ڪهاڻي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ جو تنقيدي اڀياس!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ڪهاڻي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ جو تنقيدي اڀياس!

    ادب جي دنيا ۾ مون هڪڙو ننڍڙو ڀٿر اُڇلايو ۽ اُن پٿر اُڇلائڻ کانپوءِ جيڪي لهرون پيدا ٿيون اُنهن لهرن نوان چهرا، نيون ڳالهيون ۽ نوان موضوع دريافت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. آئون پهريان سمجهندو هيس ته ٻه چار لفظ لکڻ کانپوءِ ماڻهو اديب ٿي ويندو آهي. ڪو قصو يا ڪا وارتا سليس انداز ۾ بيان ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ڪهاڻيڪار ٿي ويندو آهي. ڪنهن جي ڪتاب يا تخليق تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دانشور ٿي ويندو آهي پر ائين ڪونه آهي. ادب ۾ پاڻ مڃائڻ ۽ اديب ٿيڻ لاءِ گهرجون ئي ٻيون آهن. هر هڪ صنف جا پنهنجا بنيادي اصول ۽ ضابطا آهن. ادب ۾ ڪامياب اُهو ئي ماڻهو وڃي ٿو جيڪو سڀني اصولن ۽ ضابطن کي سامهون رکي ڪري ڪنهن صنف تي طب آزمائي ڪري ۽ تيستائين اڳي وک نه کڻي جيستائين اُن کي پهريان ڪيل ڪم متعلق ڪو حتمي يا مجموعي رايو نه ٿو ملي. سوشل ميڊيا تي ملندڙ اڪثر رايا ڪارڳر رايا ڪونه هوندا آهن. بس مڙئي سامهون واري کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه چار لفظ هر ڪو لکي وٺندو آهي. ڇھ مهينا پهريان اُسان جي پياري، نئي ٽهي جي جاکوڙي ليکڪ ذلفي ذنئور جي ڪهاڻين جو مجموعو ورھ جا روڳ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل ارڙھن ڪهاڻيون آهن، هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ضراب حيدر لکيو آهي ۽ اُنهي کانپوءِ محترم ايوب گل جو رايو به ڪتاب ۾ شامل آهي. هنن ٻنهي مانوارن پنهنجي مجموعي رايي ۾ ليکڪ کي بطور سيکڙاهٽ ظاهر ڪيو آهي ۽ اِها ڳالھ واضع نموني لکي آهي ته ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون عام ۽ ساده آهن. کيس اڃا گهڻي مطالعي، مشاهدي ۽ پيڙاھ جي ضرورت آهي. اِهو ته لازم آهي جيڪو نئون ليکڪ هوندو اُنهي جي تخليق ۾ بهتري ۽ سُڌاري جي گنجائش هوندي ئي هوندي آهي. اُن جي همٿ افضائي ڪرڻ بدران جيڪڏهن سندس تخليق کي ائين رد ڪبو ته ليکڪ جي اوسر رڪجي ويندي ۽ اُهو لکڻ کان پري هليو ويندو. گوئٽي چيو آهي ته؛ ”جيڪڏهن ڪو شخص هڪ ڪتاب لکي ٿو ته کيس پنهنجي علم جو اظهار ڪرڻ ڏيو، ڇو ته هن کي پنهنجي لياقت ۽ اهليت جو جهجو اندازو آهي“. پر پاڻ وٽ قصو ئي ٻيو آهي جيڪو ماڻهو ڪتاب لکندو ته اُن کي پهريان اِها صلاح ڏبي ته تون اڃا پڙھ ۽ ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ واري مرحلي کان ڪوھ ڏور ٿي وڃ ته ڀلو اٿئي. ڇو ته هتي پاڻ وٽ بنا ڏيٺ ويٺ ۽ دعا سلام جي ڪو به ليکڪ پنهنجو تخليقي سفر جاري نه ٿو ڪري سگهي. سندس پيرن ۾ سنگھرون هڻي ڪري سندس ارتقا کي فل اسٽاپ ڏيڻ جا ماهر هتي کوڙ ويٺا آهن. سنڌ ۾ اڪثر نون شاعرن، ليکڪن، ڪهاڻيڪار ۽ اسڪالر حضرات سان اِها ڪار ٿيندي رهندي آهي ۽ اڃا به اِهو سلسلو جئين جو تئين ئي هلي رهيو آهي. منهنجو ناتو ڪهاڻي سان اڃا تائين ائين ئي جڙيل آهي جئين ڪجھ سال پهريان جڙيل هيو. آئون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان ۽ پوءِ اُن ڪهاڻي جي رونما ٿيڻ جي سببن تي ويچاريندو آهيان. اِنهي ويچار کانپوءِ هڪڙو ننڍڙو رايو جوڙيندو آهيان ۽ پوءِ اُنهي رايي کي اوهان پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪندو آهيان. اِنهي سلسلي ۾ هن دفعي ماما ذلفي ذنئور جو هي ڪهاڻي ڪتاب آيو آهي. جنهن جي ڪهاڻين تي پاڻ ڳالهائينداسين. هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”وڻجاري“ جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ ڪهاڻي جو مکيه ڪردار هوٽل ۾ ويٺي هڪ فقيرياڻي تي موهت ٿي پئي ٿو ۽ فقيرياڻي سان کيس پيار ٿئي ٿو پر اُنهن جو ميلاپ نه ٿو ٿئي ۽ اُها فقيرياڻي سگهو ئي ماڳهي واپس موٽي ٿي وڃي. جڏهن ته ڪهاڻي جي عنوان ۽ ڪهاڻي جي متن ۾ ٺاهوڪو تضاد آهي. ڪهاڻي جي عنوان کي پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو ته ڪهاڻي ۾ ڪنهن واپاري عورت جو قصو بيان ٿيل هوندو. پر ائين ڪونه آهي. ڪهاڻي ۾ ته فقيرياڻي عورت سان پيار جو قصو بيان ٿيل آهي. اِتي هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ/ڪهاڻيڪار کي ڪرڻ ائين گهربو هيو ته ڪهاڻي جو عنوان، ڪهاڻي جي مکيه خيال جي مناسبت سان رکي ها. اِنهي مناسبت سان فقيرياڻي، انتظار، يا وري مسافر لفظ مناسب رهن ها. ٻي اهم ڳالھ ته ڪهاڻي ۾ ڪلائميڪس جي به کوٽ آهي. مجموعي طور سُٺي ڪهاڻي جي خصوصتن منجهان هڪ اهم خصوصيت اِها به هوندي آهي ته ڪهاڻي ختم ٿيڻ کان پهريان پنهنجي عروج تي پهچي ۽ اُنهي عروج کانپوءِ ڪهاڻي پنهنجو پاسو بدلائيندي آهي جنهن کي ڪلائميڪس چئبو آهي. اهڙيون ڪهاڻيون پڙهندڙ کي حيران ڪرڻ سان گڏوگڏ اُنهي تي پنهنجو اثر به ڇڏينديون آهن. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ڪجھ ڪهاڻيون اِهڙيون آهن جن ۾ ڪلائميڪس جي کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. جئين ڪهاڻي نفرتون، گناھ ۽ ناچڻي. هنن ڪهاڻين کي اڃا بهتر ڪري سگهجي پيو.

    هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي جو عنوان آهي ”خواهشون“. جيڪو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ هڪ ڳوٺاڻي مزدور جي زندگي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ڪهاڻي جي مکيه ڪردار جون جيڪي خواهشون آهن سي پوريون نه ٿيون ٿين ۽ اُهو مزدور ڪهاڻي ۾ پنهنجي خواهشن جو به برجستا اظهار ڪري ٿو. پاڻ وٽ عمومن ٿيندو به ائين آهي جو غريب پنهنجا خواب پاڻ سان گڏ قبر ۾ کنيو ويندو آهي. هتان جو سماجي نظام غريب ۽ مزدور طبقي کي قبولڻ لاءِ قطعي تيار ڪونه آهي. هن ڪهاڻي کي باقاعده سان ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو ڇو ته هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جو آخر ۾ پاسو بدلائيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻي حسرتون ۾، ڪهاڻي جي مکيه ڪردار مومل جي اِها حسرت ڏيکاري وئي آهي ته ھُو شادي جي خواهشمند هئي. حالاڪ ظاهري طور اُها هميشه عليل رهندي هئي ۽ پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ کي موبائل ۾ رُڌل رکندي هئي. جڏهن ته ڪهاڻي جو نالو آهي حسرتون، مطلب لفظ حسرت جو جمع. جڏهن ڪا هڪ اڻپوري خواهش هوندي آهي ته اُن لاءِ لفظ حسرت استعمال ٿيندو آهي ۽ جڏهن هڪ کان وڌيڪ خواهشون اڻپوريون هجن ته پوءِ لفظ حسرتون استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻي جي عنوان جي چونڊڻ مهل اِها ننڍڙي چُڪ ڪري ويو آهي. اتي کيس ڪهاڻي جو عنوان حسرتون جي بجاءِ حسرت رکڻو هيو. باقي ڪهاڻي اکين کي آلو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي. هن ڪهاڻي ڪتاب جون سڀئي ڪهاڻيون اختصاري ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار ڪهاڻين ۾ اختصار کان ڪم ورتو آهي. ڪم به ايترو ورتو آهي جو ڪٿي ڪٿي ڪهاڻي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته گهڻيون ئي ضروري ڳالهيون ائين نه ڇڏڻ گهرجن ها. جئين مثال طور ڪهاڻي محبت ۾ سهڻي ۽ محبوب جي پيار ڪهاڻي کانپوءِ شادي ڪرڻ ۽ شادي کانپوءِ وڇوٽن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. اتي ئي ان ڪهاڻي جي شروعات ۾ لکيل آهي ته؛ ”الاءِ ڇا وجهه هئي شادي جي ڪجھ هفتن کان وچ ۾ اڻبڻت، دوري پيدا ٿيندي پئي وڃي. پهرين ته محبوب ڪم کان جلدي گهر موٽي ايندو هو. ڪجھ ڏينهن کان گهر دير اچڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته رات به گهر نه ايندو هو“. هاڻ اهم ڳالھ اِها ته هتي محبوب ۽ سهڻي جي وچم پيدا ٿيندڙن اُڻبڻت کي بيان ڪونه ڪيو ويو آهي. انهي وڇوٽي جا سبب ڪهڙا هيا. انهن جو ذڪر ڪونه ٿيل آهي ۽ ٻي ڳالھ ته محبوب ڪٿي، ڪهڙي اداري ۾ ڪم ڪندو هيو. اها ڳالھ به نه لکي وئي آهي. ڪهاڻي کي جيڪڏهن اهڙي نموني اختصار ڪبو ته اُها ڪهاڻي پڙهندڙ جي ذهن ۾ مونجهارا پيدا ڪندي ۽ اُن تي پنهنجو اثر نه ڇڏي سگهندي. اِهڙي ئي نموني سنگسار، نيڪي، اجنبي ڪير هو، باغي، تنهنجون يادون، خودڪشي، سرحدون، ضمير جو فيصلو ۽ ورھ جا روڳ، اِهڙيون ڪهاڻيون آهن جن کي نه صرف بطور ڪهاڻي قبول ڪري سگهجي ٿو پر انهن ڪهاڻين کي ٻين سان ونڊڻ، انهن جا حوالا ڏيڻ ۽ انهن کي ياد به رکي سگهجي ٿو. مذڪوره ڪهاڻيون اهڙيون آهن جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ۽ هن سماج ۾ رهندي، هن سماج جو حصو هوندي، هتان جو حقيقي عڪس نمايا ڪندي اسان کي اِهو احساس ڏيارن ٿيون ته ڪهاڻي اسان جي پسگردائي مان ئي جنم وٺي ٿي. اسان ڪهاڻي جي ۽ ڪهاڻي اسان جي ئي چئوگرد گهمي ڦري ٿي. بس اُها اک هجي جيڪا ڪهاڻي کي سُڃاڻي ۽ اُن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي.
     
    مير سردار چنڙ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    , زبردست سائين
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    مهرباني راڻا گهوٽ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو