ڪربلا جو ڏيک ڏيندڙ سنڌ امڙ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڪربلا جو ڏيک ڏيندڙ سنڌ امڙ

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    جيئن ته ھن سڄي سنسار ۾ ھر شخصيت جي لاءِ چھلم جو ڏھاڙو وڏي جوش جذبي ۽ ادب احترام سان ملهايو ويندو آهي. ۽ ان ڏھاڙي ۾ تمام ماڻھون شرڪت ڪري ان شخصيت سان محبت جو اظھار ڪندا آهن. ۽ ان شخصيت کي خراج عقيدت جو نذرانو پيش ڪندا آهن. پر ھن دنيا جي مشھور شخصيتن جو فقط پھريون چھلم جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آهي.
    پوءِ انھن شخصيتن لاءِ فقط سالانه ورسي جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آهي.
    پر سرجڻھار جي ھن سڄي سنسار ۾ فقط ھڪ اھڙي شخصيت آهي جنهن جي چھلم جو ڏھاڙو ھر سال پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏي جوش جذبي ۽ وڏي ادب ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. اھا شخصيت ھن سڄي سنسار ۾ مولا امام حسين عليه السلام جي آھي. ڪربلا جي واقعي کي رونما ٿيندي، توڙي سوين سال گذري چڪا آهن. پر تڏھن به ان شخصيت جو چھلم ھر سال گذريل سالن کان به وڌيڪ جوش جذبي ۽ ھڪ وڏي ادب احترام سان ملهايو ويندو آهي. ھن سال کي ڇڏي ڪري اگر اسان ماضيءَ جي سالن ڏانھن نظر ڪنداسين، ته ھر گذريل سالن ۾ پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عزادار نجف اشرف ۾ گڏ ٿي ڪري پوءِ اتان پنڌ ڪربلا معلا ڏانهن مشي جي صورت ۾ سفر ڪندا آهن. ايڏي وڏي ميڙاڪي جي مثال اسان ڪٿي به ڪونه ٿي ملي. ڇوجو ايترو وڏو ميڙاڪو دنيا ۾ ڪٿي به گڏ ڪونه ٿو ٿئي جيترو ميڙاڪو چھلم جي ڏھاڙي مولا امام حسين عليه السلام جي روضي تي گڏ ٿئي ٿو.
    ھون به پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته: امام حسين عليه السلام جي قتل ٿي وڃڻ سبب مؤمنن جي دلين ۾ ھڪ اھڙي حرارت پيدا ٿي آهي جيڪا ڪڏھن به ٿڌي ڪانه ٿيندي.
    چھلم امام حسين عليه السلام بابت کوڙ ساريون روايتون نقل ٿيون آهن. اگر اسان تاريخ جي ڪتابن ڏي نظر ڪنداسين ته اسان کي پروڙ پوندو ته امام حسين عليه السلام جي پھرين چھلم تي جابر ابن عبدالله انصاري ۽ عطيه ڪوفي امام حسين عليه السلام جي قبر مقدس جي زيارت ڪئي. ڪجھ روايتن مطابق چھلم جي موقعي تي اھل بيت عليھم السلام جي اسيرن جو لٽيل قافلو شام کان واپسيءَ تي ڪربلا ۾ آيا ۽ ڪربلا جي شهيدن لاءِ ماتم ۽ عزاداري برپا ڪيائون ۽ ان ڳالهه مطابق شھيدن لاءِ پھرين عزاداري چھلم جي ڏھاڙي تي انجام ڏني وئي.
    ان ڪري اسان شيعا قوم حضرت بي بي زينب سلام الله عليه ۽ ڪربلا جي اسيرن جي پيروي ڪندي ۽ عاشورا واري ڏهاڙي کي ياد ڪرڻ ۽ حسيني پيغام کي ھميشه رکڻ خاطر ھر سال چھلم جي ڏينهن عزاداري ڪندا آھيون.
    اگرچہ چھلم امام حسين عليه السلام جو ڏھاڙو ھن سال کي ڇڏي ڪري باقي گذريل سالن ۾ ڪربلا جي سرزمين تي وڏي جوش جذبي ۽ ادب احترام سان ملهايو ويندو ھو، ۽ ھن ميڙاڪي ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عزادار شريڪ ٿيندا هئا.
    پر ھن سال عالمي وبا ڪرونا وائرس جي ڪارڻ عراق حڪومت ٻين ملڪن جي عزادارن کي ويزا ڏيڻ کان معذرت ڪئي. ۽ ڪجھه ڏينهن پھريان ڪربلا جي گورنر طرفان ھڪ پيغام جاري ڪيو ويو ته ھن سال ڪرونا وائرس جي وبا ڪارڻ اسان زائرين امام حسين عليه السلام جي خدمت ڪرڻ ۽ انھن جي خدمت ڪرڻ کان معذرت خواهه آهيون.
    ان ڪري ھن سال امام حسين عليه السلام جي چھلم جو ڏھاڙو امام حسين عليه السلام جي عزادارن پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ وڏي جوش جذبي ۽ ادب احترام سان ملهايو.
    اگر اسان ڳالهه ڪريون پنھنجي سنڌ امڙ جي ته چھلم جي ڏينهن ھر طرف يا حسين عليه السلام جون صدائون بلند ھيون، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اربعين مشي جو ريليون نظر پئي آيون. مؤمنن جي ھٿن ۾ علم عباس پي نظر آيو، ۽ ڪٿي ڪٿي وري عزادارن جي ھٿ ۾ پاڪستان جو پرچم پئي نظر آيو. ھر طرف اھيي نعرا گونجي رهيا هئا ته حسينيت زندہ باد، يزيديت مردا باد ۽ ڪجھه جڳهن تي وري پاڪستان زنده باد جا نعرا گونجي رهيا هئا. ۽ مؤمنن طرفان ايندڙ عزادارن لاءِ مختلف قسم جا موڪب ۽ دسترخوان امام حسين عليه السلام وڇايو ويو. يعني ھر شھر جي اربعين مشي جي ريلي ڪربلا واري مشي جو ڏيک پي ڏنو.
    سکر، خيرپور، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن کان ماڻهو روھڙي ڪربلا جي ميدان تي پھتا جتي ڪربلا جي شهيدن لاءِ عزاداري ڪئي وئي روھڙي ڪربلا جي ميدان تي مؤمنن جو وڏو ميڙاڪو ڏسڻ وٽان آيو. ۽ روھڙي جي مقامي مؤمنن طرفان ايندڙ عزادارن لاءِ مختلف جڳهن تي مختلف قسمن جا دسترخوان وڇايا ويا. ۽ سبيلن جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.
    ۽ ڪجھه شھرن جا ڪاروان وري حيدرآباد قدم گاهه مولا علي عليه السلام تي پھتا جتي پڻ ايندڙ عزادارن جو وڏي ادب احترام سان استقبال ڪيو ويو. ۽ عزادارن ۾ مختلف قسمن جو نياز تقسيم ڪيو ويو. ھوڏانھن وري سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ به مؤمنن جا وڏا ميڙاڪا نظر آيا جيڪي مختلف جڳهن تان ٿيندي ڪراچي نشتر پارڪ ۾ اچي گڏ ٿيا جتي ڪربلا جي شهيدن لاءِ سينا زني ۽ سينا ڪوبي جو ماتم ڪيو ويو. ڪراچي ۾ به مومنين جو وڏو ميڙاڪو ڏسڻ وٽان مليو. جھول شھر کان ۽ آس پاس جي علائقن مان مشي ريلي سانگھڙ ۾ پھتي جتي پڻ وڏي رش ڏسڻ ۾ آئي.
    ٿرپارڪر ۽ اوسي پاسي ۾ به چھلم امام حسين عليه السلام بابت وڏيون وڏيون ريليون نڪتيون جتي پڻ مؤمنن طرفان سينا زني ۽ سينا ڪوبي جو ماتم ڪيو ويو. ان کان علاوه ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، جامشورو، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلھار، سجاول، بٺورو، شاھ ڪريم، ملا ڪاتيار، سنجھورو، شھدادپور، کپرو، نوابشاهه، ٽنڊو ادم، ٽنڊو الهيار، ڀٽ شاهه، قاضي احمد، سعيد آباد، مورو، ھالا، ٽنڊو ڄام، ٻين مختلف شھرن ۾ مشي اربعين حسيني جون ريليون ڪڍيون ويون، سنڌ جي شھرن ۾ به ته اربعين حسيني جون ريليون نڪتيون پر سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پڻ اربعين حسيني جون ريليون نڪتيون، جتي پڻ وڏا دسترخوان وڇايا ۽ عزادارن لاءِ پڻ ننگر حسيني جو بندوبست ڪيو ويو.
    hzaheer145@gmail.com
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    Sajid Ali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو