• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي خودڪار الٿي يا مشين ٽرانسلٽريشن

فهد ميمڻ

سينيئر رڪن
خودڪار الٿي يا رومن ٽرانسلٽريشن
ھي پروگرام سنڌي عربي لپي کان اردو، ديوناگري، رومن يا انگريزي ۽ آءِ پي اي يا انٽرنيشنل فونيٽڪ الفابيٽ ۾ الٿي يا ٽرانسلٽريشن ڪري ٿو، ھن پروگرام جون خاص ڳالھيون ڪجه ھن ريت آھن
يعقوب ايڪو ۾ ٻن جڳھن تي ي يڪو استعمال ٿيل آھي پر پھريون حرف صحيح يا ڪانسوننٽ آھي تھ ٻيو حرف علت يا واول آھي ٻيو جڏھن اھي ٻئي لفظ يا اھڙا ٻٽن خاصيتن وارا اکر جيڪي حرف صحيح بھ آھن تھ حرف علت بھ کي درست نموني y ۽ e کي درست نموني الٿي ڪندو
ٻيو khokhar khoraka khae tho کوکر خوراڪ کائي ٿو انگريزي جملي ۾ کوکر ۾ ک لاءِ بھ kh تھ خوراڪ ۾ خ لاءِ بھ kh ھاڻي ڪمپيوٽر ڊيٽابيس ۾ جاچي khokhar جي الٿي کوکر ۽ khoraka جي الٿي خوراڪ يعني ک ۽ خ جي تميز ڪندو
لفظن کي سر يا واول ڏيو واري سيڪشن ۾ اوھان انگريزي ۾ بغير زير زبر جي sndh لکندا تھ ڪمپيوٽر ان کي زير زبر واري سامھون واري خاني مان سِنڌ مطلب زير زبر پيش وارو لفظ رکندو يا ائين کڻي چئجي تھ ڪمپيوٽر خودڪار طريقي موجب لفظن کي زير زبر پيش ڏئي لکندو
ھي پراجيڪٽ في الحال مفت ھوسٽنگ سرور تي رکيل آھي جنھن ڪري ڪلاڪ ۾ صرف 1500 پراسيس ٿي سگھن ٿا اميد تھ جلد ئي ان کي اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سرور تي رکيو ويندو
پراجيڪٽ جي ايڊريس
edupedia.dx.am
 
Back
Top