ڊاڪٽر غلام علي الانا لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا لسانيات جو ماھر محقق ۽ تعليمدان سنڌي ٻولي جو دامن مالا مال ڪيون ھليو ويو ابراھيم لاشاريءَ پنھنجي سونھن ڀري سنڌ ڌرتيءَ کي اھو اعزاز رھيو آهي ته هن ڌرتيءَ صدين کان وٺي علم ادب جي ڄاڻون ماڻھن کي پنھنجي ڪک منجھ جنم پئي ڏنو آھي اھڙي ريت سنڌ ادب کي پنھنجي ڏاھپ سان مالامال ڪندي ڪندي سنڌ جو پرک ڏاھو اديب ٻولي سان پيار ڪندڙ شخصيت ڪافي عرصو بيماري سان جنگ ڪندي ڪندي پنھنجون سموريون ادبي سرگرميون ختم ڪري 90سال 8 مھينا 13 ڏينھنن جي ڄمار منجھ زندگيءَ جا پل گذاري ھميشہ لاءِ راھ رباني وٺي ھليو ويو پاڻ غلام علي ولد الھڏنو الانا خواجا، 15مارچ1930ع تي ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتي، ضلع ٺٽي جي هڪ نهايت غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم تڙ خواجا ۾، وڌيڪ تعليم ميرپور بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان منجھان پرايائين. مئٽرڪ جي تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ منجھان سال1949ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين تنھن بعد ميرپور بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ کيس سيٺ محب علي خواجا پڙهايو، جيڪو نه رڳو شاعر هو، پر راڳ سان به گهڻي دلچسپي هوندي هيس. غلام محمد الانا جي زندگيءَ تي سيٺ محب علي خواجا جو وڏو اثر رهيو جڏھن تہ وڌيڪ تعليم گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد منجھان ۽پوسٽ گريجوئيشن ايم اي آنرس سنڌي ادب ، سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان پاس ڪري ڊگري ورتائين، پاڻ پهرين ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽بعد ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار طور فرض سرانجام ڏيندو رھيوپاڻ 27جنوري 1958ع کان استاد جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 1962ع ۾ آغا خان اسڪالرشپ تي اعلى تعليم وٺڻ جي لاءِ ولايت روانو ٿيو. جتان لنڊن يونيورسٽيءَ جي معروف اداري ”اسڪول آف اورينٽيئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز“ مان ايم اي (لسانيات) جي ڊگري 1963ع ۾ وٺي واپس موٽي آيو جنهن کانپوءِ هن سال 1971ع ۾ علامہ غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ منجھان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته سنڌ يونيورسٽي مان سڀ کان پهرين پي ايڇ ڊي جي ڊگري هن حاصل ڪئي. سندس مقالي جو عنوان ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب 1963ع ۾ سنڌالاجي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ مقرر ٿيو. اهو ادارو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت جنوري 1963ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جو مقصد سنڌ جي لوڪ ورثي ۽ تاريخ کي مختلف صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ هو. پهرين اهو ”سنڌ اڪيڊمي“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو ۽ 1964ع ۾ انهي جو نالو بدلائي ”انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي“ رکيو ويو . جتي پاڻ آگسٽ 1983ع تائين بھترين نموني پنھنجا فرض ادا ڪندو رھيو غلام علي الانا صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ 1977ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي رسيو ، پر سنڌالاجي جي عهدي جي اضافي چارج وٽس ئي رهي. سنڌالاجي کي عروج تي رسائڻ ۾ الانا صاحب جون خدمتون ساراھ جوڳيون آهن ڊاڪٽر غلام علي الانا 9آگسٽ 1983ع کان 18اپريل 1989ع تائين ”علاما اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد“ جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 1990ع ۾رٽائرڊ ڪيائين، جنهن کانپوءِ 1993ع ۾ کيس اھو اعزاز مليو جو پاڻ مادرملت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو جنهن عهدي تي هو 28جولاءِ 1995ع تائين رهيو. بعد ۾ 1998ع ۾ هن کي ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي الانا صاحب آگسٽ 2001ع تائين رهيو. ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو چيئرمين رهڻ جي دوران هن وڏي محنت سان سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪيترائي اهم عملي قدم کنيا. جهڙوڪ هڪ جلدي سنڌي لغت جي اشاعت، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي تياري، مختلف موضوعن تي وقت بوقت سيمينار ڪرائيندي نظر آيو سندس ٻيو اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي“ (1979ع) آهي، جيڪو گهڻو پسند پيو ۽ ٻولي بابت بنيادي ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس ٽيون اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي جو اڀياس“، سنڌالاجي پاران 1987ع ۾ ڇپيو، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ سندس ماهرانه صلاحيتن کي داد ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي سنڌي نثر جي تاريخ هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1966ع ۾ ڇپيو. هيستائين انهي ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ 28 نثر نويسن جو تعارف ڪرايو ويو آهي لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ هي ڪتاب الانا صاحب جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا پاڻ علامہ غلام مصطفى قاسمي جي نگراني هيٺ 1971ع ۾ مڪمل ڪيائين ۽ 1976ع ۾ سنڌ الاجي پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌري ٿي غلام علي الانا صاحب جي ادبي زندگيءَ جي شروعات افساني لکڻ سان ٿي. ان وقت هي اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهندو هو. شروع شروع ۾ ٿوري شاعري به ڪيائين ۽ ”ناشاد“ تخلص استعمال ڪندو ھو . ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جا اهي افسانا ۽ شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپيا هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي انهن افسانن جو مجموعو ”چور“ جي نالي سان سال 1954ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. افسانن کانسواءِ هڪ ناول ”لاش“ به لکيائين. جيڪو 1952ع ۾ ڇپيو، پر اڳتي هلي محسوس ڪيائين ته سندس طبيعت ”ساڀيا ادب“ يعني تاريخ طرف وڌيڪ آهي، پوءِ پاڻ جڏهن مولانا غلام محمد گرامي جي صحبت ۾ آيو ته سندس انهيءَ لاڙي جي حوصلي افزائي ٿي. انهي جوذڪر ڪندي الانا هڪ انٽرويو ۾ چيو: ”ٻن ماڻهن منهنجي ادبي زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ هڪڙو هو مولانا غلام محمد گرامي، ٻيو هو مرحوم سلطان علي فدائي، انهن ٻنهي بزرگن جي اثر جي ڪري ”ڪرئيٽو لٽريچر“ يا تخليقي ادب ڇڏي يعني افساني ۽ ناول کي ڇڏي طبيعت جو سارو رجحان تاريخ ۽ ثقافت طرف وڌي ويو. انهيءَ ڪري مون افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا ۽ تاريخي مضمونن ۽ سنڌ جي آرڪيالاجي ۽ سنڌ جي تهذيب۽ تمدن طرف منهنجو رجحان هليو ويو. انهيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ مولانا گرامي جو آهي جيڪو مون کي انهيءَ پاسي گهلي ويو. “ الانا صاحب لسانيات جي ماهر جي حيثيت سان سڄي ملڪ ۾ مڃيل حيثيت رکي ٿو ۽ انهيءَ موضوع تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم، مضمونن، مقالا ۽ ڪتاب لکيا اٿس، انهي ڏس ۽ سندس لکيل ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ لسانيات جي شاگردن لاءِ بنيادي اهميت وارو ڪتاب ڌار ماڳن ۽ مڪانن تان هٿ ڪيو ويو آهي. لاڙ جي ثقافت جو مڪمل احوال هن ٿيسز ۾ آڻڻ آسان نه آهي، تنهن هوندي به ڪن مکيه مکيه پهلوئن تي روشني وڌي ويئي آهي.“ الانا صاحب جي ڇپيل تحقيقي ۽ ترتيب ڏنل سنڌي اردو ۽ انگريزي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي. 1- لاش (ناول-1952ع) 2- چور (ڪهاڻيون-1954ع)، 3- ناصر خسرو ايراني (سوانح 1961ع)، 4- منتخب ديوان فاضل (ترتيب-1964ع)، 5- سنڌي صورتخطي (1964ع)، 6- سنڌي نثر جي تاريخ (1966ع)، 7- ادبي اوسر (ترتيب-1967ع)، 8- سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ (1971ع)، 10- علمي آئينو (ترتيب-1972ع)، 11- سنڌي زبان جي بنيادي لغت (ساٿي ايڊيٽر-1973ع)، 12- سنڌي زبان جي ڪاروباري لغت (ساٿي ايڊيٽر1973ع)، 13- سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد (1974ع)، 14- سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري (1974ع)، 15- سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي (1974ع)، 16- پهريون سنڌي ڪتاب (غير مادري زبان)، 17- سنڌي معلم، 18- منتخب سنڌي شاعري. 19- لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (1976ع)، 20- تحريک پاکستان مين سندهه کا حصه (اردو)، 21- سنڌي اٺون ڪتاب، 22- سنڌي ٻولي جو اڀياس، 23- ورثو، 24- Arabic element in Sindh، 25- Information to sindhi literature، 26- سنڌي ٻولي جي ارتقا (2006ع)، 25- سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر (2010ع). ڊاڪٽر غلام علي الانا کي سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم تي مڃتا طور ڪيترن ئي ادبي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو سال 1993ع ۾ صدر پاڪستان پاران علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۽ سنڌالاجي ۾ ڪيل بهترين خدمتن جي مڃتا طور ”ستاره امتياز“ جو سول ايوارڊ پڻ نوازيو 21فيبروي2020ع تي سنڌي لينگويج اٿارٽي، لائف ٽائيم اچيو ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ھو سنڌ جو ھي ڏاھو علم ادب جو ڄاڻو تاريخ 28 نومبر 2020ع ڇنڇر تي وڃي ابدي آرامي ٿيو سنڌ جي ادبي دنيا جا سمورا ليکڪ اديب شاعر قلمڪار اسڪالر جناب نصير مرزا ڊاڪٽر پروفيسر انور فگار ھڪڙو اياز گل دل ادل سومرو، غلام اڪبر لغاري ڊاڪٽر فهميده حسين شوڪت حسين شورو صوبائي وزير سيد سردار شاھ تاج جويو امداد حسينيءَ ڊاڪٽر اسحاق سميجو ڊاڪٽر محمد علي مانجھي نوراحمد جنجھي ڊاڪٽر نواب ڪا ڪا پروفيسر محمد علي پٺاڻ؛ ڊاڪٽر احساس دانش پروفيسرعبدالفتاح سپرو ڊاڪٽر فياض لطيف ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ ڪوثر ٻرڙو فقير محمد سنڌي محمد سليمان وساڻ ڪليم لاشاريءَ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ملھار سنڌي عزيز قاسماڻي نياز پنھور سوڳ منجھ آھن سنڌي ادبي سنگت پڻ ٽن ڏينهن سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو آھي سنڌ جي ھن ناليواري اديب جون ادبي خدمتون ساراھ جوڳيون اڻ وسرندڙ رھنديون سندس کي ھاڻ ورسي جي ڏينهن ياد ڪيو ويندو