[غزل ساگر آفتاب بجير مرڪي مون ڏي نيڻ نه کڻ تون نظرن جا مونکي تير نه هڻ تون تون ئي چيو هو ويندس هلي مان مون ۾ ائين ايڏو پيار نه ڄڻ تون گھاريان ويٺو جيون ان هيٺان پوکي ويئي آهين جيڪا وڻ تون وکريل آهي تون کان پوء ساگر اچي ميڙ تنهن جا ڪڻ ڪڻ تون]