حشو ڪيلوراماڻي جي جنم ڏينھن جي مناسبت سان : ڏاهيُون ڏکَ ڏِسن... احمد شاڪر سنڌ جا سُورما رڳو سرحدن جي دفاع جي لاءِ پنهنجي سُورهيائپ کي ڪونه وقف ڪيو آهي پر هنن ته پنهنجي سُورهيائپ کي ڏاهپ جي ڏيهه ۾ به ڏيکاريو آهي. سنڌ جي سُورمن جي قطارَ ڪُونجن جي قطارن کان به تمام گهڻي ڊگهي ۽ خوبصورت آهي. سنڌ جي ڏاهن جِي ڏاهپَ هر ڏيهي ۽ پرڏيهيءَ کي ڏندين آڱريُون ڏياريندڙ واقعي رهي آهي. هڪ طرف سنڌ جي سُورمن جِي سورهيائپَ ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ڏاهن جِي ڏاهپَ! انهن نُقطن جِي جيڪا حقيقي ڊيفينيشن آهي، اها عملي طور اسان کي امير سنڌ جي امير ماڻهوءَ حشو ڪيولراماڻيءَ جي ڪردارَ ۾ بلاشبا بکي سگهجي ٿي. ڪردارَ! حالتن سان هلڻ جو حوصلو ڏيندا رهندا آهن ۽ هر ايندڙ وقت کي هنن جي ذهن جي زرخيز زمين پنهنجي ذهانيت سان ڇڪي وٺندي آهي! يعني ڪي هُو دُور انديش ئي هوندا آهن ۽ اهڙا ئي ڪردارَ جڏهن ماضيءَ جو هڪ وساريل باب بڻجي ويندا آهن ته پوءِ هينءَ ٿيندو آهي، جيئن ڊبليو سمرسيٽ ماهم چيو آهي: ”توهان ڪڏهن به پنهنجي ڪردارن بابت مڪمل ڄاڻي نه ٿا سگهو.“ حشو ڪيولراماڻي به سنڌ کان ڪنهن حدَ تائين ته وسري چڪو هو! پر هو ته هاڻي دريافت ٿي چُڪو آهي! هاڻي حشوءَ جو قد مهين جي دڙي جي اسٽوپا جيان اُوچو، اُوچو پري، پري تائين نظر اچي رهيو آهي. حشو ڪيولراماڻي ڀريا (ڀريا هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز جو تعلقه هيڊ ڪواٽر آهي.) جي ڳوٺ ۾ 20 ڊسمبر 1914ع ۾ اک کولي. ۽ والد ديوان ٽهلام جي نظرن جو مرڪز صرف اٺن سالن تائين رهيو! ( حشوڪيولراماڻيءَ جو والد ديوان ٽهلام ان وقت وفات ڪئي هئي، جڏهن حشو اٺن سالن جو ٻار هو.) ۽ پوءِ هُو (حشو) جيجل جِي جهوليءَ ۾ جهومندو، پڌرَ تي بانبڙا پائيندو وکون کڻندو، جواني ۽ جوڀن جي وهيءَ جي تخت تي پروان ٿو ٿئي. حشوءَ جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس امڙ جِي ايمانداران عظمت جو اولڙو آهي. سندس خاندان ”ڀريا“ جو خاشو امير ۽ زميندار گهراڻو هو. سندس ڏاڏو ”کنومل“ امير، زميندار هوندو هو. حشو ڪيولراماڻيءَ ڀرين جي ڳوٺ جي ڳلين ۾ ضرور پنهنجي ڀاءُ ”گوپچند“ سان کيڏيو، کليو ۽ مستين منجهه مُرڪيو هوندو. حشوءَ جي ٻاراڻي ۽ جوانيءَ جون هُٻڪارون ”ڀرين“ واري حويليءَ ۽ ڪراچيءَ واري فليٽ ۾ ضرور هونديون ۽ ها... هُن جي پيرن جا نشان ضرور ”سَن“ جي ڳوٺ ۾ سائين جي ايم سيد جي سنڌو درياهه جي ڪنڌي واري بنگلي جي پڌر تي هوندا. جتي حشوءَ ڪافي ڏينهن ۽ راتيون گذاريون هيون. حشو ڪيولراماڻي تعليم ولايت مان پرائي. هُو ان کان اڳ (اين.جي.وي) هاءِاسڪول ڪراچيءَ مان سيڪنڊري تعليم به پرائي چڪو هو. سريلنڪا ۽ انگلينڊ مان به تعليم پرايائين. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران هُن (حشوءَ) جِي ڪُرستان ڇوڪري شانتيءَ سولونا سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. جيڪا اصل ۾ بمبئي جِي رهندڙ هئي. هيءَ (شانتي سلونا) حشوءَ جي شايد پهرين محبت هئي محبت جيڪا هنن جي ڪافي هلي ۽ ايتري تائين جو سندن شاديءَ جي باري ۾ به گفتگو ڪيائون پر نه شادي ٿي سگهين ۽ نه ئي وري سنگت جي سڳي کي مضبوط بڻائي سگهيا. حشو ڪيولراماڻي آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ دوران اندرا گانڌي، فيروز گانڌي ۽ ڪرشنا مينن سان به ڪچهريون ڪندو رهيو. ان کان پوءِ حشو اتي (آڪسفورڊ) پڙهڻ دوران ڪافي سياست جي ويجهو به اچي چڪو هو. سندس والدن جون اميدون هيون ته هُو (حشو) ڪو اعليٰ آفيسر ٿي ورندو پر نه حشو تـ اتان (آڪسفورڊ) هڪ سياسي، سماجي ذهنيت جو زخيرو ٿي وريو. سندس سوچون ”سج سريکو سچ!“ جي مصداق رمنديون اسان کي نظر اچن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هُو هڪ جينيئس هو ۽ جينيئس هر دور خاص ڪري مسقبل کي دُور انديشيءَ جِي خوردبينيءَ منجهان پَسي، عامَ سان پنهنجا ويچارَ ونڊيندا آهن ۽ اهي ويچارَ وقت جي وهڪري ۾ ڪڏهن به گم ناهن ٿي سگهندا. حشو ڪيولراماڻيءَ جِي پتني ”سُرلا“ ۽ سندس پُٽ ”گُل“ ٻه ڌيئر ”مينا ۽ نينا“ سان جيون جا جهانجهر جهڙا ڏينهنڙا گذريا. ڪاش! حشوءَ جي نجي زندگيءَ تي ”سُرلا، گُل، مينا ۽ نينا“ جا ڪير ويچارَ ڪنهن ڪوري ڪاغذ تي قيد ڪري ها / ته سندس هستيءَ جو هر هڪ خاص طور نجي زندگيءَ جو ورق چٽو پٽو ٿي پئي ها. حشوءَ جو پُٽ ”گل“ بقول شيخ اياز جي ته ”جينيئس ٿو لڳي.“ ۽ گُل! آرٽ ۾ به بچپن ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي ۽ هُو اڄ ڪلهه ”جرمني جي شهر ڊسل ڊورف ۾ هڪ اينيميٽر آهي.“ (ڪتاب: سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي.) حشو ڪيولراماڻي جو جيڪو بـ پورهيو آهي، ورهاڱي کان اڳ جو اهو ڪٿي آهي؟ يا حشوءَ ورهاڱي کان اڳ ادبي سياسي مضمون، مقالا يا ڪهاڻيون ڪونه لکيون هيون؟ مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتابَ ”حشو ڪيولراماڻي: نه وسرندڙ شخصيت“ ۾ هڪ حشوءَ جي ڪهاڻي ”پدم“ نالي سان ڏني آهي ۽ ممڪن آهي ته حشوءَ ورهاڱي کان اڳ ٻيون به ڪي ڪهاڻيون لکيون هجن. هنن ٻنهي ڪتابن (حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت ۽ سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي) ۾ حشوءَ جي صرف هڪ ڪتابَ ”پاڪستان ايڪسريڊ“ (هن ڪتاب تي اڳتي لکبو.) ۽ ٻيو حشوءَ جي هڪ ڪهاڻي ”پدم“ ۽ سندس سنڌي ڪهاڻين جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”سنڌي شارٽ اسٽوريز“ جو پيش لفظ ڏنل آهي... ۽ بس! ڇا حشوءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ادبي ۽ سياسي پورهيو آهي يا ناهي.!؟ شيخ اياز پنهنجي جيل ڊائري (ساهيوال جيل جي ڊائري) جي صفحي 167 تي لکي ٿو ته ”1963ع ۾ مان جڏهن حشوءَ سان دهليءَ ۾ مليو هوس ته حشوءَ سان سُرلا جِي شادي ٿي چڪي هئي. مان ڀانيان ٿو ته سُرلا جو اڳيون مڙس مري ويو هو ۽ ان کان پوءِ هن حشوءَ سان شادي ڪئي هئي، هن کي ٻه جوان ڌيئر ۽ گل جي نالي سان هڪ ننڍو پُٽ هيو ۽ ساريءَ فيمليءَ جا فوٽو منهنجي البم ۾ آهن. حشو پنهنجو نالو سردار حشمت الله ۽ پُٽ جو نالو گل محمد ٻُڌايو هو.!“ شيخ اياز جي هن آخري سٽ، ”حشو پنهنجو نالو سردار حشمت الله ۽ پُٽ جو نالو گل محمد ٻڌايو هو.“ هن سٽَ کي پڙهڻ کان پوءِ هڪ دم ايئن ٿو محسوس ٿئي ته حشو ڄڻ مسلمان هجي! پر هالانڪه هو ته مسلمان ڪونه هو. ڇا حشو ڪيولراماڻي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هُن کان ماتر ڀومي سنڌ ڇڏائي وڃي ٿي ۽ هو انڊيا ٿو وڃي ته حشوءَ اتي ”اسلام“ ته ڪونه قبوليو هو.!؟ شيخ اياز جي انهن سٽن کي ڪنهن ليکڪ ڇو ڪونه هينئر تائين پنهنجي نظرَ مان ڪڍي لکيو آهي.!؟ بقول نصير اعجاز جي ته ”حشوءَ پاڻ به هڪ اخبار ´سنڌ هلچل` جي نالي سان ڪڍي هئي.“ تحقيق انهيءَ تي به تفصيل سان ڪونه ٿي آهي ته حشوءَ ڪا اخبار به ڪڍي هئي يا نه جي ها ته پوءِ انهيءَ پاسي (صحافت) تي ڪنهن هينئر تائين قلم ڇو ڪونه کنيو آهي.!؟ جيئن آئون هتي سوالَ ٿو ڇڏيندو / ڪندو هلان ۽ ايئن ئي اهڙيءَ طرح سان غلام رباني آگري پنهنجي ڪتابَ (سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر) ۾ حشوءَ متعلق مختلف پهلوئن تي سوالَ اٿاريا هئا ۽ انهن سوالن جا سٺا جوابَ ڊاڪٽر پارس نواز پنهنجي ڪتاب (سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي) ۾ ڏنا آهن. حشو ڪيولراماڻي سياسي ذهن رکڻ جي باوجود به ڪنهن سياسي جماعت جو ميمبر ڪونه بڻيو. شايد هن ان وقت جي سياسي جماعتن مان مطمين نه هيو يا ڪو ٻيو ئي سبب هيو؟ هالانڪه ان وقت ۾ ته ڪانگريس ۽ ٻيون کوڙ ساريون جماعتون هيون. جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي رهيون هيون. ها! پر، حشو ايڪٽيوٽس ضرور نظر اچي ٿو. تڏهن ئي ته هو ان وقت جي ڪارندن جي قيد خانن جو قيدي بڻجي ٿو. حشو تقريبن 28 کان 30 مهينا جيل ياترا ڪئي. هيءُ اھو ئي حشو آهي جنهن سائين جي ايم سيد جي موقف کي پهريون دفعو انگريزي زبان ۾ متعارف ڪرايو. هيءُ اُهو ئي حشو آهي، جنهن کي سائين جي ايم سيد پنهنجو سياسي استاد ٿو سڏي. حشو ڪيولراماڻي جي زندگيءَ ۾ ورهاڱي جو وقت وِهُه جهڙين ساعتن جو وقت هو! هُن ڪٿي پئي چاهيو ته سنڌ کي ڇڏيان. هن سنڌ ڇڏي ڪونه هئي. پر، هُن کان سنڌ ڇڏائي وئي هئي! انهيءَ وچ ۾ (ورهاڱي وقت) هيءُ (حشو) ڪافي وقت تائين سنڌ ۾ ٽڪيو رهي ٿو ۽ جڏهن سنڌ کان ڇڏايو وڃي ٿو ته انهيءَ ڏينهن جي منظرَ کي شيخ اياز پنهنجي جيل ڊائريءَ (ساهيوال جيل جي ڊائري) جي صفحن تي سُورن جو سلاب آندو آهي! حشو ڪيولراماڻيءَ پنهنجين اکين ۾ ”خوشحال سنڌ“ جا خواب ٽاڪيا هئا ۽ انهن خوابن جي ساڀيان صحرا جي واريءَ جي وَرِ چڙهي وئي. هن انڊيا ۾ رهندي جيڪي انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکيا (بعد ۾ اهي ڪالم پاڪستان ايڪسريڊ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا... ۽ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر پارس نواز پنهنجي ڪتاب سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيو آهي.) اهي ڪالمَ حشوءَ جي وسيع خيالن، مشاهدن ۽ تجربين جو تاج محل آهن. ان ڪتابَ (پاڪستان ايڪسريڊ) جي مهاڳ ۾ حشو لکي ٿو: ”اهو منهنجو اعزاز ليکجي جو ورهاڱي کان پوءِ به ٽن ورهين تائين پنهنجي اباڻي وطن ۾ ٽڪيل رهيم.” حشو ڪيولراماڻي هڪ طرف ورهاڱي کي ڪربلا جي واقعي سان ٿو ڀيٽي ته ٻئي طرف وري 1947ع وارين حالتن کي سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا کي هڪ ٻئي مهين جي دڙي جهڙي تباهه ڪُن حالتن سان ٿو ڀيٽيندي نظر اچي. حشوءَ جي نظر ۾ ”پاڪستان هڪ کٽر لتُون هڻندڙ ٻار هو.“ هن (حشوءَ) پنهنجي ڪالم ڪتابَ (پاڪستان ايڪسريڊ) جِي ارپنا سرحد جي گانڌي خان غفار خان کي ڪئي آهي ۽ حشو؛ خان عفار خان جو ٻانهن ٻيلهي به رهيو. هن انڊيا ۾ رهندي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيارائڻ ۾ صفِ اول تي نظر ٿو اچي ۽ انڊيا ۾ رهندي ”سنڌو سماج تنظيم“ ٺاهي هئي، دهليءَ ۾ ۽ ان جو 1956ع ۾ صدر به رهيو ۽ هُو انڊيا ۾ رهڻ دوران علم، ادب ۽ سياسي سرگرمين ۾ سرگرم ٿو نظر اچي. هُو ”هندستان اسٽينڊرڊ“ اخبار جو فري لانس صحافي پڻ رهيو ۽ اتي سنڌي زبان جي ان وقت اڀرندڙ نون ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کي انگريزي زبان ۾ متعارف ڪرايو ۽ سندن ڪهاڻين کي انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪري. ”سنڌي شارٽ اسٽوريز“ جي نالي سان ڪتاب پڻ ڇپرايو. مدد علي پنهنجي ڪتابَ (حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت) جي صفحي نمبر 39 تي لکي ٿو: ”حشو صاحب آڪٽوبر 1955ع ۾ نئين دهلي ۾ شاهـ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسي پهريون ڀيرو ملهائي.“ ۽ اهڙيون ڪي ئي سماج سڌارڪ سرگرميون حشو ڪيولراماڻي جي حصي ۾ اچن ٿيون. حشو ڪيولراماڻي هند مان سنڌ جي اديبن ۽ دوستن ڏانهن جيڪي به خطَ لکيا آهن. اهي چاهي سائين جي ايم سيد ڏانهن، ابراهيم جويو ڏانهن يا وري مدد علي سنڌي ڏانهن خط لکيا آهن، انهن خطن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته انهن ۾ حشوءَ رڳو ڪتابن جي باري م لکيو آهي. يعني ڪي هو انڊيا ۾ ايڏو ته اڪيلو ۽ تنها هو... جو هُو رڳو ڪتابن ۾ ئي پناهه وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو هو. سندس زندگيءَ جو هر ورق وکريل، وکريل ٿو نظر اچي. هُن جو اندر ان وقت ٿو وسامندي نظر اچي، جڏهن کان سنڌ ڌرتي ڇڏرائي ٿي وڃي ۽ حشوءَ جي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ٻُڌندي، پڙهندي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ ڪو ريگستاني ڪارو وڇون ڏنگي رهيو آهي! وڏو ماڻهو... داناءُ حشو ڪيولراماڻي انڊيا ۾ اڪيلو آڙاهه ۾ جلي ٿو وڃي. هيڏن وڏن نالن ۽ سنڌي اديبن جي باوجود به.!؟ آخر ڪار هو؛ ڪيئن ٿو وڃائجي وڃي؟ ڪيرت ٻاٻاڻي، لڇمڻ ڪومل، موهن ڪلپنا ۽ ٻين سنڌي اديبن جي هوندي.!؟ هُنن؛ حشوءَ جهڙي جينيئس کي آخرڪار ڪهڙين مجبورين جي ڪري اگنور ڪيو.!؟ حشو ڪيولراماڻيءَ جي وهيءَ جا آخري ڏينهن وِهُه جي وهڪري جيان وهندا نظر اچن ٿا! سندس آخري ڏينهن ۾ ويجهن دوستن کان ٻه، پنج، ڏهه روپيا وٺندو رهي ٿو ۽ ايئن چوندو رهي ٿو: ”آئون ورلڊ ڪلاسڪ نالي سان ڪتاب لکي رهيو آهيان ۽ ان مان مون کي جهجهو معاوضو ملندو، جنهن مان آئون اوهان کي پئسا موٽائي ڏيندم.“ ڇا واقعي ۾ حشو اهڙو ڪو ڪتاب ان وقت لکي رهيو هو.؟ يا محض محوبه (سنڌ) جي جُ دائيءَ ۾ هُن جي ذهنَ جون باريڪ تنتون ٽُٽي ويون هيون.!؟ هُن جا پيرَ پدمڙا ممبئي ۽ دهليءَ جي دڳن تي گهميا ۽ ممبئيءَ ۽ دهليءَ جِي ڳلين ۾ هُن جا ٽهڪَ ۽ ڳالهيون ان وقت ضرور گونجون هونديون ۽ الهاس نگر جي نگريءَ ۾ هن نگاهون نيري اُڀَ ڏانهن ضرور ڊوڙايون هونديون ۽ 38 ڀڳت سنگهه مارڪيٽ دهليءَ ۾ ضرور حشوءَ جون ڳالهيون ۽ ٻولَ ٻهه ٻهه ٻريا هوندا. ڇا هاڻي انهن ٻولن جا پڙاڏا ڪير ٻُڌي ٿو.؟ ۽ حشوءَ جون آخري گهاريل گهڙيُون الهاس نگر جي ڳلين، مارڪيٽن ۾ ڪئين گذريُون.؟ اهي گهڙيون ايڏيون اذيتناڪ ڪيئن بڻجي ويون.؟ انهن ڳالهين کي ان وقت ڇو نه ڪنهن سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.!؟ حشوءَ جي لاءِ هندستاني ماڻهن جي ڪنهن گهر جو تاڪ ڪون کليو ۽ هُو الهاس نگر جي مساڻن ۾ رهڻ لڳو.! هي سڀ ڳالهيون اوهان کي يقين جوڳيون لڳن ٿيون.!؟ سنڌ جو وڏو ماڻهو... انڊيا ۾ بي يارو مددگار در، در دربدر دڳ، دڳ تي دُونهين جهل ٿي ٿو وڃي! حشو ڪيولراماڻيءَ جو الهاس نگر مان گم ٿيڻ جو سال 1986ع ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. کيس آخري ڏينهن ۾ جنهن ماڻهو ڏٺو هو، سو سندس ويجهو عزيز مسٽر ماڌو ڀمڀاڻي هو. جنهن کان حشوءَ ڪجهه روپين جي به گُهرَ ڪئي هئي. حشوءَ جي آخري ڏينهن کي هر ڪنهن پنهنجيءَ، پنهنجيءَ اکَ جِي خوردبينيءَ سان ڏٺو آهي. ڪنهن ان سال تمام گهڻي مينهن پوڻ ۽ برساتي ريلن ۾ حشوءَ جي گُم ناڪي جو گس گهيڙيو آهي ته ڪنهن وري سندس ويجهي عزيز مسٽر ڀمڀاڻي هٿان قتل جو خدشو ڏيکاريو آهي پر، انهن راين کان پوءِ جيڪو هاڻي تازو رايو سامهون آيو آهي. اهو اِهو آهي، جيڪو ڊاڪٽر پارس نواز پنهنجي ڪتابَ (سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي.) جي صفحي نمبر 13 تي ڏنو آهي: ”هي پنجون نمبر راءِ حشو جي پُٽ گل ڪيولراماڻي (جيڪو جرمني شهر ڊسل ڊورف ۾ هڪ اينيميٽر آهي.) جي آهي. هُن جو چوڻ آهي ته 1986ع ڌاري حشو ڪڇَ جي رڻ ۾ ويو، جتي هُو لاڏاڻو ڪري ويو. مهاراشٽر جي هڪ عام ماڻهو شلڪرام کيس اتي ئي دفنايو.“ پر، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جهڙي طرح حشوءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪنهن سارَ سنڀال نه لڌي، اهڙيءَ ئي طرح حشوءَ جي گم ٿيڻ تي به ڪنهن تحرڪ نه ورتو.! حشو ڪيولراماڻي جي ڳولا جي سفر کي ڊاڪٽر پارس نواز پنهنجي ڪتابَ (سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي.) ۾ زيري بحث آندو آهي ۽ ڊاڪٽر پارس نواز؛ حشوءَ جي هستيءَ کي نامور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار قرت العين حيدر جي جڳ مشهور ناولَ ”آگ ڪا دريا“ جي ڪردارن ۾ به دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ناولَ جي مقالمن سان، حشوءَ جي ڪالم ڪتابَ (پاڪستان ايڪسريڊ) جي ڪالمن سان ڀيٽ ڪندي ڏيکاري ٿي. حشو ڪيولاماڻي جي جيون جون آخري راتيون وِهُه بڻجن اهو به مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو ۽ مولانا آزاد جي هندستان ۾ اهو اسان جو ڏوراپو انهن عظيم انسانن ڏانهن پڻ آهي، ته اوهان جي هندستان ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، مهاراجا ڏاهر ۽ سائين جي ايم سيد جي سنڌ جو سپوت گم ٿي ويو ۽ اوهان جي پونئرن ان معاملي تي ڪوبه تحرڪ ڪونه ورتو. حشو ڪيولراماڻيءَ تيمجيترو به لکيو ويو آهي. اهو اڃا گهٽ آهي. جيئن مهين جي دڙي جي کوٽائي 10 سيڪڙو ٿي آهي ۽ اڃا 90 سيڪڙو رهيل آهي. بلڪل ايئن ئي حشوءَ جي شخصيت، فن، فڪرَ تي 10 سيڪڙو لکيو ويو آهي ۽ اڃا 90 سيڪڙو لکڻو آهي. هيءُ سٽ پڙهي ڪري پيڙاءُ جو پيگ لڳو ۽ اها هي سٽ هئي: ”ايشيا جو وساريل شخص.!“ اها سٽ ڊاڪٽر ايوب شيخ لکيي هئي، حشوءَ تي لکيل مضمون ۾ حشوءَ جي لاءِ.! ۽ واقعي ۾ اها سٽ غور طلب آهي. حشوءَ وٽ حشمت هيڪاندي هئي ۽ هن جي شخصيت سرڪش هئي! هن جي محنت ۽ محبت جو محور صرف ۽ صرف سنڌ جي ڌرتي هئي. هن جي ڌرتي سنڌ هئي. هن جي سرتي سنڌ هئي.