هڪ بحث

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو فيس بڪ تي اسانجو هڪ سڄاڻ دوست آهي، احمد شاه … هن دوست جي لکڻين مان ۽ علم مان محسوس ٿئي ٿو ته دوست، صراط المستقيم تي آهي ۽ الله جي راهه جو سچو پوئلڳ اهي، ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ مذهب سان تعلق رکندڙ دوست قومپرستيءَ کان لنوائي ويندا آهن بلڪه قومپرستيءَ کي برو سمجهندي هرو ڀرو پاڪستان جي حمايت ۾ قصيدا پڙهندا آهن ... خئير هي هڪ بحث ٿيو آهي فيس بڪ تي، اوهان آڏو پيش ڪريانٿو ته من اوهان به پنهنجا خيال ونڊ ڪريو ۽ قوم جي رهنمائي ڪريو؛
    *****************************
    احمد شاهه لکي ٿو ته؛

    اعوذ بالله من الشيطان الرجيم، بسم الله الرحمن الرحيم

    ڄاڻڻ گهرجي ته اهڙا حڪمران جيڪي الله تعالي جي نازل ڪيل قوانين جي بر خلاف حڪومت ڪن ٿا مختلف قسمن جا ٿي سگهن ٿا ، ساڳي ريت سندن حڪم به مختلف ٿيندا

    جيڪو حڪمران الله تعالي جي نازل ڪيل قوانين جي خلاف حڪومت هلائي ٿو اهو سمجهي ته سندس ٺاهيل قانون الله جي شريعت کان بهتر آهي ته اهڙو ماڻهو تمام مسلمانن جي نزديڪ ڪافر آهي ء ساڳي ريت جيڪو حاڪم الله جي نازل ڪيل قانونن جي مقابلي ۾ پنهجا هٿرادو قانون ٺاهي هلائي ء اهڙي عمل کي جائز سمجهي يا اهو چوي ته شريعت موجب حڪومت هلائڻ بهتر آهي ته بيشڪ اهڙو حڪمران به ڪافر ٿيو ڇو ته اهڙي شئي کي حلال ڪيائين جنهن شئي کي الله تعالي حرام ڪيو

    باقي رهيو اهڙو حاڪم جيڪو الله جي نازل ڪيل شريعت خلاف فيصلا ڪري ٿو، پنهجي خواهش نفس جي پيروي ۾ يا ڪنهن رشوت جي لالچ ۾ يا ڪنهن سان بغض يا دشمني سبب يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري ء اهو سمجهي ته آئون الله تعالي جي نافرماني ڪريان پيو ء مون تي شريعت موجب حڪومت هلائڻ ء فيصلا ڪرڻ واجب آهي ته اهڙو حڪمران سخت گنهگار ء ڏوهاري ڪوٺيو ويندو ته ڄڻ هن ڪفر اصغر جو ارتڪاب ڪيو

    جئين حضرت عبدالله بن عباس ڪتاب الله جي آيت

    ومن لم يحڪم بما انزل الله فاولآئک هم الڪافرون

    جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل قوانين موجب حڪومت نٿا هلائن، ته اهڙا ماڻهو ئي ڪافر آهن

    جي تفسير ۾ فرمايو


    وصلى الله على نبينا محمد وعلى آله وصحبه أجمعين
    ________________________________________
    عبد القدير ميمڻ جواب ڏنو؛

    بيشڪ قرآن جو قانون ھن ڌرتي جو آخري ظابطه حيات آھي
    ان نظام انصاف جي خلاف ڪم ڪرڻ ۾ تباھي آھي پوء اھا ھاڻي اچي يا وري ڪڏھن ،اھو الله پاڪ پاڻ ڄاڻي ٿو
    ________________________________________
    احمد شاه چيو؛

    سائين منهجا سڄي زمين فتنه و فساد ، خونريزي، بک ء بدحالي سان ڀرجي چڪي آهي ، هاڻ ته زلزلا ء طوفان به وڌڻ لڳا آهن ، اڃان اسان ڪهڙي تباهي جا منتظر آهيون؟
    ________________________________________
    عبدالقدير ميمڻ جواب ڏنو؛

    قيامت ! ٿي سگھي ته اھا توھان جي پٺن کان ھجي
    (قرآن)
    ________________________________________
    احمد مخدوم پنهنجي جواب ۾ هيٺيان شعر موڪليا آهن؛

    سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ دوستَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين؍
    شاھُ ڀٽائي

    سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،
    جيئي سنڌ سدائين جيئي ٻيا سڀ نعرا وسري ويا،
    (اُستادُ بُخارِي)...

    جيڏو تُنھِنجو نانءُ ٻاجھَ بِہ اوڏِيائِي مَنڱيان،
    ري ٿَمڀين، ري ٿوڙِيين، تون ڇَپَرَ تون ڇانوَ،
    ڪُڄاڙو ڪَھانوَ، توکي مَعلومُ سَڀُڪِي.
    (شاھ ڀِٽائي)
    ________________________________________
    رابعه شاه سوال ڪيو آهي؛
    absolutely right ada, po asan khe ehdan hukumranan j kare cha karan khape???????????
    ________________________________________
    ابو عمر البغداديءَ پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن؛
    ایسے حکمرانوں کو اٹھا کر باہر پھینکنا چاہیے
    ________________________________________

    نثار ابڙو سوال ڪيو آهي؛

    ڇا جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ اهڙو ڪو حڪمران هجي ۽ هو ڪفر ڪندو هجي ته انجي خلاف جهاد جائز آهي؟

    ٻي ڳالهه ڪا اهڙي جماعت يا قوم يا فرقو ڪنهن ٻي جماعت يا فرقي يا قوم جو مال هڙپ ڪندو هجي ۽ انجا وسيلا ناجائز استعمال ڪندو هجي يا وسيلن جي هوندي سوندي ان قوم جي خوشحاليءَ جي راه ۾ رنڊڪون وجهندو هجي ته ان خلاف جهاد ڪري سگهجي ٿو؟ بيشڪ اها جماعت، قوم مسلمان ئي ڇونه سڏرائيندي هجي؟
    ________________________________________
    احمد شاه صاحب جن نثار ابڙو جي سوال ۾ جواب ڏنو آهي؛

    محترم سائين نثار احمد صاحب، ماشاء الله توهان جا سوال پڙهي ڏاڊي خوشي ٿي اڄ ڪله ماڻهو اهڙن مسئلن کي دين کان خارج سمجهن ٿا،بهر حال توهان جي ٻنهي سوالن جا جواب هاڪاري آهن، پهرين سوال جو جواب صفا سئون سڌو ء واضح آهي شريعت ۾ انهي کي مسئله الخروج جي اصطلاح سان موسوم ڪيو وڃي ٿو فرصت ملي ته انشاءالله ٻيو مضمون انهي ئي موضوع تي لکندس جهڙي ريت حڪمرانن جي اعمال آڌر انهن جا احڪام مختلف آهن، ساڳي ريت انهن جي خلاف خروج ڪرڻ جا احڪام به مختلف آهن، ڪن حڪمرانن خلاف خروج ڪرڻ حرام ۽ بغاوت آهي، ڪن جي خلاف جائز ۽ ڪن جي خلاف واجب.

    باقي رهيو توهانجو ٻيو سوال ته آءُ سمجهانٿو ته توهان جو اشارو ڪيڏانهن آهي، اصل ۾ هڪڙي ڳالهه سمجهڻ ضرور آهي ته اسلامي تعليمات ۾ امام عادل يعني حڪمران جي اهميت تمام بنيادي آهي، دين ۽ دنيا جي سڀيئي ڪم انهي جي گرد ڦرن ٿا، امام جو قيام ڪيترو بنيادي مسئلو آهي انهيءَ لاءِ فقط رسول الله صلي الله عيله وسلم جن جي ٻن حديثن جو ذڪر هتي ڪندس، پاڻ سڳورن حجت الوداع جي موقع تي فرمايائون ته جيڪڏهن ڪو حبشي جنهن جو مٿو سڪل ڊاک جهڙو هجي توهان تي امير مقرر ڪيو وڃي ته هن جي اطاعت ڪجو، هڪڙي ٻي حديث ۾ فرمايائون ؛
    ”ومن مات ولم يڪن في عنقه بيعه مات ميته الجاهليه“
    جيڪو اهڙي حال ۾ مئو جو سندس ڳچيءَ ۾ ڪنهن امام جي بيعت نه هئي ته جاهليت جي موت مئو”
    ڪيڏي نه بدنصيبي آهي جو اڄ اسان وٽ ڪو امام موجود ناهي، ۽ نه وري اسانکي خلافت جي قيام جي ڪا فڪر آهي، ڄڻ اهو دين هجي ئي نه.

    اهو انهيءَ امام (حڪمران، خليفو يا سلطان) جو ڪم آهي ته ملڪ ۾ عدل انصاف کي قائم ڪري ۽ شريعت جي تطبيق ڪري پو جي ڪو گروهه انهن احڪامن کان انڪار ڪندو ۽ پنهنجي بي واجبين کان نه مڙندو ته امام انهن جي سر ڪچليندو ۽ بيشڪ اهو به جهاد آهي.

    هڪڙي ڳالهه جا تمام اهم ۽ في زمانه شايد عجيب به محسوس ٿيندي هجي اها هيءَ آهي ته، شريعت اسلاميءِ جو بنيادي محور امام آهي نه ڪه رياست، رياست جي اسانجي نظر ۾ ڪائي حيثيت ناهي، اسان فقط شريعت اسلامي جا پابند آهيون ۽ شرعي حدود اندر امام شرعي جا مطيع ۽ تابعدار.

    هذا ما عندي والله اعلم بالصواب
    منهنجي سمجهه ته اها ئي آهي، باقي صحيح ڳاله ته الله تعالا کي ئي معلوم آهي.

    ________________________________________
    سيد صدام لڪياري جواب ۾ چيو آهي؛

    jahad asan tay tadanh e farz thi huyi jadanh pakistan thahiyo huyo chakarn ta pakistani ion british ion mutabik halyo paye baqi rahi galh ta 1973 mein bhuto sahab nayo ion thahiyo jeko islami shariya mutabik thahiyo par unhen mein ba kujh galhyun shariyat khilaf huyun ... baqi jeko aj asan j darmiyan ion mojood ahai and jeke aj asan ja hukmran ahin se parn ta ta kafar ahin par uhan khe unhen khe unhen seat tay pohchayin wara ba unhen san shamil ahin cho jo hu islami shariya mutabiq hukimat na tha kan inhen kare asan unhan khe kafar kothiyun tha b galh to asan parn zalim ahyun jo asan zalim hukmranan khe charhun tha.

    ________________________________________
    نثار ابڙي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي؛

    محترم دوست! اوهانجون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي آهن ... آءُ ڪو دين جو عالم ناهيان پر چوندا آهن ته” ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشاري“ واري ڳالهه جيئان آءُ پنهنجي دين کي دين فطرت سمجهانٿو، جيئن انسان جي فطرت آهي کاڌو کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهون پنج ڏينهن بکيو هجي ۽ انکي چئجي ته روزو رک ته اها اسانجي غلطي ٿيندي ... ۽ جي ڪو ماڻهون صحرا جي تتل اس مان پيرين پنڌ اڃارو آيو هجي ته بجاءِ انجي جو انکي پاڻي پيئارجي ۽ چئجيس ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي، نماز پڙهه ته اسانجي غلطي ٿيندي.
    انسان جي فطرت آهي ظلم، ڏاڍ ۽ ڪوڙ خلاف جهد ڪرڻ، پوءِ اهو ظالم سندس ڀاءُ ئي ڇونه هجي، آءُ اوهانکي هت لنڪ ڏيانٿو ان تي وڃو، منهنجو هڪ تازو مضمون آهي اهو پڙهندا ۽ رهنمائي ڪندا.
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=4870
    ________________________________________

    نثار ابڙي وڌيڪ خيالن جو اظهار ڪيو آهي؛

    ادا احمد، رب العالمين اوهانکي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي، جي ڪو سلطان امير، يا حڪمران ئي ظالم هجي ۽ ظالمن جو ساٿاري هجي ته اهو ڪيئن اهڙيون ڏاڍايون ختم ڪندو، ٻي ڳالهه ته بيشڪ مذهب رياست جو محتاج ناهي هوندو پر ، رياست کي مذهب جي ضرورت هوندي آهي ۽ جي رياست ۾ موجود سڀ طاقتون دين جي نالي ۾ ڏاڍايون ڪنديون هجن ته ڇا دين کي فائدو رسندو يا نقصان ۽ جي ڪنهن عمل دين کي نقصان رسندو هجي ته ان خلاف ڇا ڪجي..؟
    ڇا امام وقت جو انتظار ڪجي ...؟
    پاڪستان دين جي نالي تي ٺاهيو ويو پر اڄ انهيءَ اسلام جي آڙ ۾ ڪيتريون ڏاڍايون ٿين ٿيون ...؟ انهن جو ڪاٿو ڪنداسون ته اسلام کي يهودين به ايترو نقصان نه رسايو آهي جيترو پاڪستان ۽ پاڪستان جي حڪمرانن ۽ فوج پهچايو آهي.

    اسانکي دين جي سمجهه سان گڏ هلندڙ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف به آواز اٿارڻو پوندو نه ته دين جي افاديت ۽ انجا فائدا عام ماڻهونءَ تائين نه پهچندا. دين صرف عبادتن جو نالو ناهي، دين ڪامل زندگي آهي ۽ ڪامل زندگيءَ ۾ هر انساني مسئلو اچي وڃي ٿو جنهنکي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻو پوندو ...
    رب العالمين اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ... آمين
    ________________________________________
    احمد شاهه جواب ڏنو آهي؛

    برادر نثار احمد، سائين آئون مٿي اها وضاحت ڪري آيو آهيان ته جيڪي حڪمران شريعت جي تطبيق کان انڪار ڪن ء ظالمن جا ساٿاري ٿي وڃن ، ته انهن خلاف جهاد يعني خروج واجب ٿي ويندو، اهڙن حڪمرانن کي پاڙان پٽي اڇلايو ، ء انهن جي جاء تي عادل حڪمران مقرر ڪيو جيڪو ماڻهن جا معاملا عدل وانصاف سان هلائين.

    باقي جيڪڏهن مسلمان وجوب جي باوجود اهڙن حڪمرانن خلاف نه اٿندا ء انهن جي اطاعت ڪندا رهندا ته نه صرف واجب جي عدم ادائيگي سبب گنهگار ٿيندا بلڪ انهي سان گڏوگڏ ذلت ء مسڪنت جو مزو پڻ چکيندا رهندا

    باقي رهيو پاڪستان سو مهرباني ڪري علمي گفتگو جي دوران انهي جو حوالو بطور دليل جي نه ڏيندا ڪيو ، ڇو جو اڄ ڏينهن تائين مون کي پاڻ اهو سمجه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان ڪهڙي مشڪري جو نالو آهي؟؟ منهجي خيال ۾ اهو ملڪ ڪوڙ تي ٺهيو ء ڪوڙ تي ئي هلي پيو ء اچي پڄاڻي کي پهتو آهي.

    سائين نثار صاحب توهان جو مٿيون مضمون پڙهيم بالڪل وڻيو، بس هڪڙو عرض اهو ته مٿي ڄاڻايل حديثن جو تعلق شخصي اموال سان آهي.

    ٻيو عرض اهو ته اسين صرف ظلم ء استحصال جي خلاف آهيون نه ڪه ڪنهن قوم جا، منهجي لاء برابر آهي ته جيڪڏهن منهجو حق ڪو سنڌي کسي يا ڪو پنجاپي انهي سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟؟
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: هڪ بحث

    تمام سٺي معلومات توهان ونڊ ڪئي آهي دوستن جي جوابن کان پوء جواب ڏيان ٿو مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو