18 ڊسمبر : جنم ڏڻ جي مناسبت سان : شخصيت بڻجي زندگيءّ گذاريندڙ - آغا جان آغا تحرير : اعظم ڀٽي جيڪو فرد سماج ۾ شخص بجاء شخصيت بڻجي زندگيءّ گذاريندو آهي , ان کي ڪڏهن مات نه ايندي آهي , مولا علي عليه السلام جو قول آهي ته " هڪ شخص نه بلڪه ھڪ شخصيت ٿي زندگي گذاريو، ڇو جو شخص ته مري ويندو آھي پر سٺي شخصيت سدائين زنده رھندي آھي". مطلب ته اهي ڪردار هميشه زنده رهندا آهن, جيڪي سماجن جي سۡونهن بڻيل هوندا آهن ,جيڪي روايتن کي نواڻ بخشيندا آهن , انهن ئي شخصيتن ۾ آغا جان آغا جي نالي جو ورلاپ به ورنائجي ٿو , آغا جان آغا جو اصل نالو پير آغا قدوس احمد جان سرهندي آهي. سندس والد جو نالو حافظ غلام محمد جان سرهندي آهي, 18 ڊسمبر 1971 ع تي پير محلا ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتائين, شروعاتي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين سموري تعليم ٽنڊو محمد خان مان ئي حاصل ڪيائين , سنڌي ٻوليءّ جي هن ڀلوڙ شاعر 1990ع کان شاعري جي دنيا سان نينهن جو ناتو ڳنڍيو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس شاعراڻو تعارف سموري سنڌ ۾ متعارف ٿي ويو, آغا جان آغا سنڌي ٻولي سان گڏ اردو ٻولي ۾ پڻ شاعري تي طبع آزمائي ڪئي آهي. توڙي جو کيس اردو شاعري سان دلي لڳاءۡ آهي پر سندس ڪثير شاعري جي سۡدرتا سنڌي ٻولي ۾ ئي سمايل رهي آهي , شاعري ۾ سندس شروعاتي استاد نثار احمد ناز آهي. ان کان علاوه ٽکڙ سان وابسته سنڌي ٻولي جي مقبول شاعر نظير ٽکڙائي کان به شاعري جي اصلاح ڪرايائين. سندس ٻن مجموعن کان وڌيڪ شاعري اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهي. شاعري جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين انهن ۾ غزل ، نظم ، گيت ، چئوسٽا ، نثري نظم ، آزاد نظم شامل آهن, ڪڏهن ڪڏهن ۽ سوشل ميڊيا تي ئي صحيح پر نثر به ڏاڍو شاهڪار لکندو آهي .سندس تخيل جي پيداوار پنجاهه کان وڌيڪ ڪلام آڊيو جي صورت ۾ سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳايا آهن .جڏهن ته سندس ويهه کان پنجويهه کن ڪلام وڊيو جي صورت ۾ پڪچرائيز ٿي مختلف سنڌي ٽي وي چئنلز تي نشر ٿي چڪا آهن. جن فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي انهن ۾ حميرا چنه ،مقبول عارفاڻي ، شهنيلا علي ، ثريا سومرو ، ديبا سحر ، ثمينه ڪنول، زاهد شيخ ، ماسٽر فتح علي ، الهڏنو خاصخيلي ، محبوب خاصخيلي ، علي حسن سولنگي ، الهڏنو جوڻيجو, شازيه ترنم ، ڪوثر ماروي ، فرزانه بهار, جانب علي بلاولي, جان محمد لغاري ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن. سندس ڪلام ” اڃا رات آ ، اڃا وڃ نه تون “ جيڪو مقبول عارفاڻي ڳايو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو, ان کي ڪشش ٽي وي پاران بيسٽ ايوارڊ پڻ مليو. سندس هڪ ٻيو ڪلام ” تون هجين ، مان هجان، يار پوءِ ٻيو ڇا کپي “ پڻ سنڌي موسيقي جي چاهيندڙن جي دلپسند رهيو. جيڪو پڻ مقبول عارفاڻي ڳايو. سنڌي ادبي سنگت سان آغا جان آغا جي ساٿ جو ادبي سفر لڳ ڀڳ چوٿائي صديءّ جيترو آهي , ان سموري عرصي ۾ سندس گذريل پنجن سالن جي جاکوڙ ڄڻ ته صدين جي تاريخ لڳي ٿي , جنهن عرصي ۾ هن سنڌي ادبي سنگت سان ۽ ان سان سلهاڙيل دوستن , اديبن , دانشورن , شاعرن , سگهڙن ۽ فنڪارن کي ڪڏهن به ادبي مورچي تي اڪيلائي جو احساس نه ڏياريو, دوستن جي سموري سٿ کي گڏ کڻي , هن ادبي ماحول ۾ نين روايتن جا ڪيئي سج اڀاريا آهن , هو پنهنجي گۡوناگۡون شخصيت کي چاهڻ جي باوجود به پوشيده نه رکي سگهيو آهي پر پنهنجن دوستن کي هر پليٽ فارم تي پذيرائي ڏيارڻ , انهن جي هر لمحي حوصلا افزائي ڪرڻ ڄڻ ته سندس ڪرت بڻجي وئي آهي, سنڌي ادبي سنگت کان سواء ماضي ۾ هن مهراڻ ادبي فورم جو بنياد رکي ادبي ڪلاسن ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ واري روايت کي جيئندان ارپيو هو ته وري محمد خان غني ادبي تنظيم , ڀٽائي آرٽس ڪائونسل , ٽنڊو محمد خان آرٽس ڪائونسل , مهراڻ ادبي سٿ سنڌ , انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرگرمين ۾ سندس سهڪاري ڪردار قابل تعريف رهيو آهي, سماجي خدمتن کي به هن عبادت جي لمحن جيان پسايو آهي , اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت شهر جي معروف سماجي تنظيم "ساٿ فلاحي تنظيم " جو ڪيترن ئي سالن پۡڄاڻان سرپرست اعلي' آهي. منهنجي ساڻس شناسائي ايتري ئي پُراڻي آهي ، جيتري منهنجي شعور سنڀالڻ جي عمر آهي ، ٻالڪپڻ کان ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز جي گرائونڊ تي نم جي گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ۾ هُو ، ڪرڪيٽ راند ۾ بيٽ بال سميت مون سان گڏ هو ، جوانيءَ جي جوڀن ڏهاڙن ۾ هُو ، مال پڙي جي هوٽل تي رات جو دير تائين چانهه جون گرم سُرڪيون ڀريندي به مون سان گڏ رهيو ، هاڻي سراسري عمر جي ٽئين حصي ۾ ادب جي خدمت وارو روشن ڏيئو هٿ جي تِريءَ تي کڻي ، مونکان ادبي قد ڪاٺ ۾ تمام گهڻو ڳرو هوندي به هُو مون سان گڏ ئي شعور جي منزل جو اهڙو مسافر آهي, جنهن ۾ اسانجي همسفري ۽ همعصري مستقل مزاجي سان قدم سان قدم ۽ ڪۡلهي سان ڪۡلهو ملائي ادبي سفر جو پنڌ پۡڄائي رهي آهي ، تعميري جمهوري حُسن سان ڀرپور ، هن جي هر ادا اڄ به منهنجي لاءِ تجسس ، اُتساهه ، فراخدلي, سهپ, برداشت ۽ وڏائي جو وڏ ڦُڙو مينهن آهي ، جڏهن 2013ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي چونڊن ۾ آئون کانئس پنهنجي سيڪريٽري شپ جي عهدي لاءِ ووٽ جي واٽ ڳولڻ لاءِ وٽس ويو هوس ته هُن جي محبت ڀريي انداز وارا لفظ ڀلي کڻي ووٽ خاطر کۡليل طور منهنجي حق ۾ نه هئا پر هُن جي سچائي ، فراخدلي ، وڏائي, جرئتمنديءّ ۽ بيباڪي مون ۾ اها سگهه ۽ قوت پيدا ڪئي هئي ته اهڙي دوست کي زندگيءَ جي باقي حصي جو سچو ادبي رفيق ضرور بنائڻ گهرجي ، اها تمنا جڏهن تڪميل تي پهتي ته اسانجي رفاقت جو حُسن به تجلا ڏيڻ لڳو ، سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جڏهن هُن دلي طور پنهنجو پاڻ کي منهنجو ماتحت سمجهي ، منهنجي ادبي ساٿ کي سُرهاڻ بخشي هئي ته الاءِ ڇو ان وقت به هي شخص مونکي پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ نم جي وڻ جي ڇانوَ هيٺان گڏ راند ڪندي نظر آيو هو ، اڄ جڏهن هُو مسلسل پنجن سالن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ۽ منهنجو سيڪريٽري آهي ۽ آئون اڄ تنظيمي طور سندس ماتحت آهيان ته مونکي ائين لڳندو آهي ته اڄ به اسان مال پڙي جي هوٽل تي گڏ ويهي سرد راتين ۾ چانهه جي گرم سُرڪين کي ڪنهن ساز جيان گڏ ڇيڙي رهيا آهيون ، هاڻي ذاتي وابستگيءَ واري ڳنڍ کان ، اسانجي ادبي رفاقت واري ناتي جي ڳنڍ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي ، ادبي دنيا جي سفر اسان جي راهن تي اهڙا گُل وڇائي ڇڏيا آهن ، جنهن جي خوشبوءَ اسانجي احساساتي رشتي کي وڌيڪ معطر ڪري چڪي آهي ، ان سموري ادبي سفر ۾ هاڻي ته اسان هڪٻئي کانسواءِ ڄڻ ته اڌورا ٿا ڀاسون ، ان جي باوجود به جي هُو نه هوندو آهي ته سندس وجود کي آئون پنهنجي وجود جي شڪل ڏئي ڇڏيندو آهيان ، جي آئون نه هوندو آهيان ته هُو ادبي حوالي سان ڪٿي به منهنجي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏيندو آهي ۽ جڏهن اسان ٻئي سنگت جي ساٿ ۾ سڀني سان گڏ هوندا آهيون ته هڪ اهڙي طاقت جو تصور ذهن ۾ اُڀري ايندو آهي ، جنهنکي مات ڏيڻ جي ڪنهن ۾ به همت ناهي هوندي . هُو حوصلي ۽ همت جو هماليه آهي ته ساٿ جي سُندر باغ جي خوشبوءَ به آهي ، هُو يارويسي ۾ يڪجا آهي ته دوستيءَ ۾ دلبري جهڙو وطن لڳندو آهي . جنهن دلبري جهڙي وطن سان هر ساڃاهه وند جي سِڪ ، اُڪير ، چاهت ۽ محبت ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ئي محسوس ٿيندي آهي ، هو آهي ئي محبتون وارڻ جهڙو شخص ، جنهن جون محبتون ماڻيندي ۽ جنهن تان محبتون واريندي دل ٻلهار پئي ٿيندي آهي . من موجن ۾ اچي ويندو آهي ، وجود اُتساهه جي طاقت سان مالا مال ٿي ويندو آهي ، اڄ ان فرد جو ، پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن جهڙي شخصيت جو جنم ڏينهن آهي ، جي ها ! پير آغا قدوس احمد جان سرهندي ، جنهن کي اسان سڀ سائين آغا جان آغا جي نالي سان سڏيون ، پُڪاريون ۽ سُڃاڻون ٿا ، اڄ ڌرتيءَ تي آغا جي زندگي جي آغاز جو ورجاءُ آهي ، اڄ هُن جو جنم ڏينهن آهي ، سندس ان جنم ڏينهن تي کيس مُبارڪن جون مُرڪون چپڙن تي سجائي ، چاهت جون چُميون ڏيڻ لاءِ دل بيچين آهي ، هونئن به اُڃ سان ئي اُڃ اُٿندي آهي ۽ دل چوي ٿي ته سندس محبت واري اُڃ کي سيني ۾ سانڍي ، ان مان لطف اندوز ٿيڻ وارن لمحن کي ڪا طوالت ڏجي ، جيڪا طوالت تاريخ جي ورقن ۾ اسانجي رُوحاني رفاقت جي شاهد بڻجي پوي . جنهن جا ترانا صدين تائين گۡوجندا رهن , ان گۡونجار ۾ اسانجا حوالا جاڙن ڪڪرن جهڙو اصطلاح بڻجي پون . اهو اصطلاح جيڪو اسانجي ايندڙ نسلن لاء به فخر لائق اۡتساهه جو سبب بڻجي سگهي ! 18 ڊسمبر 2020ع