سک چوران ڪي ڌات ******رهبر لطيف جو درس

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين، رهبر لطيف نوان نوان گس، نوان نوان رستا، نوان نوان فڪر ڏيندي اسان کي توهان کي سنڌ واسين کي سمجهائي ٿو. رهبر لطيف اهڙيون اهڙيون ته مثالون ڏنيون آهن، جيڪي هر ڪنهن جي وس ۾ ناهن. لوڪ صرف هڪ طرف نظر ڪري ٿو، لوڪ صرف هڪ پاسو ڏسي ٿو پر رهبر لطيف چاهي ٿو تہ اسان هن جا پوئلڳ ڳالهين جو ٻيو پاسو به ڏسو، ٻئي رخ کان به سکو. اتان حاصل ڪيون جتان حاصل ڪرڻ جو ڪنهن کي خيال تائين پيدا نه ٿيئي. اڄ جنهن بيت تي لکنداسين اهو به ڪجهه اهڙي سلسلي منجهان آهي، اهو بيت هڪ الڳ فڪر ڏيئي ٿو، ڳالهه جو ٻيو رخ ڏيکاري ٿو، اتان اسان کي سيراب ڪرائڻ جي ڪوشش آهي، جتان ڪنهن ٻئي جو خيال ئي نه وڃي سيراب ٿيڻ لاءِ.

    سائين چورن کي هر معاشري ۾ غلط نگاهه کان ڏٺو ويندو آهي، هنن جي هر عمل کي غلط چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو پر رهبر لطيف جو ئي ڪمال آهي جيڪو چورن جي عمل مان چورن جي ڪرت مان ڪمال جون ڳالهيون نوٽ ڪندي، اسان کي رهنمائي عطا ڪري ٿو. رهبري ڪري ٿو.

    ******* بيت*****
    جي ڀائيِن پرينءَ مِڙان ته سِکُ چوران ڪي ڌات،
    جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ،
    اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،
    سَلي سُوريءَ چاڙِهيا، بَيان ڪَنِ نه باتِ،
    توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳي سَلنِ ڪين ڪِي.
    سر يمن ڪلياڻ داستان ٻيون بيت 9
    ترتيب غلام محمد شاهواڻي

    ****جي ڀائيِن پرينءَ مِڙان،
    جيڪڏهن تون چاهين ٿو، تنهنجي خواهش آهي ته پرين سان ملان(مقصد ماڻيان) ته توکي هڪ ڪم ڪرڻو پوندو، اهو ڪم ڪهڙو آهي جنهن سان پرين جي ملڻ واري خواهش تمنا پوري ٿيندي؟
    ***ته سِکُ چوران ڪي ڌات،
    “ته تون چورن واري روش سک، چورن واري ڪرت سک سورن وارو طريقو اپناءِ” سائين رهبر لطيف کان علاوه آهي ڪو بني بشر، جيڪو اهڙي ڳالهه ڪري، جيڪو اهڙي خبر ڪري، جيڪو اهڙو ڏس ڏيئي ته پرين کي ملڻ(مقصد حاصل ڪرڻ) جي لاءِ چورن وارو طريقو سکڻو پوندو. چورن واري ڪرت سکڻي پوندي. آخر چورن واري اها ڪهڙي ڪرت آهي اهو ڪهڙو طريقو آهي جنهن کي سکڻ گهرجي. بيت جي ٻئي لائين کان اهو طريقو، اها ڌات ٻڌائي وئي آهي.

    *****جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ،
    رات جو ننڍ يقينن سکون آهي، آرام کان وڌيڪ ڪا شيءُ ناهي، آرام کان وڏو سک ٻيو ناهي، چورن جي لاءِ ماڻهون سمجهن ٿا ته هنن کي “ساري رات سک نه آهي” پر اها ڳالهه ته هنن جي لاءِ “ جاڳڻ ته هنن جي لاءِ جشن آهي”
    هاڻ جيڪڏهن توهان پرين کي ملڻ چاهيو ٿا ته چورن واري ان طريقي کي اپنايو، رات واري ننڍ سکون کي قربان ڪري رات واري سک کي وڃائي جاڳڻ کي پنهنجي لاءِ جشن بڻايو.
    رهبر لطيف بيت ۾ اڳتي وڌندي چون ٿا،
    ****اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،
    “خبررکندي به نڪري پون ٿا ۽ خاموش رهن ٿا ڪنهن سان ڪا ڳالهه نه ٿا ڪن”
    سب ڪجهه ڄاڻندي، خبرداري رکندي ته اسان واري ڪم ۾ خطرو آهي، اسان وارو ڪم ڏکيو آهي رات آهي ته به نڪري آيا پنهنجي مقصد حال ڪرڻ لاءِ، جيڪو مقصد هنن جي من ۾ آهي، اها صرف هنن کي ئي خبر آهي ٻئي ڪنهن سان اها ڳالهه ڪن ئي نٿا، وات مان وائي ڪڍن ئي نٿا، ڳجهه ڏين ئي نٿا. تنهن ڪري چوري جي هن ڪرت مان سکندي پرين کي ملڻ(مقصد ماڻڻ) جيڪي چاهين، انهن کي به ائين ئي ڪرڻ گهرجي.
    ***سَلي سُوريءَ چاڙِهيا، بَيان ڪَنِ نه باتِ،
    مقصد جي خاطر سوري تي به چڙهيو وڃن پر ڪجهه ڪين ٿا چون.
    توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳي سَلنِ ڪين ڪِي
    ڀلي ڪسجي وڃن پر جيڪا ساڳي ڳالهه آهي اها سلن نٿا اها ڪن ٿا.
    ********تت*********
    جيڪي پرين کي ملڻ(مقصد ماڻڻ) چاهين ٿا
    انهن کي چورن واري طريقو سکڻو پوندو، رات واري ننڍ(سک) کي ترک ڪري، جاڳڻ کي جشن بڻائڻو پوندو. خطرن کان واقف هوندي ڄاڻ رکندي خبرداري رکندي به نڪرڻو پوندو ۽ خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي، ڀلي پوءِ مقصد خاطر سوري تي چڙهڻو پوي يا وري ڪات سان ڪسڻو پوي پر طئي ٿيل رٿيل ڳالهه کي ڪجهه ۾ ئي رکڻو اهي پنهنجو ڪم خاموشي سان ڪرڻو آهي.
    جيئي رهبر لطيف
    اوهان جو صراط بلوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو