رهبر لطيف جي شاعري ۾ صوفي جون صفتون ۽ منزل ماڻڻ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اسان هن مضمون ۾ صوفي جي صفتن ۽ منزل ماڻڻ تي رھبر لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ لکنداسين.
    صوفي جي صفتن متعلق شاهه صاحب جي رسالي جي سر يمن ڪلياڻ ۾ تفصيل موجود آهن. جنھن مان معلومات ميسر ٿئي ٿي تہ صوفي آهي ڪير؟ هن جي ڪرت ڪهڙي آهي؟ اچون ٿا رهبر لطيف پاران صوفي جي ڪرايل سڃاڻپ تي؛
    *******بيت********
    صوفي لاڪوفي, ڪون ڀانئيس ڪير،
    منجهيان ئي منجهه وڙهي, پڌر ناهيس پير،
    جنين ساڻس وير, ٿئي تنين جو واهرو.
    سريمن ڪليان داستان پنجون بيت 4
    مرشد لطيف صوفي جي سڃاڻپ ڪرائيندي چون ٿا تہ
    صوفي لاڪوفي*******
    صوفي لاڪوفي آهي, لاڪوفي مطلب لامذهب, بغير ڪنھن فرقي سان سلهاڙيل(جنهن جو مذهب نه هجي جيڪو مذهب ۾ وڪوڙيل يا جڪڙيل نه هجي، جيڪو مذهب کان آزاد هجي.)
    ڪون ڀانئيس ڪير******
    هن جي گجهہ کي، هن جي حقيقت کي هن جي اصليت کي ڪير به پرکي نٿو سگهي. هو پرکجڻ کان مٿانهون آهي
    منجهيان ئي منجه وڙهي***
    هي پنهنجي پاڻ سان اندر ئي اندر ۾ جنگ جوٽي ٿو، اندر ئي اندر وڙهي ٿو، (پنهنجي نفس سان براين خلاف جنگ جوٽي ٿو رکي)
    پڌر ناهيس پير******
    هن جي حقيقت، هن جي اصليت جو ڪو به پيرو يا نشان ظاهر ئي نٿو ٿئي، هن جي اندر منجهہ جيڪا جنگ پنهنجي پاڻ سان جاري آهي سا ڪنهن ته به ظاهر نٿي ٿيئي.
    جنين ساڻس وير******
    جنهن جو هن ساڻ وير آهي جيڪي هن جا ويري آهن جيڪي هن سان ٺهن نٿا
    ٿئي تنين جو واهرو*******
    انهن جو هي مددگار آهي وير رکندڙن تہ بہ جيڪڏھن ڏکيو وقت اچي ته هي انهن جي واهر ڪري ٿو.
    هن بيت منجهه رهبر لطيف صوفي متعلق، صوفي جي سڃاڻپ مطلع واضع، چٽي ۽ روشن رهبري ڪئي آهي.
    بيت جو تت*****
    صوفي جو ڪو مذهب ناهي، هن جي حقيقت کي ڪو پائي نٿو سگهي، هي پنهنجي پاڻ سان اندرئي اندر جنگ پيو وڙهي پر ان جا آثار ۽ نشان ظاهر ناهن. جيڪي هن جا ويري آهن هي انهن جو مددگار آهي.
    صوفين جي هڪ گڏيل خاصيت جيڪا هر هڪ صوفي منجهہ موجود آهي اها رهبر لطيف ٻڌائيندي چون ٿا تہ
    *******بيت******
    ڏني ڏکويا، اڻ ڏني راضي ٿيا،
    صوفي تي ٿيا، جئن ڪين کنيائون پاڻ سين،
    سر يمن ڪلياڻ داستان پنجون بيت 3
    صوفي اهي آهن جيڪي پاڻ سان ڪجهہ ڪين ٿا کڻ،(حرص، لالچ، طمع جو ذرو به هنن ساڻ نه آهي) جيڪڏهن هنن کي ڪو ڏيئي ته ڏکارا ٿين ۽ نہ ڏيڻ تي راضي ٿيا، نہ ملڻ تي هي مطمعن، خوش ۽ راض ٿيا. هي تمام وڏي خوبي خاصيت لطيف سرڪار صوفين متعلق پنهنجي ڪلام معرفت ماڻهن تائين پهچائي آهي.
    رھبر لطيف خود فريبي منجھ مبتلا اھڙن ماڻھن جي پڻ ڳالھ ڪن ٿا، جيڪي پنھنجي پاڻ کي ڌوڪي ۾ رکن ٿا، صوفين منجھ جيڪي خوبيون ھجڻ گھرجن، صوفين منجھان جيڪا مھڪ اچڻ گھرجي ان کان آجا ھوندي بہ پاڻ کي صوفي سڏائين ٿا تنھن لاءِ رھبر لطيف چوي ٿو
    ********بيت*********
    صوفي چائين، سڌ ڪرين صوفين اي نہ صلاح,
    ڪاٽي رک ڪلاہ، وجھ اُڇلي آڳ ۾.
    يمن ڪلياڻ داستان پنجون بيت 6
    صوفي چائين، سڌ ڪرين*****
    پاڻ کي چوائين صوفي ٿو
    ء وري ڪرين سڌون، رکي اميدون، تمنائون
    صوفين اي نہ صلاح******
    اھا تہ صوفين جي ڪرت ناھي اھيو تہ صوفين جو طريقو ناھي
    (صوفي تہ اھي آھن جنھن پاڻ سان ڪجھ نہ کنيو
    صوفي تي ٿيا جئن ڪين کنيائون پاڻ سين)
    اھيو سڌن ڪرڻ وارو طريقو، جيڪو تنھنجو آھي تہ پوءِ صوفين تي ملامت نہ ڏي.،صوفين کي خوار نہ ڪر، پاڻ سان بہ خود فريبي ڪندي جيڪا تو صوفين واري ٽوپي (ڪلاہ) پنھنجي مٿي تي سجائي رکي آھي ان کي
    ڪاٽي رک ڪلاہ*******
    لاھي کٽي ڇڏ، ھن کي پرزا پرزا ڪر, اھا صوفين واري علامتي ٽوپي
    وجھ اڇلي آڳ ۾******
    باھ ۾ وجھي ھن جي وجود کي ختم ڪري ڇڏ, ان ڪلاہ کي راک ڪري ڇڏ, تون سڌون ڪندڙ آھين تنھن ڪري تو وٽ صوفين جي ڪا علامتي شئي بہ نہ ھجڻ گھرجي. توکي ڏسي متان صوفين تي ملامت اچي تہ ھي آھن صوفين جا افعال.
    ھاڻ سائين رھبر لطيف ڪلاہ رکندڙ کي صلاح و نصحيت ڪن ٿا جيڪي صوفين واري راه کي اپنائڻ چاھين ٿا، جنھن جو پڪو ارادو آھي صوفي ہڻجڻ جو جيڪي صوفين جي خاص علامتي نشاني پنھنجي سر تي سجائڻ جا خواھشمند آھن يا سجائي اٿن تنھن کي سائين رھبر لطيف چوي ٿو تہ
    ********بيت*****
    جي ڪلاہ رکين ڪنڌ تي تہ صوفي سالم ٿِيءُ،
    وہ وٽي ھٿ ڪري، پر پيالو پيءُ،
    ھنڌ تنين جو ھيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي
    سريمن ڪلياڻ داستان پنجون بيت 7
    جيڪڏھن صوفين واري ڪلاہ پائين ٿو تہ پوءِ تون صحيح سچو صوفيءَ ٿي،
    وہ جي وٽي ھٿ ڪري، ان زھر جي پيالي کي ڀري پيءُ (پريشانين دنياوي تڪليفن، کي برداش ڪر، ڇو تہ صوفي جي راھ آسان ناھي، طمع ترڪ، ڪرڻ، سڌون چڏڻ، اميدن، تمنائن کي فنا ڪرڻ ڪنھن انسان لاءِ ظاھري زھر پيئڻ کان گھٽ ناھي)
    ھي ھنڌ، ھي مڪان انھن جو آھي جنھن روحانيت کي حاصل ڪيو آهي صوفيت وارو ھنڌ، مڪان روحانيت حاصل ڪندڙن جو آستان آھي تنھن لاءِ توکي ھي سڀ ڪجھ ڪرڻو پوندو.
    جيڪي اھيو سڀ ڪجھ ڪري پاڻ کي ھن راھ ۾ نروار ڪن ٿا انھن جو انعام ڪھڙو آھي؟
    تنھن لاءِ رھبر لطيف ھڪ صوفي جي ڪاميابي ڪامراني ۽ جيڪو ڦل ھي سڀ ڪشالن ڪرڻ بعد ھڪ صوفي کي ملي ٿو تنھن لاءِ چون ٿا تہ
    *******بيت*******/
    صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،
    تھان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ کي.
    سر يمن ڪلياڻ داستان پنجون بيت 5
    جيئي رھبر لطيفي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو