ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ ( ڊﺍڪٽﺮ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ) ﺟﻮ ﭘﻮﺭﻭ ﻧﺎﻟﻮ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻭﻟﺪ ﻗﺎﺋﻢ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺳﻮﻫﻮ ﻫﻮ . ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺗﺮﻗﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺳﻤﺎﺟﻲ ڪﻤﻦ ﻻﺀِ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ڪﻨﺪﻱ ﮔﺬﺍﺭﻱ . ﭘﻴﺪﺍﺋﺶ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻨﻮﺭﻱ 1919 ﻉ ﺗﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ڪﻮٽڏﻳﺠﻲﺀَ ﭜﺮﺳﺎﻥ ﺳﻮﻫﻮ ڪﻨﺎﺳﺮﺍ ﮘﻮﭞ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ . ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮘﻮﭞ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻣﺌٽﺮڪ 1941 ﻉ ۾ ﻧﺎﺯ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻧﻮڪﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﺣﺼﻲ ۾ ( 1978 ﻉ ) ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽﺮ ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲﺀَ ۾ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﻣﺎﻥ ’ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻲ ﻣﻴﺮﻥ ﺟﻮ ﺍﺩﺏ، ﺳﻴﺎﺳﺖ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ۾ ﺣﺼﻮ ‘ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﺗﻲ ﭘﻲ . ﺍﻳﭿ . ڊﻱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺳﻨﺪﺱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ﻣﻘﺎﻟﻮ 1994 ﻉ ۾ ﺍﻧﺴٽﻴٽﻴﻮٽ ﺁﻑ ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲ، ﭴﺎﻡ ﺷﻮﺭﻱ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻮ . 2009 ﻉ ۾ ﺳﺎﮘﻴﻮ ڪﺘﺎﺏ ﺛﻘﺎﻓﺖ ۽ ﺳﻴﺎﺣﺖ ﮐﺎﺗﻲ ﭘﮅﺭﻭ ڪﻴﻮ . ﻧﻮڪﺮﻳﻮﻥ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ P.W.D ﮐﺎﺗﻲ ۾ ﻧﻮڪﺮﻱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ، ﭘﺮ ﺟﻠﺪ ﺍﻫﺎ ﻧﻮڪﺮﻱ ﮀڏﻱ، ﺳﻨﮅ ﻣﺴﻠﻢ ڪﺎﻟﻴﺞ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺩﺍﺧﻞ ﭤﻴﻮ، ﺟﺘﺎﻥ 1946 ﻉ ﮄﺍﺭﻱ ﺍﻧٽﺮ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺑﻌﺪ ۾ ﻓﻴﺾ ﮔﻨﺞ ۽ ﮔﻨﺒٽ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻟﻦ ۾ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺭﻫﻴﻮ . ﻧﺎﺯ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭﺟﻲ ﻟﻘﻤﺎﻥ ﺑﺮﺍﻧﭻ ۾ ﺑﻪ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺭﻫﻴﻮ 1947 . ﻉ ۾ ﮐﻴﺲ ٽﺮﻳﻨﻨﮓ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻓﺎﺭﻣﻴﻦ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺑﺪﻟﻲ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﻧﻮڪﺮﻱﺀَ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺑﻲ . ﺍﻱ، ﺑﻲ . ٽﻲ ۽ ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ﺟﺎ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ، ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﺎﻻ ڪﺎﻟﻴﺞ ۾ ۽ ﭘﻮﺀِ ﻣﻤﺘﺎﺯ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ۾ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻮ ﻟﻴڪﭽﺮﺍﺭ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ ۽ ﭤﻮﺭﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﻻﺀِ ٽﻨڊﻭ ﺟﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ، ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ ۽ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ڪﺎﻟﻴﺠﻦ ۾ ﺍﺳﺴٽﻨٽ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﻮ، ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﻤﺘﺎﺯ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ۾ ﺍﻳﺴﻮﺳﻴﺌﻴٽ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ، ﺟﺘﺎﻥ 31 ڊﺳﻤﺒﺮ 1979 ﻉ ۾ ﺭٽﺎﺋﺮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺳﻴﺎﺳﺖ 1953 ﻉ ﮄﺍﺭﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﻼﺯﻣﺖ ﺗﺎﻥ ﺍﺳﺘﻌﻴﻔﺎ ڏﺋﻲ ڪﻮٽڏﺟﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻟﻴﺠﺴﻠﻴٽﻮِ ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲﺀَ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﺭﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﭼﻮﻧڊﻥ ۾ ﺣﺼﻮ ﻭﭠﻲ ﺍڪﺜﺮﻳﺖ ﺳﺎﻥ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﭤﻴﻮ . 21 ﺁڪٽﻮﺑﺮ 1955 ﻉ ﺗﻲ ﻭﻧﻴﻮﻧٽ ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻴﮡ ﺳﺎﻥ، ﺭﻳﺎﺳﺖ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻮ ﻭﺟﻮﺩ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺳﺒﺐ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺑﻪ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﻭﺋﻲ . ﺍﺩﺑﻲ ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ﻭڏﻱ ۾ ﻭڏﻭ ڪﻢ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ﺟﻲ ﺳﻮﺍﻧﺢ، ﻓﻦ ۽ ﻓڪﺮ ﺗﻲ ﺟﺪﻳﺪ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﺗﺤﻘﻴﻖ ﺁﻫﻲ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﺗﻌﺎﺭﻓﻲ، ﺳﻮﺍﻧﺤﻲ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﻣﻮﺿﻮﻋﻦ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﺱ ڪﻢ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻲ . ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ ﭘﺨﺘﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻭٽ ﺯﺑﺎﻥ ﺟﻲ ﻟﻄﺎﻓﺖ ۽ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻧﺰﺍڪﺖ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﻣﭥﺎﻫﻮﻥ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺟﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﺭﻭﺍﻳﺘﻲ ﺭﻧﮓ ۾ ﻭﻗﺖ ۽ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺟﻲ ﺗﻘﺎﺿﺎﺋﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮﻥ ﺁﻧﺪﻳﻮﻥ ۽ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻏﺰﻝ ﮔﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﻟﻴﮑﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﺭﺍﺀِ ﻣﻮﺟﺐ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ، ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ﻫڪ ﻧﺮﺍﻟﻮ ﻣﻘﺎﻡ ﺭﮐﻲ ﭤﻲ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺍﻫﺎ ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ، ﭘﺮ ﺳﻨﮅﻱ ﺷـﺎﻋـﺮﻱﺀَ ﺟـﻲ ﺷـﺎﮔـﺮﺩﻥ ﺗﻮڙﻱ ﺗﺤﻘﻴـﻖ ڪـﻨﺪڙﻥ ﻻﺀِ ﺩﻟﭽـﺴـﭗ ﺍﭜﻴـﺎﺱ ﺁﻫﻲ . ﺗﺼﻨﻴﻔﻮﻥ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ ﺟﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻮ ﺗﻔﺼﻴﻞ ﻫﻦ ﺭﻳﺖ ﺁﻫﻲ : ( 1 ) ’ ﺛﻤﺮ ﺣﻴﺎﺕ ‘ ( ﻣﻀﻤﻮﻥ : 1953 ﻉ ) ( 2 ) ’ ﺩﺭﺍﺯﻥ ﺟﺎ ﺩﺭﻭﻳﺶ ‘ ( ﻣﻘﺎﻟﻮ 1959 ﻉ ) ( 3 ) ’ ﻣﻨﺼﻮﺭ ﺛﺎﻧﻲ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ‘ ( ﺗﺤﻘﻴﻖ 1964 ﻉ ) ( 4 ) ’ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ڪﻼﺳﻴڪﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ‘ ( ﺗﺮﺗﻴﺐ 1981 ﻉ ) ( 5 ) ’ ﻧﻴﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻧﻌﺮﺍ ‘ ( ﺳﭽﻞ ﺳـﺮﻣـﺴـﺖ ﺟﻲ ﻓﺎﺭﺳـﻲ ﻣﺜﻨـﻮﻳـﻦ ﺟـﻮ ﺳـﻨﮅﻱ ﺗﺮﺟﻤﻮ 1983 : ﻉ ) ( 6 ) ’ ﻭﮐﺮﻳﻞ ﻣﻮﺗﻲ ‘ ( ﻣﻀـﻤـﻮﻥ ۽ ﻣﻘﺎﻻ 1983 : ﻉ ) ( 7 ) ’ ﺣﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﻼﻡ ‘ ( ﻣﺮﺗﺐ : ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺣﺪﺍﺩ : 1994 ﻉ ) . ﻭﻓﺎﺕ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻣﻲ، ﻟﺒﻠﺒﻲ ﺟﻲ ڪﻴﻨﺴﺮ ﺟﻲ ﻣﻮﺫﻱ ﻣﺮﺽ ﺳﺒﺐ، 3 ﺟﻮﻥ 1982 ﻉ ﺗﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ .