اڄ ڪلھ جي معاشري ڏانهن نظر ڦيرائيندي ان کان بعد هي موضوع لکڻ تي مجبور ٿي پيس، انسان کي رب ڪائنات هن ڌرتي تي اشرف المخلوقات سان نوازيو آهي ۽ انسانيت جو ڀرم رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هن معاشري ۾ الائي ڇو انسانيت کي رنجايو وڃي ٿو، انسان جي دل ڏکائڻ تي به رب پاڪ ناراض ٿي پوي ٿو پر هتي ته پيسن جي خاطر يا ننڍڙين ڳالهين تان هڪ ٻي کي رتو ڇاڻ ڪيو ٿو وڃي، ڀا۽ ڀا۽ جو دشمن بڻجي ٿو وڃي يا ته وري ڪجھ علائقن ۾ عزت ۽ غيرت جي نالي تي نياڻين کي ماريو پيو وڃي، پاڻ جيڪڏهن نظر ڦيرايون ته هر وڏو ماڻهو پنهنجي ماتحت ماڻهو کي رنجائي ٿو پيو مطلب ته هر لحاظ کان انسانيت کي رنجايو ٿو وڃي، سائين ڪنهن کي هن دنيا ۾ ڪيستائين رهڻو آهي آخر هر ماڻهو فنا ٿي ويندو بس رڳو ان ڳالھ جو خيال رکجي ته ڪنهن تي ڏاڍ نه ڪجي، ڪنهن جي دل نه ڏکائجي ائين نه ته هن دنيا مان وڃون ۽ ڪنهنجي دل رنجائي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي توهان کان دل آزاري ٿي ته فوراً وڃي معافي وٺو يا اڳلي جي غلطي ئي ڇو نه هجي توهان برداشت ڪيو ۽ پاڻ وڃي پرچايو، تڏهن ته ڀٽ جي گهوٽ شاھ سائين فرمايو آهي ته جن رئ سري نه ساهـ، رَتي نه رُسج تن کان، هو جهيڙن تون جهڪو ٿي، پاند ڳچي ڳل پاءِ، پاڻ وڃي پرچاءِ، متان رُٺو ئي رهجي وڃين۔ مان ”سنڌ سلامت“ جي پليٽ فارم تان عالم انسانيت کي پاڻ محبت ۽ ڀائچاري جي گزارش ڪيان ٿو اميد آهي ته مون مسڪين جي ڳالھ مڃي ويندي. مزمل حليم مهر/مبارڪپور/جيڪب آباد