شڪارپور جو جاکوڙي فرد، نقش ناياب منگي.....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    شڪارپور جو جاکوڙي فرد، نقش ناياب منگي....!
    فقير محمد سنڌي.
    سونهن جي سنسار ۾ گم ٿو ٿيان،
    مان انھي ويچار ۾ گم ٿو ٿيان.
    ( منٺار سولنگي )

    سڄي سماج ۾ حسناڪيءَ جو محور فطرتي طور تي انسان ئي آهي، جنهن بيابان کي زندگيءَ جي حسين روپ ۾ بيهاريو آهي. اهڙو ئي شعور وند فرد شڪارپور جو نقش ناياب منگي به پڻ آهي جنھن وقت کي تاريخ بنائڻ جو ڏاءُ پيش ڪرڻ جو اتم نمونو منظر عام تي آڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. نقش ناياب منگي هن دنيا ۾ موجود نه هوندي به موجود آهي، ڇو جو وقت جي دامن کي تاريخ جو حسين زيور آڇي امر بڻجي ويو آهي. نقش ناياب منگي رات جي پيٽ ۾ امر ڪونه بڻيو آهي، هن جيڪو ڪم سرانجام ڏنو آهي اهو ڪم ڪشالو ٿو گھري، سچائي ٿو گھري ۽ تاريخ سان پنھنجا احساس جوڙڻا ٿا پون، تڏهن تاريخ پنهنجي ڀڪ ۾ بيھڻ ٿي ڏئي. شاعر، اديب، صحافي ۽ محقق ايترا حوالا نقش ناياب منگيءَ جي حصي ۾ آهن ۽ ايترا رکڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي ان لاءِ هن دنيا ۾ سائنس، فطرت ۽ انساني ضابطن کي سمجھڻ کان پوءِ ئي ڪنهن مقام تي پهچي سگھجي ٿو. نقش ناياب منگي شڪارپور سان گڏ سنڌ جو سرچشمو آهي، جنهن پنهنجي علمي خدمت سان انمول ڪتاب ترتيب ڏنا جنهن ۾، "شڪارپور هڪ اڀياس", "شڪارپور صدين کان",( معاونت )، "شڪارپور سيمينار"( ترتيب )، "شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾"( مقالا ۽ مضمون )۽ "اسان جا اديب، اسان جا شاعر"( معاونت ) طور پيش ڪيا. ھوڏانھن نقش ناياب منگيءَ جا شاعريءَ ۾ به حوصلا بلند آهن، تڏهن شاعريءَ ۾ بي ساخته چئي ٿو.
    ڀلي ڀت ارادن ۾ آ پختگي،
    گذاريان ٿو همت ڀري زندگي.

    اڃان ساڻ آ عزم ۽ حوصلو،
    وفا ۾ اڃا آهي برجستگي.

    آ پيري ۾ ڀي دل جوان دوستو،
    ڪري نقش ناياب ٿو دل لڳي.

    نقش ناياب منگي پنهنجي زندگيءَ ۾ پر اميد رهڻ وارو انسان ٿو محسوس ٿئي ۽ جيڪو پر اميد هوندو آهي اهو ئي فرد حقيقت پسند هوندو آهي، نقش ناياب منگي به پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي پر اميد نقش ڇڏيا آهن، اُهي نقش سنڌي ادب جا فرد سوجهري جي بنياد طور استعمال ڪري سگھن ٿا، بس ٿوري پرک جي ضرورت آهي. جيئن شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف فرمايو آهي ته :

    ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

    نقش ناياب منگيءَ معاشري کي ، تاريخ کي ۽ شاعريءَ کي پرکيو تڏهن ته هر ادب وند فرد نقش جي ڳالھ دل جي حضور سان ڪري ٿو.
    نقش ناياب منگيءَ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو:
    اصل نالو حق نواز عرف امام بخش، ادبي نالو نقش ناياب منگي، 7ڊسمبر 1948ع تي عبدالمجيد منگيءَ جي گھر جنم ورتو. نقش ناياب منگي تعليمي سلسلي ۾ انٽر اسلاميه ڪاليج سکر مان ڪئي. ڪرت جي حوالي سان ايريگيشن کاتي ۾ ملازمت ڪئي. ادب سان وابستگيءَ جو سلسلو 1965ع کان جڙيو. نقش ناياب منگيءَ کي اولاد ۾ ٽي پٽ، حفيظ الرحمان، انيس الرحمان، حسيب الرحمان ۽ هڪ نياڻي پڻ آهي. ادبي سفر ۾ نقش ناياب منگي جن ادارن سان وابستا رهيو انھن ۾، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي، باني ميمبر. سنڌ ليکڪ يادگار ڪاميٽي، باني ميمبر. ۽ ڪتاب محل پبليڪيشن شڪارپور، باني ميمبر، طور پنهنجا فرض نڀايا.
    نقش ناياب منگي شاعري، نثر ۽ تحقيق ۾ پاڻ موکيو جنهن ۾ ڪافي ڪتاب ترتيب به ڏنائين ۽ ڪجھ مواد اڃان شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. انساني وجود ۾ جڏهن ڀڄ ڊاھ جو عمل شروع ٿئي ٿو، تڏهن ئي ڪا نئين شيءَ ايجاد ڪري ٿو، يا ڪنھن سياسي، سماجي ۽ ادبي سوچ ويچار کان پوءِ هن نموني جون سٽون لکڻ لاءِ ڪوي کي آماده ڪن ٿيون.
    شيخ سعدي جو گلستان مائل فرياد ٿيو،
    پير رومي جي مقدس مثنوي خطري ۾ آ،
    شاهه، سامي ۽ سچل سان رکان ٿو واسطو،
    ملڪ منهنجي ۾ اُها وابستگي خطري ۾ آ.

    ڀٽائي سرڪار لاءِ نقش ناياب منگيءَ جا احساس ڪجهه هن طرح آهن ته :

    سر زمين سنڌ جو حافظ به تون جامي به تون،
    واديءِ مهراڻ جو توکي ئي سعدي ٿا چئون،
    سنڌ ۽ سنڌي زبان کي جڳ ۾ تو ممتاز ڪيو،
    اي ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌ جو رومي ٿا چئون.

    ڪشمور ۾ نقش ناياب منگي تعليم دوران پنهنجي درسي استاد، آذر ناياب صديقي ۽ ناليواري شاعر، اديب ۽ صحافي شعبان بخت منگيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ جي عشق نقش ناياب بڻائيندي کيس استاد شاعرن جي صف ۾ اچي بيهاريس. شڪارپور کي شاعريءَ جي سورمن سامي ۽ شيخ اياز تي ناز آهي، انهن ۾ نقش ناياب منگي، خليل مورياڻي ۽ انهن جي ٽهي تي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي صدين تائين ناز رهندو.
    ايمرسن جو خيال آهي ته :"فطرت هڪڙو مندر آهي جنھن جون ديوارون نشانن سان ڀريل آهن" اهڙئي طريقي سان شڪارپور جو علم ادب جون ديوارون ۽نشان به اونچا آهن. نقش ناياب منگيءَ جون سٽون به رومانس جي پنڌ ۾ برجستيون آهن.
    خواب ۾ جلوو پسائي پاند ڪو اٽڪائي ويو،
    پل گهوڙيءَ ۾ ڌار ٿي جيءَ کي ته جهوري لائي ويو.
    هت سڪون قلب لٽيو مان رهان ٿو بيقرار،
    زندگيءَ ۾ درد ڏيئي باھ ڀڙڪائي ويو.

    نقش ناياب منگي جي جيتري حياتي هئي ان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ جاري رکي، شاعري، تحقيق ۽ تاريخ ڄڻ نقش ناياب منگي جي زندگيءَ جو وظيفو هئي. نقش ناياب منگي 63 ورهين جي ڄمار ۾ 7 آڪٽوبر 2011ع تي راھ رباني ورتي آخري آرام گاهه چڻنگي جي قبرستان شڪار پور ۾ اٿس. آخر ۾ نقش ناياب منگي لاءِ شاھ لطيف جون هي سٽون ته :

    اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ سپرين لوڪ ڏٺئي نه لھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو