• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه لطيف جي رسالي ۾ لفظ “مولي”(موليٰ) ان لفظ کي اڪثر غلط لکيو ويو ۽ پڙهيو پيو وڃي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
لفظ “مولي”(موليٰ) عربي ٻولي جو مشهور لفظ آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۾ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. عربي لغت ۾ ته هن لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون آهن پر شاهه جي رسالي ۾ اهيو لفظ خالق جي لاءِ استمال ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجي هن مختصر مضمون ۾ هن لفظ جي صحيح اچار جي نشاندهي ڪنداسين ڇو ته هن لفظ کي اڪثر رسالن ۾ غلط لکيو ويو آهي ۽ ان جي ڪري ئي غلط اچاريو وڃي ٿو. عربي ٻولي منجهه هڪ حرڪت هوندي آهي جنهن کي کڙي زبر چيو ويندو آهي ۽ اها الف جو آواز ڏيندي آهي، گهڻو ڪري اها ي جي مٿان ايندي آهي جنهن ڪري ي جو آواز ساکن ٿي ويندو آهي ۽ اتي الف جو آواز ڪڍيو ويندو آهي
هي قائدو تمام آسان ۽ سادو عام فهم آهي جيڪو هر ان ٻار کي ايندو آهي جنهن قرآن مجيد کي پڙهڻ لاءِ بنيادي قائدو پڙهيو هوندو.

سر مارئي جو بيت داستان پهريون بيت پهريون
اَلَسۡتُ بِرَبۡڪُمۡ جڏهن ڪَنِ پيوم
قَالُوۡا بَليٰ قلب سي، تت چيوم

هن بيت ۾ عربي جي لفظ بليٰ ۾ ي مٿان کڙي زبر ڏنل آهي ۽ هر مرتب ان تي کڙي زبر ڏني آهي تنهن ڪري هن لفظ جو اچار “ قالو بلا” ڪيو ويندو آهي نه ڪي “قالو بلي”، پر ان لفظ جي برعڪس لفظ “موليٰ” کي لکندي اڪثر مرتبن جي رسالن ۾ “ي” تي موجود کڙي زبر نه ڏنل آهي جنهن جي ڪري لفظ جي اچار کي عام جام غلط پڙهيو پيو وڃي، جنهن رسالن ۾ اها غلطي ڪيل آهي تنهن ۾ مشهور علامه آئي آئي قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وارا رساليٰ شامل آهن، شايد اهيو ئي سبب آهي جو شاهه جي مشهور پارکو ۽ پهرين دفعه شاهه جي رسالي کي تحت الفظ ۾ رڪارڊ ڪرائيندڙ مرحوم سائين صالح محمد شاهه پڻ ان لفظ جي اچار ۾ غلطي ڪري ويو آهي.
اصل عربي لفظ ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جن پنهنجي رسالي ۾ لکيو آهي جنهن ۾ هن ي تي کڙي زبر ڏيندي لفظ کي درست لکيو“موليٰ” جنهن جو سنڌي ۾ اچار ٿيندو “مولا” نه ڪي “مولي”.
بيت
آگي ڪيا اڳهين نسورو ئي نور،
خلافو عليهم ولا هم يحزنون، سچن ڪونهي سور،
موليٰ ڪيو معمور انگ ازل ۾ ان جو
سر ڪلياڻ داستان پهريون
اميد آهي ته رهبر لطيف کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ لفظ “مولي”(موليٰ) جي صحيح صورت و اچار(مولا) بابت دوستن کي ڳالهه سمجهه آئي هوندي.
جيئي رهبر لطيف
 
آخري ترميم:
Back
Top