• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منظور سخيراڻي ڪھڙي خوشي ملي ٿئي دلبر مون کي ڏُکائي | منظور سخيراڻي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪھڙي خوشي ملي ٿئي دلبر مون کي ڏُکائي
ڇا ھَٿ توکي اچي ٿو ھن روح کي رنجائي
بچپن جو پيار توکي ٿورو بہ دل تي ناھي
ڪُڇندس نہ لفظ پوءِ ڀي جاتي بہ ڇڏ پُڄائي!


آ ڳالھ ساري سِڪ جي، تو وٽ منھنجي لئہ ناھي
آ گار سور مون لئہ، تو وٽ ڀلا ٻيو ڇاھي
پنھنجي غلام نوڪر خادم کان منھنجا دلبر
تڪليف ڪھڙي آيئي، غلطي تہ ڪا ٻُڌاءِ!


ڪھڙو سبب آھي جو، احساس توکي ڪونھي
روئان پيو رڙان ٿو، ڪو قياس توکي ڪونھي
تو تي ميار ڪھڙي، قسمت منھنجي آ اھڙي
تو تي بہ ٿي اثر ويو، ماڻهن وارو الائي!


ھرھڪ خوشي ڏني مون، تہ بہ تو قدر نہ ڪيو ٿئي
ھيءُ زندگي ڏني مان، تہ بہ ڪو قدر نہ ڪيو ٿئي
تون ئي ھُئين، تون رھندين، ھن دل ۾ ٻيو نہ ايندو
فياض ٿھيم جِي تون ڀَل ڏِس وفا ڀُلائي


شاعر : فياض ٿھيم
آواز : منظور سخيراڻي

 
Back
Top