فن جي دنيا ۽ لاڙڪاڻي جي ناٽڪ منڊلين جو رڪارڊ......!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    فن جي دنيا ۽لاڙڪاڻي جي ناٽڪ منڊلين جو رڪارڊ ....!
    فقير محمد سنڌي
    فنونِ لطيفہ جي هڪ سيکڙاٽ جي حوالي سان موهين جي دڙي جي ڊانسنگ گرل جي اسٽيچوءَ جي بيھڪ ڏسڻ سان ئي اهو انومان پختو ٿي ويندو آهي تہ سمبارا گرل اڄ جي عالمي ليول جي ڪا سونھن راڻي يا ماڊل گرل هجي، جنھن سليبريٽي طور پوز ڏنو آهي. جنھن جو سڌو سنئون تعلق فن ۽ فنڪاريءَ سان جڙي ٿو. ۽ پنھنجي فن ۽فنڪاريءَ جو بڻيادي ڏاڪو اسٽيج "منڊل۽ منچ " ئي آهي.
    تنھن ڪري اسٽيج "منڊل ۽ منچ" جو بڻ بڻياد سنڌ ئي آهي نہ ڪو يونان يا ڪو ڪو ٻيو هنڌ...!
    مٿيون سٽون مون پنھنجي ڪالم لاءِ تمھيدي طور لکيون آهن. ڇو تہ منھنجو اڄوڪو ڪالم سنڌي منڊليءَ جي ان ناٽڪ جي حوالي سان آهي جيڪو 19 هين نومبر 2020 تي آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي طرفان، ستار لاڙ جي هدايتن ۾ اعجاز علي سولنگيءَ جو اڄ کان ويھ پنجويھ سال اڳ لکيل ناٽڪ جيڪو کل تہ خرچي ڏيانءِ، جيڪا سنگت جي صلاح، چريا کريا پنھنجا سون، کلندي کلندي يار، هل پنھل، پيار تان صدقي، قرباني، ڦٽو تہ ڦڏو ۽هن ڀيري "توکان ٿيندي ڌار " جي نالي سان 200 هون ڀيرو پيش ڪيو ويو. جيڪو منھنجي ليکي هڪ عالمي نہ تہ، ايشيائي ضرور آهي، پر جي اڃان بہ محتاط ٿجي تہ پاڪستان نہ تڏهن بہ سنڌ جو رڪارڊ تہ ضرور آهي ئي آهي...!
    اهڙن سٻاجهڙن، صاف سٿرن ۽ مانائتن رڪارڊن جي حوالي سان اسان جي گورنمينٽ ۽متعلقہ سرڪاري اداره(ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ آرٽس ڪائونسلز وغيره) دستور موجب اگهور ننڊ ۾ ئي ستل هوندا آهن، ڇو تہ انهن جي سربراهن جو اولين فرض پنھنجا ڀِڀَ ۽ سياسي آقائن جا اڪائونٽ ڀرڻ ئي هوندو آهي.
    هن کان اڳ 20 هين صديءَ جي بلڪل آخر ۽ 21 هين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ پڻ لاڙڪاڻو ڊرامہ فيسٽيول جي نالي سان 31 يا 33 ڊرامہ روزانو جي بنياد تي لڳاتار پيش ڪري سنڌ، پاڪستان کان وڌي اڃان بہ ايشيا يا شايد عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو حڪومتي ۽ ادارتي بي توجهيءَ سبب اسان جي هٿن مان نڪري ويو...!
    پر تاريخ ڪڏهن بہ ڪنھن جي ڪرت ۽ محنت رائيگان وڃڻ ناهي ڏيندي. اها تيستائين پئي پاڻ ورجائيندي رهندي آهي، جيستائين حقدار جو نالو ان جي ڪئي ڪمائي مطابق سنهري يا ڪارن اکرن ۾ نہ لکرائي ڇڏي...!
    ايڏي وڏي تاريخي رڪارڊ کي هٿان وڃائڻ نہ رڳو انفرادي پر اجتماعي نقصان پڻ آهي. پر اهو وقت بر وقت ڳائجي ضرور ٿو. ڇو تہ تاريخ حق تلفي ناهي ڪندي...!
    اڄ هڪ دفعو ٻيھر تاريخ پنھنجو پاڻ کي ورجائيندي لاڙڪاڻي جي منڊلي ناٽڪ جي تاريخ ۾ يقيناََ هڪ نئون رڪارڊ قائم هوندو تہ نامياري منڊلي ناٽڪ ليکاري اعجاز علي سولنگيءَ (جنھن کي سندس ساٿاري ليکڪ، اداڪار ۽ ھدايتڪار مڃتا طور ۽ پيار توڙي پاٻوھ مان "علي بابا" چوندا آهن) جي مزاحيہ، تنقيدي، اصلاحي پيار محبت جي ساکي قلم مان سرجيل انيڪ نالن واري ڪھاڻي،جيڪا اڄ کان 20، 25 سال اڳ هاڻوڪي مشھور ومعروف KTN ۽ سنڌ TV جي ايوارڊ يافتہ هدايتڪار حسين شيخ جي هدايتن هيٺ لاڙڪاڻي جي محلي ڀينس ڪالونيءَ ۾ پھريون ڀيرو پيش ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين نہ صرف ڏسندڙن کي کلائي کلائي کيرو ڪرڻ سان گڏ روئڻ تي مجبور ڪندي رهي ٿي پر ان ۾ ڪردار ڪندڙن کان وٺي هدايتڪار ۽ پيشڪار کي مضبوط اسڪرپٽ، مزاح، اصلاحي پھلو ۽ پرفارمنس جي اضافي مارجن سبب پڻ اتساهيندي رهي ٿي. تنهن ڪري ئي اعجاز علي سولنگيءَ جي ٻين"ماسات مٺي ذات" جھڙن ايوارڊ يافتہ منڊلي ناٽڪن کان وڌيڪ هي ناٽڪ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي شھر توڙي ڳوٺ کان ويندي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پلي ٿيندي ٿيندي وڃي 200 ڀيرا تائين پھتو آھي. جيڪو منھنجي ليکي شايد تہ عالمي نہ تہ، ايشيائي پر محتاط طور پاڪستان ۽ سنڌ جو رڪارڊ تہ ضرور هوندو ئي هوندو...!
    هي سنڌ واحد منڊلي ناٽڪ آهي، جنھن ۾ شايد ڪو اسٽيج جو اداڪار هوندو. جنھن گهڻو ڪري تہ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ساڳيو يا مختلف ڪردار ڪيترا ئي ڀيرا ڪيا هوندا، نہ تہ هڪ ڀيرو تہ ضرور ڪيو هوندو ۽ جي نہ تہ ان جي اداڪار هجڻ ۾ شڪ آهي.(مذاقاََ )
    هن منڊلي ناٽڪ جو مرڪزي خيال ٻن ڀائرن جي ٽرائينگل لوِ اسٽوريءَ تي ٻڌل آهي، جنھن ۾ هڪ ڀاءُ خبر پوڻ تي ٻئي تي پنھنجي پيار جي قرباني ڏيڻ چاهي ٿو. جنھن جو انجام آخر ڪار هڪ جي موت تي اختتام پذير ٿئي ٿو. ڪھاڻي کي وڌائڻ لاءِ ٻهراڙيءَ جا روائتي ڪردار جنھن ۾ نانگو چرياڻ، دوسل پيٽي، خيرو خفتي، ملان ڪُرو ۽ ڪمدار ظالم خان جي هلڪي ڦلڪي مزاح، مدي خارج روايتن تي تنقيد براءِ اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ناٽڪ جو گهڻي کان گهڻا (200) ڀيرا ٿيڻ جو سبب ناٽڪ جي موضوع جي افاديت، ڪردارن مضبوطي، پرفارمنس جو موقعو ۽ناٽڪ جي يقيني ڪاميابي آهي. بھرحال لاڙڪاڻي جي منڊلي ناٽڪ ۽خاص ڪري ناٽڪ جي ليکاري اعجاز علي سولنگيءَ ۽ هر هدايتڪار توڙي اداڪار کي لک لک واڌايون هجن. جن جي ڪري اهڙو تاريخي رڪارڊ قائم ٿي سگهيو آهي. پر هاڻي ان کي (own) پنهنجائڻ جي ضرورت آهي.
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
  3. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    مٺل سائين لک قرب.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو