سر ڪلياڻ جو وڏو اهم بنيادي موضوع خالق حقيقي آهي، ان ئي سلسلي ۾“وَحۡدَهُ لا شريۡڪَ لَہُ” تي پهرين داستان جا بيت ڪافي ڪجهه چون ٿا ۽ هن موضوع تي رهبر لطيف جو جامع پيغام، هدايت، رهبري ۽ تعليم پهرين داستان ۾ موجود آهي. وَحۡدَه لا شريۡڪَ لَہُ، اِيُّ هيڪَڙائِيءَ حقُ، ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وڌو سي وِرَسيا. سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 16 ترتيب غلام محمد شاهواڻي هن بيت ۾ شاهه صاحب چيو آهي ته الله تعاليٰ کي هڪ ڪري تسليم ڪرڻ ۽ مالڪ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪرڻ بس اهيو ئي حق آهي؛ مالڪ جي هيڪڙائي ئي حق آهي. ان کان هٽي ڪري جيڪي ٻيائي طرف ويا جنهن ٻي ڪنهن ڳالهه کي تسيلم ڪيو، مالڪ جي وحدانيت ۽ لاشريڪيت کان هٽي ٻي ڪنهن ڳالهه کي مڃيائون، ٻيائي کي پنهنجي ويجهو آندائون، ٻيائي کي ٻک وڌائون ته اُهي ورسيا، مطلب اُهي ڀٽڪجيي ويا، اهي ڀلجي ويا. “وَحۡدَه لا شريۡڪَ لَہُ” ان هيڪڙائي کي تسليم ڪرڻ ان تي ايمان آڻڻ کان واري ان سلسلي جي تسلسلي ۾ رهبر لطيف طرفان رهنمائي ٿيل آهي، وحۡده لا شريۡڪَ لَہ جان ٿو چَئين اِيَّ، تان مَڃ محمَّد ڪارَڻِي، نِرتُون منجهان نيهن، تان تون وَڃِئو ڪِيَّ نايين سِرُ ٻِيَنِ کي. سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 05 ترتيب غلام محمد شاهواڻي جي تون خالق جي وحدانيت ۽ لاشريڪيت جو اقرار ڪرين ٿو ته پوءِ اتي بس ناهي ڪرڻي. توکي خالق ڪائنات جي حبيب رسول خدا صه جن کي به مڃڻو پوندو ۽ صرف پيغمبر واري حيثيت ۾ بلڪي ان کان اڳتي رسول ڪريم صه جن کي هن دنيا جي ٺهڻ جي سبب طور مڃڻو پوندو. ان کان سواءِ “وحۡده لا شريۡڪَ لَہ” واري ايمان جي تڪميل نه آهي. جڏهن ايمان جي ڳالهه ڪجهه ٿي ته هڪ وڏو علمي بحث ظاهر ۽ باطن جي حوالي سان موجود آهي، شريعت تي هلندڙ حضرات ظاهر تي وڏو زور ڏيندا آهن ۽ طريقت وارا وري اصل باطن کي ئي سمجهندا آهي. جڏهن اسان رهبر لطيف کان ان سلسلي ۾ رهنمائي وٺڻ چاهينداسين ته رهبر لطيف طرفان موٽ ملندي. وحۡده لا شريۡڪَ لَہ، جڏهن چيو جن، تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لِسانَ، تڏهن منجهان تن،اوتڙ ونه اوليو. سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 7 ترتيب غلام محمد شاهواڻي هن بيت جي وچ واري سٽ ۾ مڪمل هدايت آهي ته قلب ۽ لسان، دل و زبان سان مڃڻو آهي، “تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لِسانَ”، مطلب ته اندر ۾ قلب ۾ به رسول ڪريم صه جي ڪارڻي هجڻ جو ايمان انهن رکيو ته وري زبان سان به اقرار ڪيائون. قلب باطن، لسان (زبان) ظاهر. باطن ۾ به انهن مڃيو ته ظاهر ۾ به اقرار ڪيائون. مطلب ته رهبر لطيف ظاهر ۽ باطن ٻنهي کي هم آهنگ ڪري اڳتي وڌڻ، ايمان رکڻ جو درس ڏئي ٿو. دل و زبان هڪ ئي نڪتي تي هجن تڏهن ئي ڪاميابي آهي. ان ئي سلسلي ۾ اڃا به اڳتي رهبر لطيف پنهنجن پانڌيئڙن کي هدايت ڪندي چون ٿا ته وَحۡدَه لا شريۡڪَ لَہ چَئِي، چُوندو آءُ، فرض واجب، سنتون، تِنِئو تَرڪ مَ پاءِ توبه سندِي تسبيح، پڙهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ نگا پَهجي نفسَ کي، ڪا سَئين راهَ سُونهاءِ، ته سندِي دوزخَ باه، تو اوڏَيائِي نه اَچي ايمان سان گڏ عمل به ضروري آهي، رهبر لطيف ايمان سان گڏ عمل طرف اچڻ جي هدايت ڪن ٿا ته “فرض واجب، سنتون، تِنِئو تَرڪ مَ پاءِ” فرض، واجب، سنتون هنن کي به پورو ڪرڻو آهي، هنن کي ناهي ڇڏڻو، “تنئو ترڪ مَ پاءِ”، رڳو اتي بس ناهي “توبه سندِي تسبيح، پڙهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ” توبه جي تسبيح به پڙهڻي آهي، جيڪي اوڻايو خاميو ٿي ويو آهن انهن کي به دور ڪرڻو آهي جڏهن اهو سڀ ڪبو ته هاڻ دوزخ باهه ويجهو نه ايندي. “ته سندِي دوزخَ باه، تو اوڏَيائِي نه اَچي” هاڻ پنهنجي مضمون جو نچوڙ بيان ڪيون ٿا، رهبر لطيف اسان کي ان ايمان جي تلقين ڪان ٿا جنهن جي شروعات وحدانيت، لاشريڪيت، کان ٿئي ٿي، رسول ڪريم ته ايمان جيڪو دل و زبان ٻنهي سان هجي، ظاهر ۾ به ته باطن ۾ به، ايمان کان پوءِ عمل جي ميدان ۾ به قدم رکڻو آهي عملي ڪم به ڪرڻا آهن جيڪي ايمان کي ظاهر ڪن، فرض، واجب، سنتون، ان سان گڏو گڏ توبه غلطين خامين جو ازالو ڪرڻو آهي، ائين ئي دوزخ واري باهه کان بچي سگهجي ٿو. جيئي رهبر لطيف.