارڙن جو اضافو پڻ ڪري چڪي آهي، ناز جي سڃاڻپ جي حوالن ۾سندس ڪتابن جو دڪان پڻ اهم آهي، اهو دڪان هن وقت تائين ٻليءَ جيان 7-6 گهر مٽائي چڪو آهي، ڪو وقت هو جڏهن سندس اهو دڪان هو، گاڏي کاتي ۾ نظام لاج ۾ هو، پوءِ اهو اتان لڏپلاڻ ڪري صدر جي شلٽر هومز ۾ آيو، وري گاڏي کاتي جي رابعه اسڪوائر ۾ آيو، اڄ ڪلهه اهو دوڪان گاڏي کاتي جي بخش علي گهٽي ۾ موجود آهي، ان کانپوءِ هو مختلف ميلن، ادبي پروگرامن ۾ به ڪتابن سميت موجود هوندو آهي، جنهن ۾ سندس پبليشنگ اداري سنڌي ساهت گهر جي ڪتابن کانسواءِ، ٻين ادارن جا ڪتاب به موجود هوندا آهن، ناز جي دوڪان تي اوهان کي هر قسم جا ڪتاب ملي ويندا، جن ۾ سياسي، ادبي، علمي، مذهبي، تعليمي ڪتابن کانسواءِ ”شادي جا ڳجهه“ مردانه ڪمزورين، ڪوڪ شاستر، کان وٺي آغا قيوم (لالي) جي ڪتاب ”اگهاڙو سچ“ ۽ گول مال تائين جا سڀ ڪتاب شامل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ”اهڙا“ ڪتاب اوهان کي سامهون رکيل نظر نه ايندا، اهي ڪتاب گهرڻ کانپوءِ اوچتو اوچتو ڪهڙي صندوق يا ڪنڊ مان نڪري ايندا، انهن بابت رڳو کيس خبر آهي يا سندس ڀاءَ لال کي، باقي اوهان ڀلي مهمان ٿي وڃو، اوهان کي ڪڏهن به نه ٻڌائيندو. ناز صحافت ۾ به طبع آزمائي ڪئي، ان حوالي سان هن پهرين ميرپورخاص مان شايع ٿيندڙ اخبار سچائي جي ايڊيٽري جون ذميواريون سنڀاليون ۽ پوءِ هو حيدرآباد مان جديد سنڌي صحافت جي باني قاضي محمد اڪبر صاحب جي زيرادارت شايع ٿيندڙ روزاني اخبار ”سنڌ نيوز“ ۾ اچي سب ايڊيٽر بڻيو، سنڌ نيوز ۾ نوڪري لاءِ ناز کي سائين جي ايم سيد، محترم قاضي محمد اڪبر لاءِ سفارش جو هڪ خط لکي موڪليو هو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جو چوڻ هو ته ”مون ناز کي پيار مان پاليو ۽ پڙهايو آهي ۽ سندس ادبي مقصد جي پوري ڪرڻ ۾ سندس مددگار آهيان، هي نهايت هوشيار ۽ قابل نوجوان آهي، اوهان تجربي بعد کيس سڃاڻي سگهندا“، قاضي محمد اڪبر صاحب سائين جي ايم سيد جي ان خط کي مان ڏنو ۽ ائين ناز سنائي صحافي بڻجي ويو، ان ئي اخبار ۾ ٻين سان گڏ سهيل سانگي سيف ٻنوي، امداد چانڊيو به ساڻس گڏ هئا، انهن جي وچ ۾ تعلقات ڪيئن رهيا، ان بابت انهن کي خبر، ناز سنائي سرڪاري نوڪري به ائين ڪئي جو ڪڏهن مهيني جي پگهار کيس ملندي هئي ته ٻه سال بند هوندي هئي، هو نوڪري جي ٽيهن سالن دوران ڪيئي سال ڪڏهن معطل ته ڪڏهن بدلي هيٺ رهيو، هو چوي ٿو ته هن پهرين پرائمري ٽيچر طور سرڪاري ملازمت ڪئي، ان دوران ڪتاب ڇپرائڻ مضمون لکڻ ۽ تقريرن وارا سلسلا جاري رهيا، هڪ رپورٽ سرڪار کي پهتي ۽ نتيجي ۾ ناز نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺو، بعد ۾ کيس سنڌ ڪوآپريٽو سوسائيٽيز ۾ انسپيڪٽر طور نوڪري ملي، ان سلسلي ۾ پهرين لکت ۾ امتحان ٿيو، پوءِ انٽرويو ٿيو ۽ بعد ۾ پوسٽنگ ملي، هن اها نوڪري به سک سان نه ڪئي، هر ڳالهه منهن تي ڦهڪائي هڻڻ واري عادت ناز کي سدائين روليندي رهي، هڪ ڀيري ته سرڪاري ملازم هئڻ جي باوجود کيس هٿ ڪڙيون به لڳيون، هن لاڪ اپ جي هوا به کاڌي ۽ کيس ڊي سي صاحب رليو ڪري موڪلي به ڇڏيو، ان بابت هو ٻڌائي ٿو ته سنڌ سرڪار هڪ ڀيري معذورن لاءِ هڪ رقم مخصوص ڪئي ۽ ضلعي سطح تي انڌن، گونگن، ٻوڙن ۽ اهڙي قسم جي ٻين معذورن ۾ امداد طور اها رقم روهائڻي هئي، هو ٽنڊي الهيار ۾ مقرر هو، کيس ان ڪاميٽي جو ميمبر بڻايو ويو، جنهن کي اهڙن معذورن سان ملي انٽرويو ڪري رقم ڏيڻي هئي، ڪاميٽي جي اڃا گڏجاڻي ئي نه ٿي هئي ته اها رقم اڳواٽ ئي الائي ڪٿي ورهائجي وئي، کيس حڪم ٿيو ته ڪاميٽي جي ميمبر طور بلن تي صحيح ڪري، هن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ڊي سي صاحب سان بحث شروع ڪري ڏنائين ته اوهان سڄن جا ته پئسا کائو ٿا پر انڌن کي به نه ٿا بخش ڪريو، اهو تڪرار ايترو وڌي ويو جو ڊي سي پوليس گهرائي ناز کي ٻڌرائي ڇڏيو. ناز کي جيل کائڻ جو شوق آهي ته ڪيس ڪرڻ ۽ ڪيس ڀوڳڻ ۾ مزو اچيس ٿو، هيل تائين هو ٻين تي 40 کن ڪيس ڪري، ٻين پاران ڪيل 50 ڪيس ڀوڳي چڪو آهي، هو مستقبل ۾ ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪري ته ان ۾ کيس زماني حال چڱو تجربو ٿي چڪو آهي. هو ڪافي ڪيس کٽي به سگهي ٿو. ناز وٽ سنڌ جي تمام وڏن ماڻهن جا خط، هٿ اکر، فوٽو، چٺيون موجود آهن، هو چاهي ته پنهنجي گهر جي ڪجهه ڪمرن کي ملائي هڪ ننڍڙي سنڌالاجي ٺاهي سگهي ٿو، بهرحال هن هڪ ننڍڙي لائبريري ضرور ٺاهي آهي، جيڪا سندس والده ”امڙ آمنه“ جي نالي سان مانجهند شهر ۾ موجود آهي، هو جڏهن نوڪري ۾ هو يا هاڻي پيرسني ۾ آهي، ان لائبريري جي سار سنڀال ۾ ڪا وٿي نه ٿو ڇڏي، سندس چوڻ موجب هن وقت به ان لائبريري ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. ناز وڏو حاضر جواب آهي، کيس اگر ڪو چرچو هڻي ٿو ته ان کي اڳواٽ ان جي جواب جي پڪ هئڻ گهرجي، هو هر چرچي جو جواب ان ئي ٻولي ۽ لهجي ۾ ڏيندو آهي، جنهن ۾ کيس چرچو هنيو ويندو آهي، سندس گارين وارن چرچن تي ڪو ڪتاب ڇپرائي ته اهو به لکن جي تعداد ۾ وڪامي سگهجي ٿ،و پر ناز سميت ڪنهن به پبلشر ۾ اها همت نه هوندي ته ڪو اهڙو ڪتاب ڇپرائي. اها ڳالهه ناز به مڃي ٿو ته ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ سندس بابت ڪا چڱي راءِ نه ٿو رکي، انهن جو خيال آهي ته ناز ذهين ته آهي، گهڻو پڙهيو لکيو به آهي پر سندس سوچ جو انداز ناڪاري آهي، ساڻس گڏ جيل ڪاٽيندڙ طارق اشرف ته ناز جي پاران لکيل ۽ ڇپرايل ڪتاب تي لکيل پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ناز لکڻ وقت جڏهن ڪنهن ماڻهو جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس ايئپروچ ناڪاري ٿيو وڃي، ناز جي نظر اڪثر خامين تي هوندي آهي، هو رڳو ماڻهو جون خاميون ڳوليندو آهي، ۽ کائنس خوبيون رهجي وينديون آهن، ضروري ناهي ته پنهنجو پاڻ کي سٺو ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻين جو خاميون ڳولجن“، پر ليکڪن ۽ قومپرستن جو هڪ ٻيو ۽ سنجيده لڏو ناز لاءِ تمام سٺي راءِ رکي ٿو. مون پاڻ ناز کان پڇيو ته ”ماڻهو تو مان آخر ايترو خائف ڇو آهن؟ نه توکي فنڪشن ۾ سڏائين ٿا، نه صدارتون ڪرائين ٿا، نه مهمان خصوصي بڻائين ٿا، نه ڪتابن جا مهاڳ لکرائين ٿا، تون آهين جو اڪيلو دڪان تي ڪن ڪڍيو ويٺو هوندو آهين“ ناز جو چوڻ هو ته ”ادا مان نه ڪوڙ ٿو ڳالهائي سگهان، نه منافقي ڪري ڄاڻان ٿو، آئون ماڻهن کي سچ چوان ٿو، تنقيد ڪريان ٿو، ان ڪري ماڻهو مون کي پنهنجي پروگرامن کان پري ٿا رکن، آئون جڏهن انهن جي تعريف شروع ڪري ڇڏيندس ته ضرور اهي مون کي پنهنجي پروگرامن جو خاص مهمان بڻائيندا“، بهرحال اهو سڀ صحيح پر هڪ وقت هو، جڏهن ناز وڏا وڏا فنڪشن ڪيا، جشن ملهايا، جن ۾ سنڌي ادب، سياست ۽ علم جون وڏيون وڏين شخصيتون مهمان طور شريڪ به ٿيون ۽ انهن پروگرامن ۾ شرڪت کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهيو، بهرحال ناز انهن سمورين ڳالهين جي باوجود بي فڪرو ۽ بي پرواهه آهي، هو سمجهي ٿو ته منهنجي ڪم بابت تاريخ پاڻ فيصلو ڪندي. ڪاوش دنيا 4 آڪٽوبر 2020