سنڌ ۾ بحران بجليءَ جو آهي يا نيڪ نيتن جو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ بحران بجليءَ جو آهي يا نيڪ نيتن جو؟​


    محسن ٻٻر

    پاڪستان ۾ بجليءَ جو بحران آهي يا نه آهي پر انهيءَ معاملي جو سنڌ تي انتهائي خوفناڪ اثر پيو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ته سنڌ جي ٻهراڙين کي ڪاري ڏُڪار واري صورتحال ڏانهن ڌڪي رهي آهي، پر سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڇڏي باقي شهرن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ، جيڪا گهڻو ڪري اڻ اعلانيل ٿئي ٿي، سنڌ جي پست حال معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي رهي آهي. اسين حڪمرانن جي شهر اسلام آباد ۾ ڏسون ٿا، جتي انتهائي بحران واري صورتحال ۾ به سڄي ڏينهن دوران وڌ ۾ وڌ 5 کان 6 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿيندي هئي. ڪي ته اهڙا علائقا به آهن، جتي لو ڊ شيڊنگ جو نالو نشان به نه آهي. اڄڪلهه سموري شهر اسلام آباد ۾ لوڊ شيڊنگ 3 کان 4 ڪلاڪ ٿيندي آهي. حڪمران، جيڪي لوڊ شيڊنگ جي تڪليف ۽ ان مان ٿيندڙ جسماني، اعصابي، سماجي، ۽ معاشي نقصانن کي سمجهي نه سگهندا هجن ۽ انهيءَ جو احساس نه رکندا هجن، اهي بجلي جي بحران کي ڪيئن ختم ڪري سگهندا؟ سنڌ جي ماڻهن کي وزيرن ڪبيرن، وڏن وزيرن، وزير اعظم يا صدر صاحب يا ٻين وي آءِ پيز جي پنهنجن شهرن ۾ آمد جي خوشي ٿيندي آهي، پر اها خوشي ان لاءِ نه ٿيندي آهي ته انهن جي اچڻ سان ڪي سندن بنيادي مسئلا حل ٿيڻ وارا آهن پر صرف ان ڪري ٿيندي آهي ته جنهن به شهر ۾ هو جيترا ڪلاڪ موجود رهندا آهن، اوترا ڪلاڪ بجلي غائب نه رهندي آهي. حڪمرانن جي انهيءَ رويي ۽ حيسڪو پاران ٿيندڙ ناانصافي تي ڇا تازو ئي خيرپور ميرس ۽ دادو جي ماڻهن جو ٿيل ردعمل فطري ۽ جائز نه آهي؟

    منهنجي ذاتي راءِ موجب پاڪستان ۾ بجلي جو ڪوبه بحران نه آهي. بحران رڳو سٺي حڪمراني ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي نيت جو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جو غائب هجڻ به هڪ آهي. بجلي پيدا ڪرڻ کان ويندي ان جي ورهاست تي صوبن ۽ مرڪز جو ڪيترو حق آهي، سنڌ ۾ ڪيتري بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪيتري واهپجي ٿي، سنڌ حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي، اهو هڪ ڌار بحث آهي. ان تي وري ڪنهن ٻئي ڀيري بحث ڪنداسين، پر اچو ته اڄ رڳو اهو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون ته بجلي بحران جو آخر سبب ڇا آهي ۽ سنڌ تي ان جو اثر ايترو شديد ڇو پئجي رهيو آهي؟

    ڇا واقعي پاڪستان ۾ بجلي جو بحران آهي؟

    جڏهن چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ Generation جي گهٽتائي آهي، ته اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جهڙي نه آهي. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ جملي بجلي پيدا ڪندڙن پلانٽس يا ڪارخانن جي استعداد 20000 ميگاواٽ آهي پر ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪيترائي پلانٽس پراڻا ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري انهن پلانٽس جي بجلي پيدا ڪرڻ جي استعداد گهٽجي 16500 ميگاواٽ روزانو تي پهتي آهي. 11 جولاءِ 2010 تي پاڪستان ۾ بجلي جي گُهرج 16630 ميگاواٽ روزانو هئي. جڏهن اسان جا بجلي پلانٽس گهرج موجب بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا ته پوءِ کوٽ ڇا جي؟ اصل ۾ بحران رڳو ۽ رڳو پئسن ۽ بهتر حڪمراني جي کوٽ جو آهي ۽ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جيان حيسڪو به ان کوٽ ۾ ڪنهن کان پوئتي ناهي.

    ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ساليانو 10 سيڪڙي جي حساب سان بجلي جي گهرج وڌي رهي آهي. معنيٰ ته جيڪڏهن اڄ پاڪستان ۾ بجلي جي گهرج 16630 ميگاواٽ روزانو آهي ته ايندڙ سال اها گهرج 18230 ميگاواٽ روزانو ٿي ويندي. انهيءَ حساب سان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس جي جملي استعداد به وڌڻ گهرجي ها پر ٿيو ڇا؟ گذريل 10 سالن جي مدي ۾ ڪنهن به سبب ڪري حڪمران بجلي جا نوان پلانٽس وقت سر اچي نه سگهيا ۽ بحران شديد ٿيندو ويو. گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت نه آهي، سال 2000ع ۾ پاڪستان بجلي پاڙيسري ملڪن کي وڪرو ڪرڻ وارو هو پر آمريتي دور بجلي بحران کي شديد ٿيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ ملڪ کي ان نهج تي پهچائي ڇڏيو. موجوده حڪومت به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي. چند ميگاواٽ اضافي اچڻ کانسواءِ ٻي ڪا خاص ڪاڪردگي سامهون اچي نه سگهي آهي. گذريل ڏهن سالن ۾ منظور ڪيل پاور پلانٽ مختلف سببن ڪري مڪمل نه ٿي سگهيا آهن.

    حيسڪو ۾ حڪمراني جو بحران

    حيسڪو هڪ اهڙي ڪمپني آهي، جنهن جي مالڪي پيپڪو، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ذريعي وفاقي حڪومت وٽ آهي. حيسڪو پاڪستان ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ 10 ڪمپنين مان هڪ آهي. ڪراچي ۽ ڪوئيٽا کانپوءِ حيسڪو ۾ سرڪاري طور تي لائين لاسز جي شرح 35 سيڪڙو آهي. معنيٰ ته بجلي چور واهپيدارن، بدعنوان حيسڪو عملدارن، نااهل حيسڪو ۽ پيپڪو مئنيجمنٽ، بي انتها سياسي مداخلت، بي فڪر نيپرا ۽ لاتعلق بڻيل وفاقي حڪومت جي پاليسين سبب ڪمپني جو نقصان 35 سيڪڙو آهي ۽ اهو نقصان واهپيدارن تي بجلي جا ڳرا اگهه مڙهي ۽ وفاقي حڪومت پاران سبسڊي جي فراهمي ذريعي پورو ڪيو وڃي پيو. بجلي جو ٻيو بحران، حيسڪو ۾ حڪمراني يا گورننس جو آهي. سولي سنڌيءَ ۾ حيسڪو عملدارن ۽ بااثر واهپيدار جي ملي ڀڳت سان بجلي جي چوري ۽ بدعنواني ذريعي بجلي جي هن بحران جنم ورتو آهي. ڪراچي کانسواءِ باقي سنڌ ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) ۾ اقتصادي ۽ انتظامي بحران پنهنجي انتها تي پهتل آهي.

    پاڪستان ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ انتهائي خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ حيسڪو، نيپرا ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ حيسڪو جي سمورن واهپيدارن کان ايندڙ سال لاءِ بجلي جا سراسري اگهه 11.38 روپيا في يونٽ مان وڌائي 12.55 روپيا في يونٽ اوڳاڙڻ لاءِ چيو آهي. حيسڪو واهپيدارن کان 11.38 روپيا في يونٽ بجلي اگهه نه اوڳاڙيندي آهي. مرڪزي حڪومت حيسڪو کي 4.38 روپيا في يونٽ (26 ارب 21 ڪروڙ روپيا ساليانو) سبسڊي ڏيندي آهي ۽ نتيجي طور حيسڪو پنهنجي واهپيدارن کان 6.56 روپيا في يونٽ اگهه سراسري طور اوڳاڙيندي آهي. حيسڪو ۾ جملي واهپيدارن جو انگ 15 لک 20 هزار آهي. حيسڪو سال 10-2009ع دوران 8 ارب 28 ڪروڙ بجلي يونٽ خريد ڪيا پر خراب ڪارڪردگي ۽ ٻين سببن ڪري واهپيدارن کي رڳو 5 ارب 42 ڪروڙ يونٽ وڪرو ڪري سگهي، جڏهن ته 2 ارب 85 ڪروڙ يونٽ اوڳاڙي ٿيڻ کان رهجي ويا يا چوري ٿي ويا، جن جي جملي قيمت 18 ارب 74 ڪروڙ بنجي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ان کي 35 سيڪڙو جو نقصان ٿيندو آهي. نيپرا پاران حيسڪو کي لائين لاسز جي حوالي سان رڳو 28 سيڪڙو جي اجازت ڏنل آهي پر حيسڪو هر ڀيري انهيءَ اجازت جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي. جيڪڏهن حيسڪو جا لائين لاسز يا نقصان 35 سيڪڙو کان گهٽ ٿي طئي ٿيل معيار موجب 12 سيڪڙو رهجي وڃي ته رڳو حيسڪو کي 23 ارب روپين کان مٿي اضافي آمدني حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويندي. اهڙيون آئيڊيل حالتون جيڪي بالڪل به ناممڪن ناهن، جيڪڏهن مرڪزي حڪومت سبسڊي به ڏيندي رهي ۽ حيسڪو کي نقصان ٿيندڙ آمدني به ملڻ شروع ٿي وڃي ته حيسڪو جي واهپيدارن کي اها بجلي اڃا 2 روپيا في يونٽ گهٽائي ڏيئي سگهجي ٿي. پر جيئن ته مون اڳي به عرض ڪيو آهي ته سياسي مداخلت، ڪجهه علائقن ۾ امن امان جي خراب صورتحال، بجلي چوري، خراب حڪمراني، غلط پاليسين ۽ ناڻي جي کوٽ سبب حيسڪو لاڳيتو خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري پئي. رڳو ضلعي دادو جو مثال کڻو. اڄ به 2 هزار روپيا مهينو رشوت ڏيڻ تي اوهان پنهنجي گهر ۾ ڪيترا به ايئر ڪنڊيشن هلائي سگهو ٿا ۽ اوهان جو بل به چند سَوَن جو ايندو. تنهن ڪري حيسڪو جي حالت مڪمل صحيح ٿيڻ تائين سنڌ ۾ بجلي جو بحران ختم ٿيندو نظر نٿو اچي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن مرڪزي حڪومت 26 ارب کان مٿي جي سبسڊي ڏيڻ به هڪدم يا مرحليوار ختم ڪري ڇڏي ته سنڌ جي واهپيدارن کي بجلي جو اگهه 6.56 کان وڌي 11.28 روپيا في يونٽ سراسري ٿي ويندو ۽ بجلي جو بل واهپيدارن مٿان عذاب بنجي ڪڙڪي پوندو.

    حيسڪو ۾ لوڊ شيڊنگ جو آزار ڇو آهي؟

    هونئن ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ آهي ۽ 630 16 ميگاواٽ روزانو گهُرج موجب بجلي جي پيداوار نه ٿي رهي آهي پر انهيءَ کوٽ کي ملڪ جي ٻين حصن جيان سنڌ جي واهپيدارن ۾ انصاف جي بنيادن تي ورهايو نٿو وڃي. مثال طور جيڪڏهن 11 جولاءِ تي ملڪ ۾ بجلي جي گهرج 16630 ميگاواٽ هئي ۽ پيداوار يا سپلاءِ 14000 ميگاواٽ هئي ته کوٽ 16 سيڪڙو ٿيڻ گهرجي. انهيءَ حساب سان 24 ڪلاڪن مان لوڊ شيڊنگ رڳو وڌ ۾ وڌ 4 ڪلاڪ ٿيڻ گهرجي پر ڪراچي کي ڇڏي باقي سموري سنڌ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ به لوڊ شيڊنگ ٿئي ٿي، اها به اڻ اعلانيل. ڪا خبر ناهي هوندي ته بجلي ڪنهن مهل ايندي ۽ ڪنهن مهل ويندي. جڏهن ته سنڌ جي 111 گرڊ اسٽيشنز ذريعي لوڊ شيڊنگ جو شيڊيول 6 کان 8 ڪلاڪ طئي ٿيل آهي، جيڪو پڻ غلط آهي. اڄ به ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ شيڊيول موجب 4 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿئي پئي. پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزارت 12 جولاءِ تي اعلان ڪيو ته بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ ڪوبه فرق نه آهي، تنهن ڪري سموري ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊ شيڊنگ نه ٿيندي. ڇا 12 جولاءِ تي سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ لوڊ شيڊنگ ڪانه ٿي؟ راجا پرويز اشرف جي وزارت سنڌ جي پاڻي سان گڏوگڏ سنڌ جي ماڻهن سان بجلي جي فراهمي ۾ به ناانصافي ڪري رهي آهي پر پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي.

    حيسڪو بابت نيپرا جي ٻڌڻي ۾ ڇا ٿيو؟

    مان اوهان آڏو حيسڪو جي درخواست تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ اگهن ۾ اضافي بابت ٿيندڙ هڪ ٻڌڻي جو حال احوال رکڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ ڪجهه اهم ڄاڻ سامهون آئي آهي. 30 جون 2010ع تي نيپرا جي چيئرمين خالد سعيد جي سربراهي ۾ قائم هڪ پينل جيئن ئي حيسڪو جي اگهن ۾ اضافي بابت ٻن مختلف پٽيشنز جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سنڌ حڪومت جي وڪيل شمائل احمد بَٽ هڪ بنيادي اعتراض واريو. سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ نيپرا حيسڪو جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي پر آئين جي آرٽيڪل 157 (2ڊي) موجب نيپرا کي اهو اختيار ئي حاصل نه آهي. اهڙو اختيار رڳو صوبائي حڪومتن کي آهي ته اهي پنهنجي حدن ۾ بجلي جا اگهه مقرر ڪري سگهن ٿيون. نيپرا پينل ان معاملي جو ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو. حيسڪو جي نئين مقرر ڪيل سربراهه شيخ نذير احمد بجلي جا اگهه وڌائڻ جي درخواست ڪئي ۽ لائين لاسز 34 سيڪڙو جي سطح تي آڻڻ جي اجازت طلب ڪئي، جيڪا نيپرا پينل رد ڪئي. سنڌ حڪومت جي وڪيل شمائل احمد چيو ته حيسڪو کي 28 سيڪڙي کان مٿي لائين لاسز جي اجازت بالڪل نه ڏيڻ گهرجي ۽ اضافي لائين لاسز جو بار ڪمپني جي مالڪ يعني مرڪزي حڪومت ڀري.

    ٻڌڻي دوران حيسڪو سربراهه پنهنجو ڪيس اثرائتي نموني پيش نه ڪري سگهيو، جنهن تي نيپرا چيئرمين کيس چيو ته جيتوڻيڪ اوهان نوان آيا آهيو پر اوهان پنهنجي تياري ئي نه ڪري آيا آهيو ۽ بنيادي ڄاڻ جي فراهمي سميت اوهان اسان جي سوالن جا جواب به ڏيئي نٿا سگهو. هڪ موقعي تي ته حيسڪو سرابراهه چيو ته، ”اسان ٽرڪن جون ٽرڪون ڀري بجلي جا ڪُنڊا (بجلي چوري جو هڪ طريقو) بازياب ڪيا آهن، جن جو وزن هزارين مڻ آهي.“ ان تي پنجاب جي ميمبر حيسڪو چيف کي چيو ته، ”شيخ صاحب، ڪارڪردگي ٽرڪن جي وزن تي نه ماپي ويندي آهي.“

    حيسڪو چيف پنهنجي ڪيس پيش ڪرڻ دوران انڪشاف ڪيو ته حيسڪو ۾ گذريل هڪ سال دوران 1100 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. نيپرا پينل ۽ سنڌ حڪومت اهڙين ڀرتين جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته حيسڪو جي خراب ڪارڪردگي باوجود ايتريون ڀرتيون ڪرڻ ڪنهن به ريت جائز نه آهي. حيسڪو چيف ڪيترن ئي موقعن تي نيپرا کي پنهنجي ڪارڪردگي تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيپرا پينل ۽ سنڌ حڪومت جا نمائندا شمائل احمد ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري آبپاشي کاتو سعيد احمد سيٺار مطمئن نه ٿي سگهيا. حيسڪو سربراهه ٻڌايو ته انهن پاران بجلي چورن خلاف آپريشن ۾ 20 ايف آءِ ار ۽ ڪيتريون ئي اين سيز ڪٽرايون ويون آهن. ڊيوٽي صحيح نموني نه ڏيڻ ۽ چوري روڪڻ ۾ ناڪامي تي 5 ايس ڊي اوز کي به معطل ڪيو ويو آهي. نيپرا چيئرمين هڪ موقعي تي چيو ته، ”حيسڪو جي نااهلي جي سزا واهپيدارن کي ڏيڻ نه ڏيندا سين. حيسڪو کي پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻي پوندي.“

    بجلي چوري روڪڻ ۽ بجلي چورن کي سزائون ڏيڻ ۽ ڏنڊ وجهڻ لاءِ حيسڪو کي سنڌ حڪومت پاران مئجسٽريٽ مقرر ڪري ڏيڻ واري هڪ درخواست جي نيپرا پينل ته تائيد ڪئي پر سنڌ حڪومت چيو ته اهو هاڻي سندن اختيار ۾ ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته اهو اختيار هاڻي سپريم ڪورٽ وٽ آهي. سنڌ حڪومت جي نمائندي نيپرا کي تجويز پيش ڪئي ته قانون موجب بجلي چور جي سزا وڌ ۾ وڌ 7 مهينا قيد ۽ ڏنڊ آهي، تنهن ڪري سخت سزائون ۽ ڳرا ڏنڊ وجهڻ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي.

    نيپرا جيئن ئي سال 11-2010ع لاءِ بجلي جا اگهه مقرر ڪرڻ جي هڪ ٻي درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته شمائل احمد بٽ هڪ بنيادي اعتراض واريو ۽ نيپرا کي لاجواب ڪري ڇڏيو. شمائل احمد، جيڪو انهيءَ سڄي ٻڌڻي دوران حيسڪو ۽ نيپرا مٿان پنهنجي دليلن ۽ منطق موجب حاوي رهيو، انتهائي تياري سان آيل هو. سندس چوڻ هو ته حيسڪو بجلي جا ساليانا اگهه مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ نيپرا کي اهڙو اختيار ئي حاصل نه آهي. نيپرا رڳو ٽه ماهي ۽ مهيني وار بنيادن تي بجلي جا اگهه طئي ڪري سگهي ٿي. نيپرا پينل ڪيترائي دليل ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي سالياني ٻڌڻي ڪري سگهن ٿا پر شمائل احمد وڌيڪ وزني دليلن سان نيپرا کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. نيپرا پينل حيسڪو جي ساليانو اگهه مقرر ڪرڻ جي پٽيشن جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

    حيسڪو بابت نيپرا جي ايندڙ ٻڌڻي جو حال احوال به اوهان آڏو پيش ڪبو پر هاڻي جڏهن مرڪزي حڪومت لوڊ شيڊنگ کي انصاف ۽ برابري جي بنياد تي ورهائڻ لاءِ تيار نه هجي، حيسڪو ۾ سياسي مداخلت، انتها تي پهتل بدعنواني، بااثر بجلي واهپيدارن پاران بجلي چوري ۽ بجلي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آتا هجن ته حيسڪو جي ڪارڪردگي ڪيئن بهتر بنائي ٿي سگهجي؟!! مٿان وري مرڪزي حڪومت سبسڊي واپس وٺڻ جي سفر تي هجي ته حيسڪو جي خراب ترين ڪارڪردگي جو سمورو بار، پنهنجا بِلَ باقاعدي ڀريندڙ واهپيدارن کان اوڳاڙڻ ڪهڙو انصاف ۽ سياڻپ جو فيصلو سڏبو؟ ان لاءِ ضروري آهي ته حيسڪو جي ڪارڪردگي ٺيڪ ٿيڻ تائين مرڪزي حڪومت جو سبسڊي جي مرحلي واري خاتمي جو انتهائي عوام ۽ سنڌ دشمن فيصلو واپس وٺي. ٻئي پاسي مرڪزي حڪومت طرفان گذريل ڪيترن ئي سالن کان حيسڪو سميت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيل آهي. قانون موجب رڳو اهي سرڪاري ادارا وڪرو ڪري سگهجن ٿا، جيڪي منافعي بخش هجن. تنهن ڪري ڏسڻو پوندو ته حيسڪو کي ڪيئن منافعي بخش بنائي وڪرو ڪيو ٿو وڃي. جيسيتائين حيسڪو مان سياسي مداخلت جو خاتمو نه ايندو، بجلي جي وڏن باقيدارن ۽ بجلي چورن، بدعنوان حيسڪو آفيسرن خلاف جوڳي ۽ سخت ڪارروائي نه ٿيندي ۽ سڀني کان پهرين بجلي جي اسم جي حوالي سان سنڌ ۽ مرڪزي حڪومتون مجموعي طور تي پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪنديون، سنڌ جي هن اهم اداري جو منافعي بخش بنجڻ ممڪن نظر نٿو اچي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ايمانداري ۽ نيت جي ضرورت آهي، تنهن ڪري منهنجي راءِ موجب سنڌ ۾ بحران، بجلي جو نه پر سڌارا آڻڻ جي نيتن جو آهي
    .
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ ۾ بحران بجليءَ جو آهي يا نيڪ نيتن جو؟

    هر سال گرمين ۾ بجلي جو بحران وڌائي هي ڪالاباغ ڊيم جو سوچي رهيا آهن آهن چون ٿا ڪاري ڊيم ٺهڻ سان توانائي وڌندي پر جيڪڏهن وڌي به ته اسان کي ڪجهه ڪون ملندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو