• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منظور سخيراڻي توکي واجب ناھي پيارا | منظور سخيراڻي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
توکي واجب ناھي پيارا
يار ڪيئن ڪرين ٿو ڪنارا؟

وئين دلبر دل آزاري،
مون کي ماڻن سان تون ماري
ھاڻي ڪير اچي تہ جياري،
وئين باھ برھ جي ٻاري
دل دوست توکي پئي ساري،
جيئن ڪويل پئي ڪوڪاري
آھيان تنھنجي سڄڻ لاماري
وڃي ويھ پرين نہ وساري
ڏئي بار برھ جا بارا،
يار ڪيئن ڪري ٿو ڪنارا


ڪيو اچڻ جو سھڻا سايو
منھنجي اڱڻ تي پيرڙو پايو
منھنجي دل آ توکي چاھيو
ڪيو لالڻ لايو سجايو
سڪ تنھنجي سڄڻ آ ستايو
مچ محبت وارو مچايو
گهڻي دير نہ دلبر لايو
سارو حال مون دل جو سڻايو
سڀ سور سليا ٿم سارا
تون يار ڪيئن ڪرين ٿو ڪنارا!

آھي علي گل تنھنجو گهايل
تنھنجي پيار جو پيارا پايل
تنھنجو سانگي سڏايان سائل
تنھنجي واٽ جو راھل ماھل
ڇڏ روز رساما راڻل
ھت دل جا ڪنول ڪماڻل
ڪر ڀال ڀلايون ڀورل
مون سان قرب ڪيو ڪو ڪامل
اچي دوست ملو دلدارا!


آواز : منظور سخيراڻي
شاعر : علي گل سانگي

 
Back
Top