• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻانهون خان شيخ: ڀٽائيءَ جو پارکو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
Lg4E6ci.jpg



ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري جو ويٺل بزرگ، هڪ عالم شخص هو. هي روينيو کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو. 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. شاهه لطيف جي رسالي سان وڏو شغف رهيس. لطيف سائينءَ جي درگاهه جي فقيرن جو صحبتي رهيو. ويهه سال راتين جا اوجاڳا ڪري، هن، فقير محمد ابراهيم جو راڳ ٻڌو ۽ ان جي يادداشت وارو سمورو ڪلام قلمبند ڪرڻ کان پوءِ تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل شاهه جي گنج (1207 هه/ 1792ع جي لکيل)،ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل رسالي (1304 هه/ 1886ع )،ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي (1300 هه/ 1882) ۽ ماستر محمد سارنگ لنجواڻيءَ جي لکيل رسالي ۽ سمورن ڇاپي رسالن کي ڀيٽي، هن 1960ع ۾ شاهه جي رسالي جو هڪ مسودو تيار ڪيو. ان وچ ۾ کيس ٻه پراڻا قلمي نسخا، ٽنڊي مير محمود جي مير صاحبن جي ڪتبخاني مان ۽ سيد مسڪين شاهه کاڻوٺيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ آيا ۽ 1949ع، 1974ع ۽ 1977ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خانبلوچ جي ڇپايل رسالن کي به هن آڏو رکيو. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي جو مڪمل متن 31 سرن، 4469 بيتن ۽ 300 واين تي مشتمل، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ سميت تيار ڪيائين. هن رسالي جا ٽي ڀاڱا شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ هن بيتن کي صحيح اچارن سان پڙهڻ لاءِ اعرابون ڏنيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون. ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
 
Back
Top