علم (انسان جي ٽئين اک ۽ ان اک جو استعمال۽ اسان جي عورت ان اک کان محروم) (سيد نسيم عباس نقوي ) اھا ھڪ تلخ حقيقت به آھي ته قديم چوڻي به آھي ته علم انسان جي ٽئين اک آھي۽ علم لفظ عربي ٻولي جو لفظ آھي جنھن جي معني آھي حقيقت,سمجھڻ,ڪنھن شي کي حاصل ڪرڻ آءُ ته ائين چوندس اگر ٻه اکيون ھجن ۽ اھا ٽئين اک نه ھجي ته انسان بلڪل ئي نابين آھي اگر جيڪڏھن ٻه اکيون آھن پر اھا علم واري اک نه ھجي ته انسان روحاني نابين آھي.علم انسان جي اھا عظيم اک آھي جيڪا نه صرف انسان کي ڪامياب بڻائي ٿي پر اھا اسان جي دنيا جي ڪنھن به نظريي کي سمجھڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. کي اھوئي سبب آھي جو جانور وٽ به اکيون آھن پر اھا علم ۽ عقل واري اک کان محروم ھجڻ ڪري جانور بي عقل آھي اگر جي اھا اک انسان وٽ به نه ھجي ته انسان به جانور مثل آھي ۽ عقل جھڙي عظيم نعمت به علم سان روشناس ٿئي ٿي علم اھو سمنڊ آھي جنھن جو ڪنارو دنيا جي ڪنھن به انسان ھيل تائين ڪونه ڳوليو آھي.اسان جي معاشري ۾ عام چيو وڃي ٿو ته عورت بي عقل ھوندي آھي اھو ان لا۽ ته اسين پنھنجي عورت کي علم جھڙي زيور کان محروم رکيو آھي ته ظاھر آه اسان جي معاشري جي عورت بي عقل ئي رھندي باقي اھو سرار ئي غلط آھي ڇو جو دنيا جي گولي تي اسان کي عورت جي عقلمند ھجڻ جا نمودار مثال ملن ٿا جھڙوڪ سيده زينب سلام الله عليه جنھن کي(عقيله بني ھاشم ) يعني ھاشمي خاندان جي عقلمند عورت اگر عورت بي عقل وارو تاثر صحيح ھجي ھا ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي گھراڻي ۾ عورت کي عقلمند نه سڏيو وڃي ھا.سيده زينب اھا عظيم عورت آھي جنھن کان حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان ۾ ھر قدم تي مشورو وٺندا ھئا.۽ اسين پنھنجي عورت کي سون جا زيور زيب تن ڪرائڻ تي ته خوش وه خرم ھوندا آھيون آھيو پر افسوس اسين علم جي زيور کي زيب تن ڪرائڻ وقت پنھنجي غيرت کي ناجائز استعمال ڪري عورت کي محروم رکندا آھيون.ياد رھي ته علم ھڪ اھڙي روشني آھي جنھن جي اچڻ سان دنيا ھر اوندھائي جو انت اچي ويندو آھي.۽ علم اھا ترندڙ ٻيڙي آھي جنھن ساڻ اسين پنھنجي ٻڏل ٻيڙي تاري سگھون ٿا.علم جي اھا منزلت آھي جيڪا آءُ ھڪ ادني طالب علم ته بيان ئي نٿو ڪري سگھان جنھن جي لا۽ حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته جنھن انسان وٽ علم آھي آھي اھو ان انسان کي ڪڏھن به موت نه ايندي آھي.ان جو مثال اوھين ڏسو لطيف سائين کي جيڪي اسان کان٢٧٢ سال پھريان وڇڙي چڪا آھن پر جڏھن اوھين لطيف جي رسالي جا ورق کوليو ٿا ته ائين لڳندو آھي ڄڻ لطيف جو روح لطيف جو وجود اوھان سان گڏ آھي اھڙي ريت اوھين سچل سائين کي ڏسو علام اقبال کي ڏسو ھي ته صرف آءُ پاڪستان جي ڳالھ ڪئي آھي اگر جي اوھين ھن دنيا ڏانھن نظر ڦيرائندوۡ ته توھان کي اھڙا ته نمودار ڪردار ملندا جيڪي اسان کي ڪيترائي سال پھريان وڇڙيا ته آھن پر اھي پنھنجي علم ۽ عقل سان زنده وه جاويد آھن.علم جا ڪيترائي قسم آھن پر ٻه اھم قسم ھي آھن جيڪي تمام گھڻا اھميت رکن ٿا.ھڪ آھي ديني ۽ ٻيو آھي دُنوي ٻئي تعليمون اسان جي لا۽ لازمي آھن پر بدقسمتي سان اسين انھن کي مخصوص ٽولن طرف تقسيم ڪري ڇڏيو آھي اسين سوچيندا آھيون ته دين جو علم صرف دين جا طالب علم حاصل ڪن ائين ديني طالب عالم اھو سوچن ٿا ته دنوي تعليم صرف ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا طالب علم حاصل ڪن.جڏھن ته اھي ٻئي علم اسان جي لا۽ اھميت رکن ٿا.پر الله جي فضل ساڻ ھاڻ جڏھن اسين نظر وجھون ٿا ته اسان جي ديني درسگاھن تي به دنوي تعليم ملي ٿي ۽ دنوي علمي درسگآھن ۾ به دين جي تعليم ڏني وڃي پر ان ريت نه پئي ڏني وڃي ٻنھي درسگاھن ۾ جھڙي ريت ڏيڻ کپي.۽ علم اھا ملڪيت آھي جنھن کي جيترو ورھائيندوۡ اوتري وڌندي.۽ ھاڻ اھو ڏسجي ته ھن اک جو استعمال ڪئين پيو ٿئي جڏھن ته اسين چئون ٿا. علم انسان کي جھالت مان ڪڍي ٿي,علم انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي. علم انسان ۾ احسان پيدا ڪري ٿو,علم انسان مان تڪبر کي ختم ڪري ٿو.پر اڪثر اسين جڏھن ھن معاشري ۾ اڪثريت ڏسون ٿا ته اسان جا نوجوان جڏھن پنھنجي ضروري تعليم مان فارغ ٿين ٿا ته اھي پورھيو ۽ مزدوري ڪرڻ کان عار ڪن ٿا.اھو به ھڪ تڪبر جو قسم آھي جڏھن ته علم انسان جو تڪبر ختم ڪري ٿو.ڳالھ ڪجي ٿي احساس جي ته جيڪو آءُ مشاھدو ڪيو آھي اھو ھن ريت آھي ته اڪثر ڊاڪٽر حضرات جڏھن ھتي پھچن ٿا انھن مان احساس ائين ختم ٿئي ٿو ڄڻ انھن ڪا تعليم نه پرائي آھي ۽ اھڙي ريت اوھين تعليمي ماھرن وٽ اچو ٻه کان چار ھزار تي تعليم وڪرو پئي ٿئي اگر ھڪ غريب جو ٻار ڪو امتحان پاس ڪرڻ چاھي ٿو ته تعليمدانن جي گھرج ٻڌي انھي غريب جي اميد وسامجي وڃي ٿي اڄڪلھ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ لا۽ اڪيڊميز کوليون ويون جتي ھڪ ڪورس جا ويھ کان پنجويھ ھزار ورتا وڃن ٿا ھاڻ اوھين اھو ٻڌايو جيڪو ماڻھو ٻن وقتن جي ماني به نٿو کائي سگھي اھو انھن اڪيڊميز مان ڪئين فيض ياب ٿيندو.۽ ڳالھ ڪجي ادب جي اوھين ڏسو ھن معاشري ۾ ته جيتري تعليم وڌندي پئي وڃي اوترو ئي ادب ختم ٿيندو ٿو وڃي.ھي آءُ اڪثريت جي ڳالھ ڪئي آھي ائين نه ته اوھين سمجھو سڄو ئي نظام غلط آھي اتي اھڙا به تعليم يافته ماڻھو ڏسڻ وٽان ايندا جن مان اوھين اھي سمورا درس حاصل ڪري سگھو ٿا.انھن سڀنين شين جو اصل سبب ھي آھي ته اُھا تعليم جيڪا اھي سڀ شيون اسان مان کسي ٿي وٺي اھا تعليم اسان جي جسم تي اثر ته ڪري ٿي پر پر اسان جي وجود ۽ روح تي بلڪل به اثر نه ٿي ڪري. جڏھن اھا تعليم اسان جي روح تي اثر ڪندي ته انسان مان ھر اھي برايون جيڪي جاھل انسان مان پاتيون وڃن ٿيون اھي سڀ جڙ کان ئي ختم ٿي وينديون.ھڪڙو منھنجو عرض سڀني نوجوانن کي ته جيڪو به علم حاصل ڪيو ان کي پنھنجي وجود تي ائين سمايو جئين ڏسڻ وارو چوي ته ھي پڙھيل لکيل نوجوان آھي. اگر ڪا شڪوا,مشورو,يا وري جيڪي متفق آھن ته ضرور جواب ڏيندا.
توھان جو مضمون تمام سٺو آھي. ھن ۾ اھا وضاحت ضروري سمجھان ٿو تہ علم کي ديني ۽ دنوي يا دنياوي ۾ تقسيم ڪرڻ سان (ٻين لفظن ۾ مذھب ۽ سائنس کي الڳ ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جو مخالف سمجھڻ) جي ڪري اسان جو معاشرو جمود ۽ بنياد پرستيجو شڪار ٿي چڪو آھي. مان سمجھان ٿو تہ اھا ورڇ غير فطري آھي.