• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شبانہ عالماڻي جي شعري مجموعي، ڌرتي ڌمال ۾ آ، تي هڪ نظر .....!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
j8oJA8W.jpg

شبانہ عالماڻيءَ جي شعري مجموعي،" ڌرتي ڌمال ۾ آ"، تي هڪ نظر.....!
فقير محمد سنڌي.

هزار سر وچمن را بہ خاک راھِ نشاند،
زمانہ تا قصبِ زرکش قبائے تو بست.
( حافظ شيرازي )
مٿين شعر جو ترجمو :" چمن جي هزار سرَوجي درختن کي رستي جي مٽيءَ تي بيهاري ڇڏيو آهي، جڏهن کان زماني تنهنجي لاءِ سون سان جڙيل چادر تيار ڪئي آهي." شبانہ عالماڻيءَ جي مَن جي ڌرتي ڌمال ۾ آهي، اها ئي مَنَ جي اڻ تڻ جذبي جو روپ ڌاري پڙهندڙن جي اکين جي گلاس جي سامھون آهي. تخليقڪار جو من هر ڏسندڙ انياءَ تي لڇي پوي ٿو. ڪٿي نينھن جو ناتو، ڪٿي قسمت جي ڪسوٽي ۽ هر ٻول جي ٻولي زندگيءَ جي ناتي سان جڙيل آهي.
اڃان ڀي هَلي ٿو زمانو وفا جو،
اڃان مَنُ پڙهي ٿو ترانو وفا جو.

مٽيءَ ساڻ ناتو اول ڀي ۽ آخر،
مٽيءَ ۾ سمورو فسانو وفا جو.
شبانہ عالماڻيءَ جو هيءُ پنجون شعري مجموعو شعور وندن لاءِ ۽ حساس دلين لاءِ ڪنهن تحفي کان گهٽ ڪونھي. شبانہ عالماڻيءَ جي شاعريءَ جو مقصد جدوجهد جي راھ ۾ مسلسل هلندڙ فردن لاءِ آهي. اها ئي شاعري گھڻين دلين کي جياپي جو ڏس به ڏئي ٿي.
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رڪ ڪريندا پڌرو.

سينٽ ايسوپريءَ جو زندگيءَ بابت خيال آهي ته : - "زندگيءَ اسان کي سيکاريو آهي ته سچو پيار فقط هڪ ٻئي کي چتائي ڏسڻ ۾ ڪونھي پر هڪ ٻئي سان گڏجي ساڳئي طرف ٻاهر نهارڻ ۾ آهي."
شبانہ عالماڻيءَ جي نهار دلين جي فصل کي ٿڌڪار ۽ حوصلو بخشي ٿي، شبانہ وٺ هڪ فرد جي ڳالھ ڪونهي، هر درد وند جي ڳالھ، هر منظر جو حسن پيش قدمي سان ثابت قدم آهي.

سڏڪا سارا مرڪي پوندا،
نيٺ ته ملندي موھ! مڃوتي.

ڪر زندگي! جيئڻ جي کن پل جهان پنهنجو،
اچڻو آ نيٺ ايندو، اُلڪو نه ڪر اَجَلَ جو.

حالتن جي هانَوَ ۾ نهار تون،
هر پھر هُرندي رهي ٿي زندگي.

اچي مَنَ ڀاڳ وارو باب اڳيان،
پون چمڪي ستارا زندگيءَ جا!
سنڌ جي سرزمين تي تصوف پسند فردن پيار کي سڄيءَ زندگيءَ ۾ مٿاهين حيثيت ڏني آهي. پيار زندگيءَ جو امر مورچو آهي، جنھن تي هر حال ۾ خوش رهڻو آهي. لطيف سرڪار ماروئڙن جي محبت ۾ هيئين ٿو فرمائي.

آئون ڪيئن ڇڏيان، سومرا پنهوارن پچار،
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي رِيءَ لهار،
ميخون محبت سنديون، هنئڙي منجھ هزار،
پکا ۽ پنوهار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.!

نهار جو نڪتو زندگيءَ لاءِ اهم آهي. شاعر پنهنجي لفظن ۾ جماليات پيش ڪرڻ جو الڳ ڏانءُ رکي ٿو. خوشي، ڏک ۽ ناڪامي زندگيءَ لاءِ لازم ملزوم آهن. پر شاعر جي ذهن جي سرجيل پيرا گراف ۾ مختصر سٽون وڏي وٿ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ازل کان وفا جو عزم زندگي آ،
همت هيج ڀريو قدم زندگي آ.

دل قلندر جو صحن آ دردَ جي آهي ڌمال،
عشق پنھنجو بي وطن آ دردَ جي آهي ڌمال.

ڊگهي انتظاري دَمن جي دَڳن تي،
برھ، بيقراري دَمن جي دَڳن تي.

سُرت آهي رَهي دل اندر ڪالھ کان،
سُورَ کان جو ملي روشني ٿورڙي.!

دردَ آ ميلو مچايو دل درازا ٿي پئي،
نينهن نانگي آ نچايو دل درازا ٿي پئي.
شبانہ عالماڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جرئت، حوصلو ۽ مارون جي پيڙا سان گڏ خوابن جي ورڇ شاعريءَ کي وڌيڪ لطيف بڻائي ٿي. شاعري جي تجسس مان خبر پوي ٿي ته، هن جو ٻوليءَ سان ڪيترو پيار آهي. ساڳي ڳالھ اچي ٿي پيار تي، اهو ئي پيار آهي جيڪو سڀني ساھ وارن کي متحرڪ رکي ٿو.

ترس ٿورو زندگي! خواب ٿا ورڇي وٺون،
ڪجھ خوشي آ ڪجهه غمي خواب ورڇي وٺون.
جستجوءَ ۾ جيئڙا! هر پهر گذري وڃي،
پوءِ ڀي رهندي ڪَمي خواب ٿا ورڇي وٺون.
ڪتاب ڌرتي ڌمال آ، سنڌيا پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيو آهي. 144 صحفن جو شعري مجموعو جنهن ۾ غزل ۽ گيت شامل آهن. اهڙي خوبصورت ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ٻن ناليوارن شاعرن، زاهد شيخ ۽ درد هوش محمد ابڙو لکيو آهي. هيءَ ملير جي شاعره مسلسل شاعريءَ جي سفر ۾ سرگردان آهي. ڏک، سک، سماج ۽ تاريخ شبانہ عالماڻي جي گيتن ۽ غزلن ۾ نمايان طور تي موجود آهن. حالتون ڪهڙيون به هجن پر ملير جي شاعره شبانہ عالماڻي جو قلم سر بلنديءَ تي اولين طور نظر اچي ٿو. آخر ۾ شبانہ عالماڻيءَ جون شاعريءَ جون هيءُ سٽون ته :
بک ٻچڙن جي هِنَ کي ٿي باھ بَڇي زاري،
جيجل ڪيئن گهاري ٿي، هِنَ دردَ جي بارش ۾.

ٿي سنڌ ڪربلا، هيءَ ڌرتي ڌمال ۾ آ،
ڪوٺيو نه زلزلا، هي ڌرتي ڌمال ۾ آ.

هت ظلمتون شبانہ هر جاءِ تي وڌي ويون،
زاري ڪيم خدا! هيءَ ڌرتي ڌمال ۾ آ.
51C1Ese.jpg
 
Back
Top