سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جون ڪوششون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جون ڪوششون​


    ڊاڪٽر ايوب شيخ

    اها پرويز مشرف جي دور جي ڳالهه آهي، جڏهن وزيراعظم ظفرالله خان جمالي، چوڌري شجاعت حسين ۽ شوڪت عزيز هئا. اها ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن سنڌ ۾ وزير اعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم هو. اچو ته ان سلسلي ۾ لاهور جي هڪ انگريزي اخبار ۾ 14 جون 2010ع تي ڇپيل هڪ خبر جيڪا سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ 2005ع ۾ انهن ٻه لک پاڪستاني پاسپورٽن جي گم ٿيڻ جي باري ۾ آهي، اوهان کي ٻڌايون، جيڪي سرڪار اتي رهندڙ برمين کي پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ آباد ٿيڻ لاءِ موڪليا هئا. اهي پاسپورٽ سعودي عرب ۾ موجود افغانين، برمين ۽ بنگالين کي ملندا رهيا آهن. پيرائتي خبر هيءَ آهي ته پاڪستان جي سفارتخاني مان اول ڇهه هزار پاسپورٽ گم ٿيا ته پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ”جاچ ڪميٽي“ فيصلو ڪيو ته ”انهن ڇهه هزار گم ٿيل پاسپورٽن جي ڪل رقم لاڳاپيل آفيسرن کا اوڳاڙي وڃي“. ان انڪشاف کانپوءِ پرڏيهي آفيس جي جاچ ٽيم پنهنجي هدايتن ۾ چيو ته، ”انهن گم ٿيل سمورن پاسپورٽن جي مڪمل رپورٽ ڏني وڃي ته اهي ڪنهن ڪنهن کي جاري ڪيا ويا“؟ آڪٽوبر 2005ع ۾ وزيراعظم کي اها رپورٽ پرڏيهي آفيس جي جاچ ڪندڙ آصف خان پيش ڪئي. ٻه لک غائب ٿيندڙ پاسپورٽن واري واقعي کان اڳ 2002ع ۾ جدي مان جيڪي ڇهه هزار پاسپورٽ گم ٿيا هئا، تنهن بابت رپورٽ کي سفارتخاني جي آفيسرن پاران پڻ ”ٻيڙي ماچيس“ ڪيو ويو، جنهن ۾ اتفاق سان اسانجو سعودي سفير اڄ به ساڳيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاسپورٽ حاصل ڪندڙ ڪجهه برمي سعودي عرب مان ڪراچي اچي ملڪيتون وٺي اتي رهڻ لڳا آهن. چيو وڃي ٿو ته اهي برمي دنيا جي مختلف دهشتگرد گروپن سان واڳيل آهن. 2005ع ۾ جڏهن شام جي سرحد تان هڪ برمي دهشتگردي ۾ پڪڙجي پيو ته وٽس اهوئي پاڪستاني پاسپورٽ هو، جيڪو سعودي عرب ۾ موجود سفارتخاني جاري ڪيو هو. اخبار چيو آهي ته، ”اسانجي سفير جا برمي ايجنٽن سان گهاٽا لاڳاپا آهن، جن جي مدد سان ان سفير صاحب پنهنجي خاص ماڻهن جي ڪانٽريڪٽ ۾ اضافو ڪرايو آهي“. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برمي مسلمان پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ اول بنگلاديش کان ٿيندا غيرقانوني طريقي سان سعودي عرب پهچن ٿا. اتان اهي پاسپورٽ وٺي ڪراچي پهچن ٿا. حيرت جي ڳالهه ته پنهنجي ٻارن جي عالمي اسڪولن ۾ اسڪالرشپس پڻ پاڪستاني ڪوٽا مان وٺن ٿا. ان جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ اول سعودي عرب جي آفيسرن کي ڏني، جيڪا پرڏيهي آفيس ۽ گهرو وزارت ڏانهن اُماڻي وئي، پر پرڏيهي آفيس ۾ موجود آفيسرن اها رپورٽ عام ٿيڻ ئي نه ڏني. قصو اتي پورو نٿو ٿئي. اهي برمي، جن کي سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو پاسپورٽ جاري ڪري ٿو، اهي آفيسر ڪجهه وقت اندر ئي ان تان ”ڳاڙهو ٺپو“ هٽائي ”برمي“ باشندن کي ”پاڪستاني“ بنائي ڇڏين ٿا. پاڪستان جي قانون موجب ڪائونسل جنرل ڪنهن به شهريت بدلائڻ جو اختيار نٿو رکي، جيستائين پاڪستاني ڪابينا اهڙي اجازت ۽ فيصلو نٿي ڪري، پر اتان جي نائب ڪائونسلر سفير جي سرپرستي ۾ ديده دليري سان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو. ان رپورٽ ۾ انهن ڇهه هزار پاسپورٽن جي جريان نمبرن جو تفصيل ۽ ڊيٽا پڻ ڏني وئي آهي، پر سفارتخاني انهن جو وچور پنهنجي رجسٽر ۾ داخل ئي نه ڪيو. اهي نمبر آگسٽ 1997ع کان جولاءِ 1998ع ۾ ڪراچي کان جدي موڪليا ويا هئا. چيو وڃي ٿو ته ان کان اڳ اٽڪل اڍائي لک برمي باشندن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيا ويا هئا، پر 1994ع ۾ پاڪستاني سرڪار اها سهولت ختم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ سعودي سرڪار جي چوڻ تي سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته رڳو ٻن سالن لاءِ اهي پاسپورٽ جاري ٿي سگهندا، پر جدي ۽ رياض سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني پنهنجي ڪرت جاري رکي. پاسپورٽ تي اهو لکيو ويو ته، ”هي پاسپورٽ رکندڙ ٻن سالن اندر پاڪستان ۾ شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿو“.

    پاڪستان ۾ حساب ڪتاب کان وسريل کاتو

    اچو ته پاڻ اڄ هڪ نئين کاتي، وسريل ۽ وساريل کاتي ۽ هر گهڙي سنڌين سان ظلم ڪندڙ کاتي جي باري ۾ ٿوري ڳالهه ٻولهه ڪريون. ان جي سنئين سڌي ذميداري وزيراعظم تي آهي ته هو ان انڪشاف جي صحت جي باري ۾ صاف رويو رکي، 63 سالن کان سنڌ سان جيڪي ڪجهه ان کاتي ۾ ٿيندو آيو آهي، تنهن جو تدارڪ ڪيو وڃي، اتفاق سان اهو هن دور ۾ به جاري آهي، ان کاتي جو نالو آهي پرڏيهي کاتو. ملڪ جون اڪثر وفاقي سياسي پارٽيون ان کاتي کي هر وقت وفاق ۾ رکڻ جو چونديون آهن. ان کاتي جا آفيسر هوندا آهن، ڊائريڪٽر هوندا آهن، قونصليٽ هوندا آهن، سفير ۽ هاءِ ڪمشنر هوندا آهن. گڏيل قومن ۾ جيڪي مستقل نمائندا ويندا آهن، سي پڻ اهو کاتو موڪليندو آهي. اچو ته ان جي باري ۾ خبر چار ڪريون. پرڏيهي کاتي ۾ ڪل آفيسر 472 ۽ سنڌ جا 44 آهن، جيڪي 10 سيڪڙو به نٿا ٿين. جنرل ضياءَ جي وقت ۾ 85 هزار ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي انهن کي مختلف وفاقي نوڪرين ۾ ”سنڌ ٻهراڙي“ جي ڪوٽا تي کنيو ويو. ان کاتي ۾ ڪيئي آفيسر، جن جو صوبي سان ڪڏهن به تعلق نه رهيو آهي، سي پڻ ان ڪوٽا تي نوڪريون پيا ڪن. ان کاتي ۾ ست ايڊيشنل سيڪريٽري آهن، جن مان خير سان هڪ به سنڌي ناهي. هڪ اسپيشل سيڪريٽري آهي، جيڪو پڻ سنڌ مان ناهي. کاتي ۾ سترنهن ڊائريڪٽر جنرل آهن، جن مان سنڌي ٻه آهن، جڏهن ته کاتي ۾ 34 ڊائريڪٽرن مان ٻه سنڌي هڪ ڊائريڪٽر فنانس ۽ ٻيو ڊائريڪٽر آمريڪا آهي، انهن جي پوسٽنگ عام طور ٻه سال هجي ٿي، پر سنڌ جي محترمه آمنا بلوچ چئن ورهين کان پوسٽنگ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهي. ان کاتي ۾ ڪل 74 اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڊائريڪٽر آهن، جن مان پنج ڄڻا سنڌي آهن. اڪثر سنڌين کي پوسٽنگ لاءِ يا ته آفريقا موڪليو ويندو آهي يا مڊل ايسٽ. ڪڏهن به اوهان ڪنهن سفير کي آمريڪا، ڪوريا، چين، برطانيه ويندي نه ٻڌو هوندو. اڄڪلهه سنڌي سفير عرب امارات ۾ خورشيد احمد جوڻيجو، ڪينيا ۾ مسرور احمد جوڻيجو، برما ۾ مسٽر قاضي، سوڊان جهڙي ”ترقي يافتا“ علائقي ۾ خالد يوسفاڻي ۽ جاپان جي هڪ ٻن شهرن ۾ قونصليٽ مقرر ٿيل آهن. ان کاتي ۾ هڪڙو ”زباني روايت“ وارو قانون پڻ هلي ٿو، جنهن موجب ڪوبه سنڌي 20 هين گريڊ کان مٿي حد پار نٿو ڪري سگهي. ان ڪري يا ته اهي نائيجيريا، جبوتي، تيونس، عمان، يمن ۽ ڪينيا وڃن يا گهر آرام ڪرڻ لاءِ خالي پني تي استعيفا ڏئي راهه رمندا رهن. عام طور سفيرن جي پوسٽنگ لاءِ، الف، ب، ت ۽ ث جا درجا مختلف ملڪن جي ترقي جي حوالي سان طئي ٿيل آهن، جڏهن ته سخت ڪيٽيگري ۾ عراق ۽ افغانستان موجود آهن. ان درجي بندي جي حساب سان هڪ آفيسر جڏهن ”الف“ ملڪ ۾ مدو پورو ڪندو ته ٻيو ملڪ کيس ”ب“ نه ملندو، پر ان بدران کيس ”ث“ يا ”ت“ ملندو، پر هتي الف کان اڳتي ڳالهه وڌي ئي نه ٿي ۽ سنڌي آفيسرن لاءِ ”ت“ ۽ ”ث“ کان مٿي قصو نه ٿو چڙهي.

    اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ۽ سمجهڻ گهرجي ته ان هڪ کاتي ۾ سنڌين جي نه هجڻ جي ڪري سڄي ولايت ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ سٺ سالن ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن يا وري انهن جي همت افزائي ڪرڻ وارو ڪوبه نٿو هجي، ان ڪري سنڌي ماڻهن جي وڃڻ جي انگ ۽ رفتار ۾ گهٽتائي رهي آهي. ان ظلم کي وري ان نئين نڪوري جملي سان پورو ڪيو ويندو رهيو آهي ته، ”سنڌي گهر کان ٻاهر نٿا نڪرن“. اوهان اڄ به عرب امارات جي ستن رياستن ۾ سڀ کان پراڻا بزنيس ڏسندئو ته اهي سنڌين جا هوندا. سئو سئو سال پراڻا دڪان شاهد آهن ته سنڌي ماڻهو پاڪستان کان اڳ به مختلف ويجهي ۽ پري جي رياستن ۾ ويندا، ڪمائيندا يا آباد ٿيندا رهيا آهن، ان سلسلي ۾ اڄوڪي سرڪار ذميواري سان مٿين خبر جي باري ۾ ضروري ڄاڻ حاصل ڪري. سنڌ جو گهرو کاتو ان سلسلي ۾ ڌارين جي ٻوڏ کي روڪڻ ۽ ان قسم جي ڪاررواين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون وقف ڪري. سنڌ جي سرڪار ان سلسلي ۾ سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن مان ايندڙ ڌارين کي روڪڻ لاءِ خاص ڪوششون ڪري. ڪيڏو نه انصاف ٿئي جي سعودي عرب جي پاڪستاني سفارتخاني جي انهن سمورن آفيسرن کي سزا ڏني وڃي، جن پاڪستان ۾ ڌارين جي ٻوڏ وڌائڻ لاءِ غيرذميواري ۽ مبينه غيرقانوني ڪرت جو استعمال ڪيو. سعودي عرب يا مڊل ايسٽ ۾ هڪ به ماڻهو شهريت حاصل ڪري نٿو سگهي. پاڪستان ۾ پنجن هزارن ۾ اهو اعزاز ڏيندڙ آفيسرن کي آخر ڪير روڪيندو؟
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جون ڪوششون

    تمام سٺي معلومات توهان ڏني آهي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو