(20 ڊسمبر تي جنم ڏڻ جي حوالي سان) حشو ڪيولراماڻي : هو حشو جيڪو سنڌ هيو...! علي عاجز اڄ سنڌ جي هن سٻاجهي سپوت سندي زندگي تي سوچيندي مون کي هن جو ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻولي جو مهان ڪوي شيخ اياز ياد اچي رهيو آهي.جنهن لکيو هو ته سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌي جيئن انسان ڪيڏا مڙس مهان مٽي منجھ سمايا هي شعر سنڌ جي سموري آڌجگاد جي تاريخ جي عڪاسي ڪندي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي وشال ڪک مان ڪڏهن به پورو نسل نڪمو پيدا نه ٿيو آهي. هر دور ۾ ڪي انسان اهڙا به پيدا ٿيا آهن جيڪي لطيف جي لفظن ۾ لوڪ سان لهوارا ناهن وهيا بلڪ انهن اونچو اوڀار وهي.تاريخ جي توازن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جن مان ڪن پنهنجي حيات تان به هٿ کڻي مارڳ ۾ موت قبوليو آهي .پر موٽڻ مھڻو ڄاتو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن جو عشق پنهنجي منزل ۽ مقصد سان رهيو آهي. پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان رهيو آهي. ته اهو اهڙو ڪوجهو ڪم ڪيئن ڪري سگهن.بقول ڀٽائي جي ته جي لوڻ لڱين لائين چيري چيري چم مون ڪر اڳي نہ ڪيو، اھڙو ڪوجھو ڪم، جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنھوارسين اهڙن آنڌي جهڙن انسانن ۾ هڪڙو مهان ماڻھو حشو ڪيولراماڻي به هو. جنهن کي سنڌ جو هڪڙي پوري دور جو نسل وساري ويٺو. آئون اهو سوچيندي به حيران ٿيندو آهيان ته اسي کان نوي ۽ نوي کان ٻه هزار تائين جي ٽھي جا شاگرد جيڪي سياسي حوالي سان اسان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ سرگرم ۽ گهڻ پڙهيا هئا.تن به حشو بابت ڪجھ نه لکيو. نه ئي سندس ڪردار تي وقت جي ڄمي ويل دز کي ڇنڊي ڦوڪي حشو ڪيولراماڻي جي ڪردار کي ڪنول ڪنول ڪردار جي قطار ۾ ڪري بيھاريو. اها ته ڀلائي ٿي ڪونج رسالي جي ايڊيٽر جي جنهن سڀني کان اڳ سنڌ جي هن وساريل سپوت ترقي پسند قومي ڪارڪن ڪهاڻيڪار ۽ سيد جي ساٿي ڏانهن ڌيان ڇڪائي .پنهنجي رسالي جو هڪڙو مڪمل نمبر حشو ڪيولراماڻي کي ڀيٽا ڏيندي ڪڍيو.تنهن کان پوءِ (روشني پبليڪشن جي سربراه علي نواز گهانگرو جي نياڻي) ڊاڪٽر پارس نواز گهانگرو ۽ مدد علي سنڌي حشو تي ڪتاب سھيڙيا . مدد علي سنڌي واري ڪتاب جا ڪجھ پاسا اڻ پورا آهن. جن تي سوال اٿاري سگهجن ٿا. پر تنهن هوندي به سندس ڪم قابل تعريف آهي. تنهن کان پوءِ ايوب کوسي حشو ڪيولراماڻي تي "مري جي ڏٺوسين " نالي ناول پڻ لکيو آهي. پر هنن سڀني ڪتابن سميت شيخ اياز جو "ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون" ڪتاب ۾ حشو ڪيولراماڻي جي شخصيت تي لکيل هي نظم به آسمان جي اڱڻ تي رونما ٿيندڙ اڇين کيرڌارئن جيان آهي. الهاس نگر جي تيز هوا جنهن وقت حشو کي ڳولي ٿي الهاس ندي ۾ ڦولي ٿي هو ڪير هيو جو سپنو هو جو قيد ڪڙن ۾ ساڀيان جي هئن ڦاٿو هو تاريخ هئي طوفانن جيان مان ان ۾ تحرون هُن جون ڪنهن جاءِ ڏسان هو حشو جيڪو سنڌ هيو انسان هيو ارمان هيو نادان هيو هُن ڪو نه ڪيو ڪو سمجهوتو اي ڪاش ! انهي جو مان جوتو ڪنهن وقت کڻان اي ڪاش ! سمئه جي ٺوڙھ مٿان ايڏو ته هڻان ايڏو ته هڻان ايڏو ته هڻان. سنڌي شاعري جي صدين تائين جي هن سُرجهڻار نه فقط حشو ڪيولراماڻي جي جوتي کڻڻ جي حسرت ڏيکاري آهي بلڪ حميد سبزوئي موجب "1963ع ڌاري جڏهن هُو دهليءَ ۾ هڪ شام ۾ شريڪ هو ۽ پنهنجي شاعريءَ جو مڌ اوتي رهيو هو ته اُن محفل ۾ اوچتو حشو اُٿي بيٺو. هو ٻه ڍُڪ پيتل ضرور هو، پر هن جا سڀ حواس سالم هُئا. ”شاعر!“ هن ايازکي مخاطب ٿي چيو هو، ”منهنجي پيرن تي هٿ رک ته هنن کي خبر پوي ته مان ڇا آهيان؟“ سموري پنڊال کي نانگ سُنگھي ويو هو. اياز جون اکيون ڀرجي آيون هُيون ۽ هن ڏڪندڙ هٿن سان هن جا پير ڇُهيا هئا. اُهي پير جن ڏاڍو سفر ڪيو هو ۽ ڏاڍا ٿڪجي پيا هُئا يا هنن کان وڌيڪ پنڌ نٿي پُڳو " حشو ڪيولراماڻي جو مڪمل نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي هو. سندس جنم ڀرياسٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾، 20 ڊسمبر 1914ع ڌاري ٿيو. حشو جو والد ٽهلرام پٽ کيومل روينيو کاتي ۾ ملازم هو ۽ آخر ۾ ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عهدي تي پڻ رهيو. هن شروعاتي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ئي ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪول ۾ ڏنائين. تنهن کان پوءِ سترهن سالن جي ڄمار ۾ هندستان کان ٻاهر ’سيلون‘ ويو. جتان ٻيهر مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت ينگ مينس ڪرسچن ائسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. حـشـو ان کان پوءِ 1935ع ۾ انگلنڊ ويو، جتي آڪسفرڊ يـونيـورسـٽيءَ ۾ ’آئي. سـي. ايـس‘ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پر انهيءَ کي اڌ ۾ ڇڏي سياسيات ۽ اڪانامڪس پڙهڻ لڳو پر آزاد خيال طبيعت سبب ڪا به ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو. لنڊن ۾ رهائش دوران ريڊيڪل (Radical) سوچ وارن جي صحبت ۽ اثر هيٺ رهي سوشلزم طرف ڇِڪجي ويو ۽ انگلنڊ جي پورهيت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان زماني ۾ هندستان جي شاگردن ’انڊيا ليگ، لنڊن‘ ٺاهي، جنهن ۾ ڪرشنا مينن اڳرو هو ۽ اندرا گانڌيءَ به اُن جي ميمبر هئي. حشو ڪيولراماڻي هن تنظيم جو صدر رهيو. انگلنڊ ۾ رهائش دوران ئي حشو ڪيولراماڻيءَ جي هندوستان جي مدبر سياستدان پنڊت جواهر لعل نهروءَ سان به واقفيت ٿي. سال 1939ع جي ڊسمبر مهيني ۾ حشو ڪيولراماڻي، انگلنڊ مان واپس سنڌ آيو ۽ هي ڪراچي مزدور تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. سنڌ ۾ شاگرد تحريڪ جو اڳواڻ رهيو.خاص طور تي " آل سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن" جي قيام ۾ حشو ڪيولراماڻي جو اهم ڪردار هو. جنهن ۾ شيخ اياز سوڀي گيانچنداڻي ڪيرت ٻاٻاڻي سميت ان وقت جا شاهاڻي لا ڪاليج جا اهم شاگرد ساڻس شريڪ هئا. جنهن سبب ان وقت جي انگريز سرڪار حشو کي گرفتار ڪري 18مهينا ڪراچي ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رکيو. جتان 1941ع ۾ آزاد ٿيو ته وري گرفتار ٿي 2 مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رهيو. جتان آزادي بعد حشو ادبي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. تنهن کان هن جي دوستي محترم جي ايم سيد سان ٿي . سنڌ ۾ پرچي وڌيارٿي کان پوءِ الله بخش سومرو ۽ حشو ڪيولراماڻي اهي ماڻھو هئا .جن سياسي حالتن جو انتھائي تُز ۽ تيز نظرن سان ڇيد ڪري ورتو هو.هنن بدلجندڙ حالتن جو گهرو مشاهدو ڪري سمجهي ورتو هو ته " سنڌي عوام جي مسئلن جو حل ليگ ڪانگريس يا ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا وٽ آهي ئي ڪونه سنڌي عوام جي مسئلن جو حل سندن جُدا قوميت جي بنياد تي پنهنجي الڳ آزادي جي گُهر ۾ آهي." جيڪو بنيادي خيال هن سيد صاحب کي سمجهايو هو. اهو سنڌي قوم جي الڳ سڃاڻپ بحال ڪرائڻ وارو هو. تنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته حشو ترقي پسند ۽ سماجوادي سوچ رکندي به سنڌي قوم جي قومي بنياد تي آزادي جو قائل ۽ نه فقط قوم پرست هو. بلڪ سنڌي قوم جي حق حاڪميت ۽ آزادي جو بنيادي طور تي تصور ڏيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخص هو. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي قوم جو مضبوط فڪري بنيادن تي تصور ڏيندڙ جديد قوم پرستي جي باني محترم جي ايم سيد به حشو کي پنهنجو استاد ڪري لکيو آهي. هو لکي ٿو ته " حشو ئي اهو ماڻھو هو جنهن کيس قوميت جو مسئلو سمجهايو ته گڏيل هندوستان ۾ مختلف قومون آهن ۽ سنڌ جي به هڪ قومي وطن واري حيثيت آهي. حشو ئي قوميت جي بنيادي متن کان مون کي واقف ڪيو. جنهن جي روشني ۾ آئون سموري صورتحال کي نيئن نقطه نگاھ سان ڏسڻ لڳس. ان وقت مون کي هندو يا مسلم قوميت جي نظريي کان ٻاهر ڪا راھ ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي.تنهن وقت حشو ڪيولراماڻي جي صحبت ۽ گفتگو مون لاءِ روشني جي تروري جو ڪم ڏنو ۽ حشو نه هجي ها ته آئون اونداهيءّ ۾ گم ٿي وڃان ها. " سائين جي مٿي ليک کي پڙهڻ کان پوءِ آئون هن نتيجي تي پهتو آهيان ته حشو جهڙو گهڻ پڙهيو سياسي مفڪر به سنڌ ۾ جيئن جو تيئن سوشلزم ۽ ڪميونزم جي ڦھلا جو حامي نه هو. نت هو ضرور ڪميونسٽ پارٽي جو حصو ٿي ها. نه فقط هتي پر هو ڌرتي ڌڪاڻو بڻجڻ بعد به اتي به ڪميونسٽ لابي جو حصو نه ٿيو . پر سنڌيت جي سڃاڻپ خاطر ڪوشان رهيو ۽ سنڌي ٻولي کي ڀارت جي قومي زبان جو درجو ڏيارڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيان البت هو هتي لينن جيان سماجوادي فڪر جي نيئن انداز تشريح هتان جي حالتن سان ٺھڪندڙ ۽ سنڌي سماج جي مزاج موجب بڻائڻ جو حامي هو. جنهن پوءِ "جيئمسٽ سوشلزم " جي نالي ۾ سڃاڻپ ورتي آهي. پر حشو ڪيولراماڻي کي سنڌ ۾ انگريز توڻي نيئن قائم ٿيل سرڪار هتي ڪم ڪرڻ جو موقعو ئي ميسر نه ڏنو.کيس گهڻو وقت قيد و بند ۾ رکيو ويو. پر انگريز سرڪار واري قيد واري عرصي ۾ جيل اندر حشو کي ٿي سگهي ٿو ته اها اميد هجي ته آزادي بعد هو ٻاهر ڪجھ لکي وٺندو. تنهن ڪري هو گهڻو وقت مطالعو ڪندو رهيو. پر ورهاڱي کان پوءِ واري قيد جي عرصي ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ سنڌي هندوئن خلاف فسادين ۽ وڳوڙين جي ويڙھ سندن ڪوس ۽ قتلام حشو کي ذھني طور منتشر ڪري وڌو هوندو . پر تنهن هوندي به هن پنهنجا بنيادي خيال سيد صاحب کي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويو. جيڪي اڳتي هلي ايترا ته پڪا ۽ پختا بڻجي ويا آهن. هاڻ جن کي رد ڪرڻ يا سنڌي قوم جي نوجوانن جي ذهن مان ڪڍڻ ڪنهن به لات منات يا نمرود فرعون جي وس ۾ ئي ناهي رهيو. پر حشو جهڙي ذهين شخص سامهون نيئن سرڪار بيوس ته ان وقت به هئي. سنڌ ۾ سندس هجڻ سرڪار لاءِ ڪنهن خطري کان خالي نه هو. تنھن ڪري جنوري 1948ع ڌاري کيس گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ رکيو ويو. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ حشو سيد صاحب طرفان سن ۾ سڏايل اجلاسن ۾ شريڪ ٿيو هو. سندس ڪتاب "نيئن سنڌ لاءِ جدوجهد" جو انگريزي ترجمو به ڪري چڪو هو ان کان علاوه پاڪستان جي اهم اڳواڻن جي خان غفار خان جي صدارت ۾ ڪراچي اجلاس گهرائڻ جي رٿ به سيد آڏو حشو پيش ڪئي هئي ته ان اجلاس لاءِ طويل ميمورنڊم به سائين جي ايم سيد موجب حشو ڊرافٽ ڪيو هو. گرفتاري بعد کيس ڊسمبر 1949ع تائين کيس مختلف وقتن تي ٽي چار دفعا عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. انهي عرصي ۾ صوبائي توڙي وفاقي سرڪار کي اهڙي درخواست پڻ ڪئي .جهڙي درخواست فرات ندي جي ڪناري ڪربلا جي ميدان تي امام عالي مقام حسين رضه يزيدي لشڪر جي سپھ سالارن کي ڪئي هئي. تنهن جو ذڪر هن 18 مئي 1949ع تي محترم جي ايم سيد کي خط لکي ڪيو هو. " بهرحال منهنجي ڪيس جو نتيجو اهو اچي ٿيو آهي . ته ٿوري وقت ۾ ڪراچي آئوٽ ٿيڻو پوندو . يا انگلينڊ وڃان پاسپورٽ سان. يا بمبئي ڏانهن پرمٽ سان هتان جي شهري جي حيثيت سان. يا پنهنجي وطن سنڌڙي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي صوفي بڻجان.پڇاڙي واري ڳالھ لاءِ خاص طور قاضي فصل الله جي ضرورت آهي. " ڊسمبر 1949ع ڌاري حشو کي جيل ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي ۽ مرڪزي سرڪار سندس سنڌ ۾ رهڻ ۽ پاسپورٽ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. تنهن ڪري هن وٽ سواءِ ڀارت وڃڻ جي ڪو به ٻيو رستو ڪونهي. 31 ڊسمبر تي حشو ڪيولراماڻي کي ڀارت روانو ڪيو پئي ويو ته آخري خواهش موجب پهريان پنهنجي فليٽ تي ويو جتان پنهنجي ڀري تري گهرمان فقط هالا جي جنڊي وارو گلدان کنيو پوءِ حيدر منزل تي محترم جي ايم سيد وٽ ويو جتي ساڻس شيخ اياز ۽ سندس دوست مونس به اچي مليا. تنهن کان پوءِ اورينٽ ايئر لائين جي جهاز ۾ چاڙهي حشو کي جلاوطن ڪيو ويو. جتي پهريان هو دهلي ۽ پوءِ بمبئي ۾ رهيو. ديس بدري جي درد حشو سان هڻي هاڃا ڪري وڌا هئا. ته سنڌ ۾ سکي ستابي فڪيٽري ۽ زمينن جي مالڪ حشو ڪيولراماڻي جي مالي حالت به انتھائي خراب ٿي وئي. هن ڪجھ وقت ادبي ڪم ڪندي سنڌي چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو ترجمو ڪري ڇپرايو ته وجل اخبار ۾ ايڪسريز آف پاڪستان جي نالي سان مضمون پڻ لکيا. جن مان هڪ مضمون ۾ هن پاڪستاني سياست ۾ فوجي اثر رسوخ مارشل لا ۽ بنگلاديش جي آزادي جي اڳڪٿي ڪئي هئي. جيڪا اڳتي هلي سچي ثابت ٿي. موهن گيھاڻي موجب " ستر واري ڏهاڪي ۾ حشو Paronia نالي نفسياتي بيماري جي ور چڙهي ويو. جنهن جو سبب اندروني ڇڪتاڻ ذهني دٻا مايوسي ۽ چنتا ٿيندا آهن. " ۽ پوءِ هو بغداد جي بهلول دانا جيان بڻجي ويو. البت بهلول دانا کان جنت خريد ڪندڙ ماڻھو ايندا هئا. پر افسوس جو سنڌي ٻولي جي هن ڀلوڙ اديب سياسي مفڪر گهڻ پڙھي شخص کان ڪير به ادب ۽ سياست جا بي بها موتي وٺي محفوظ نه ڪري سگهيو. سال 1986ع جي شروعاتي مهينن ۾ الهاس نگر مان حشو الوپ ٿي ويو.جنهن جي لاش به ڪٿي ملي نه سگهي. سندس موت بابت هندستان جي اديبن ۽ سندس پٽ گل ڪيولراماڻي جا مختلف رايا آهن. جن مان هڪ اهم رايو اهو به آهي ته هو الهاس نگر کان سنڌ اچڻ لاءِ اسيو هو. واٽ تي راجستان جي رڻ ۾ سسئي جيان سندس زندگي ساٿ ڇڏي وئي ۽ سنڌ جي هن مظلوم مسافر جو روح وطن جا وڻ پسڻ کان پهريان ئي پرواز ڪري ويو. اونچو اُتاهون گهڻو جيئڻ کي جـــــــــــبل مرڻ مون سين هل ته پٺي تو پنڌ ڪريان (لطيف) جتي هن جي لاش کي راجستان جي هڪ رهاڪو مٽي ۾ دفنائي ڇڏيو. آئون نه ٿو ڄاڻان ته ان رڃ جي رهواسي وٽ حشو کي ڏيڻ لاءِ ڪو ڪفن هيو يا نه . پر اڄ مون وٽ فقط لهو گاڏڙ لڙڪن جو پاڻي ۽ لطيف سرڪار جا لفظ آهن. جيڪي سموري دنيا ۾ سنڌيت لاءِ سوچيندڙ لوچيندڙ انسانن لاءِ آسرو ۽ آٿت به آھن. مرڻا اڳي جي مئا سي مري نه ٿين مات هوندا سي حيات جئڻان اڳي جي جيا..! تنهن ڪري هاڻ جڏهن به ساڌ ٻيلي جي ميلي تي سنڌي گڏ ٿيندا. جڏهن به ڪپھ جهڙين اڇين اپسرائن جي ڪارياين جا ڪنڱڻ ڇڻڪندا ۽ آزاد فصائن ۾ ٽهڪن جا ٽنوئر ٽڙي پوندا . ساڌ ٻيلي جي ڊيلن سامهون مور مُوڙي رقص ڪندا. وراھ ۽ ٻلهڙيجي جي ٻنين ۾ سارين جي لڏندڙ سنڱن جيان سنڌي ماڻهو آزادي جي عشق ۾ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي اٿي پوندا. ڀريا ۽ سن ۾ سنڌو ڀھڪ ۾ ٻيھر ميلا مچندا. ماڇڪي کان منھوڙي تائين ساري سنڌ ۾ سک ۽ سلامتي جا جهنڊا جهولندا. تنهن وقت پنهنجي ديس بدري جو درد وساري ڪنهن ڪاڪ ڪنڌي تان سنڌ مومل جي راڻي حشو ڪيولرماڻي جو به روح به مرڪي پوندو.